26 اربع , سيپٽمبر 2018

آمريڪا امداد نه ڪوليشن سپورٽ فنڊ جي رقم روڪي آهي: پرڏيهي وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آمريڪا امداد نه پر ڪوليشن سپورٽ فنڊ جي اها رقم روڪي آهي، جيڪا پاڪستان دهشتگردي خلاف خرچ ڪري چڪو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهه محمود قريشي آمريڪي بچاءَ واري کاتي طرفان 30 ڪروڙ ڊالر امداد رد ڪرڻ جي فيصلي تي ردعمل ڏيندي چيو ته 5 سيپٽمبر تي آمريڪي پرڏيهي وزير پاڪستان جي دوري تي اچي رهيو آهي، ڪوشش هوندي ته پاڪ – آمريڪا لاڳاپا بهتر بڻايون، آمريڪي پرڏيهي وزير سان نئين رشتي تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي ۽ سندس خدمت ۾ پنهنجو نڪتو پيش ڪنداسين. هن چيو ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان قربانيون ڏنيون، اسان جو عزم آهي ته خطي ۽ دنيا کي دهشتگردي کان پاڪ ڪيون. سندس چوڻ هو ته آمريڪا امداد نه پر اتحادي سپورٽ فنڊ جي مد ۾ ڊالر ڏئي رهيو هو، آمريڪا کي رقم مدد لاءِ نه پر ڪوليشن سپورٽ فنڊ جي مد ۾ ڏيڻي هئي، اهو اسان جو پئسو آهي ۽ اسان خرچ ڪيو، اهو پئسو امن، استحڪام لاءِ ۽ دهشتگردي جي خاتمي تي خرچ ٿيو، هي اهو پئسو آهي جيڪو پاڪستان پنهنجي وسيلن سان خرچ ڪيو ۽ آمريڪا کي موٽائي ڏيڻو هو. شاهه محمود قريشي چيو ته آمريڪا اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ ئي فنڊ معطل ڪري ڇڏيو هو، اهو تاثر نه ڏنو ته هي ڇا ٿي ويو، اها ڪا نئين ڳالهه ناهي. هن چيو ته جي ايڇ ڪيو ۾ وزيراعظم کي ڏنل بريفنگ ملڪي مفاد ۾ آهي، پاڪستان اندرين سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته گڏيل مفادن کي نظر ۾ رکي اڳتي وڌون.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيپرا في يونٽ بجلي 1 رپيو 16 پيسا مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور اينڊ ريگوليٽري اٿارٽي( نيپرا ) في …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے