21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز | ڪورنگي: مهراڻ ٽائون جي متاثرن پاران ڪي ڊي اي خلاف احتجاج

ڪورنگي  ڀرسان ڪي ڊي اي انتظاميه اسٽيٽ ايجنٽن جي ملي ڀڳت سان قديم رهواسين جا گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا.

ڪي ڊي اي انتظاميه پوليس اٽالا ساڻ ڪري مهراڻ ٽائون ۾ ورهين کان آباد رهواسين جا گهر ڊاهي پٽ ڪيا، مزاحمت تي عورتن ۽ معصوم ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو.

هوڏانهن ڪراچي پريس ڪلب آڏو مهراڻ ٽائون جي رهواسين ڪي ڊي اي انتظاميه ۽ پوليس جي ظلم خلاف احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي.

رهواسين جو چوڻ هو ته 15 کان 25 سالن کان ويٺل هزارين خاندان مهراڻ ٽائون ۾ رهندڙ آهن، سازش تحت ڪي ڊي اي انتظاميه اسٽيٽ ايجنٽن کان ڳري رشوت وٺي جعلي ڪاعذن جي آڙ ۾ پوليس جي مدد سان گھرن کي ڊاهي پٽ ڪري ظلم ڪيو آهي.

هنن چيو ته ڪي ڊي اي انتظاميه اسٽيٽ ايجنٽن ۽ لينڊ مافيا کان ملندڙ ڳري رشوت عيوض هيوي مشينري سان گهر  ڊاهي سندن عورتن ۽ ٻارن تي تشدد پڻ ڪيو.

مهراڻ ٽائون واسين چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڪي ڊي اي انتظاميه خلاف ڪارروائي ڪري کين بي گهر ٿيڻ کان بچائين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

FlagMarch, Jamshoro

نيوز | ڄامشورو: محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ

ڄامشوري ۾ محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے