21 جمعو , سيپٽمبر 2018

شيخ رشيد جو عمران خان جي شهر ميانوالي لاءِ ريل هلائڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد وزيراعظم عمران خان جي اباڻي شهر ميانوالي لاءِ هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي. شيخ رشيد ترنول ريلوي اسٽيشن جو دورو ڪيو، جتي هن بنيادي سهولتن جو جائزو ورتو. دوري دوران شيخ رشيد ويڊيو پيغام ذريعي وزيراعظم عمران خان جي اباڻي شهر ميانوالي لاءِ هلائڻ جو اعلان ڪيو. سندس چوڻ هو ته راولپنڊي اسٽيشن کان ميانوالي ايڪسپريس جي شروعات 14 سيپٽمبر کان ٿيندي، جيڪا صبح 7 وڳي رواني ٿيندي ۽ 5 ڪلاڪن ۾ منزل تي پهچائيندي، جڏهن ته ميانوالي ايڪسپريس راولپنڊي لاءِ منجهند ٻه وڳي رواني ٿيندي. هن چيو ته ريلن تي سفر ڪندڙن کي وڌيڪ سهولتون فراهم ڪنداسين.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے