26 اربع , سيپٽمبر 2018

حڪومت جو مائنڊ سيٽ صوبائي خودمختياري خلاف آهي: نثار کهڙو

پ پ اڳواڻ نثار کهڙو چيو آهي ته هاڻوڪي حڪومت مشرف جي 2002 واري اليڪشن جي ياد تازي ڪري ڇڏي آهي، حڪومت جو مائنڊ سيٽ صوبائي خودمختياري خلاف آهي.

حيدر آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نثار کهڙي چيو ته عمران خان پنهنجي 100 ڏينهن واري پلان ۾ اين ايف سي ايوارڊ جو ذڪر به ناهي ڪيو، نواز شريف 5 سال پورا ڪيا پر هن اين ايف سي ايوارڊ نه ڏنو.

هن چيو ته هاڻي آبادي وڌي وئي آهي، پر اڃا تائين اين ايف سي ايوارڊ ناهي ڏنو ويو آهي، سنڌ 75 سيڪڙو ريونيو ڏئي ٿي، پر موٽ ۾ 57 سيڪڙو ڏنو وڃي ٿو.

سندس چوڻ هو ته اين ايف سي نه ڏيڻ صوبائي خودمختياري تي حملو آهي، فاروق لغاري جو دور ورجايو پيو وڃي.

نثار کهڙي چيو ته عمران خان سڄي قوم کي هيلي ڪاپٽر واري مسئلي ۾ منجهائي رکيو آهي، اڃان تائين حڪومت پنهنجي پاليسي واضح نه ڪري سگهي آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

Jhol

نيوز | جهول: سوئي سدرن گئس ٽيم پاران مختلف علائقن ۾ ڇاپا، غير قانوني گئس ڪنيڪشن ڪاٽا

جهول ۾ سوئي سدرن گئس ٽيم پاران شهر جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي غير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے