19 اربع , سيپٽمبر 2018

وزيراعظم جو ماحوليات بابر نظريو واضح آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري وزيراعظم جي ”پلانٽ فار پاڪستان“ مهم جي حوالي سان ٻوٽو پوکيندي چيو آهي ته اڄ سڄي ملڪ ۾ 15 لک ٻوٽا پوکيا پيا وڃن. وزيراعظم عمران خان طرفان ”پلانٽ فار پاڪستان“ جي نالي سان سڄي ملڪ ۾ شروع ڪيل مهم دوران فواد چوڌري به ٻوٽو پوکيو. ان موقعي تي سندس چوڻ هو ته پاڪستان انهن ملڪن جي فهرست ۾ شامل آهي، جتي ٻيلن کي سخت نقصان پهچايو ويو آهي، تحريڪ انصاف ڪي پي ۾ بلين ٽري منصوبو شروع ڪيو هو، اسان جو هدف ايندڙ 5 سالن دوران سڄي ملڪ ۾ 10 ارب ٻوٽا پوکڻ آهي. هن چيو ته عمران خان جو ماحوليات ۽ ٻوٽن بابت نظريو واضح آهي، تحريڪ انصاف کانسواءِ ڪنهن به پارٽي ماحوليات تي ڳالهه نه ڪئي، تحريڪ انصاف جو منشور به ماحولياتي آگاهي جي حوالي سان واضح آهي، اڄ سڄي ملڪ ۾ 15 لک ٻوٽا پوکيا ويندا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسحاق ڊار کي يونيورسٽي جي بورڊ آف گورنرز جي سربراهي تان هٽائڻ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ اسحاق ڊار کي يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے