25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ڪفايت شعاري، بدعنواني جو خاتمو ۽ ميرٽ جي بالادستي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

Prime Minister Pokhisin will be Pakistan's son: Prime Ministerاسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪفايت شعاري، بدعنواني جو خاتمو ۽ ميرٽ جي بالادستي ترجيحن ۾ شامل آهي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ عمران خان جو چوڻ هو ته اسان گورننس کي تبديل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون، گذريل ڏينهن پنجاب جي وڏي وزير، صوبائي ڪابينا ۽ بيورو ڪريسي سان ٿيندڙ ملاقات فائديمند رهي، سڀني تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ڪفايت شعاري، بدعنواني جو خاتمو ۽ ميرٽ جي بالادستي ترجيحون آهن ۽ 100 ڏينهن واري پروگرام جا هدف حاصل ڪرڻ کي ترجيح ڏني ويندي. هن چيو ته ڪي پي پوليس جي اڳوڻي آءِ جي ناصر دراني سان به ملاقات ٿي، هن ڪي پي پوليس ۾ سڌارا آندا هئا. ناصر دراني پنجاب پوليس ۾ سڌارن جي ٽاسڪ فورس جي سربراهي ڪري رهيو آهي، پنجاب پوليس کي غير سياسي بڻائڻ پهرين ترجيح هجڻ گهرجي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سيف الرحمان جي  ويئر هائوس مان 20 قيمتي گاڏيون هٿ

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) ڪسٽمز انٽيليجنس روايت ويجهو مسلم ليگ ن جي اڳوڻي سينيٽر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے