25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز |سکر: ڪاليج جي شاگردن پاران ٻئين ڏينهن به ڪلاسن جو بائيڪاٽ

Sukkurسکر ۾ ڪاليج جي شاگردن پاران ٻئين ڏينهن به ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن سب رجسٽرار کي هٽائڻ لاءِ ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي شاگردن الزام هنيو ته ڪاليج جو سب رجسٽرار ڪرپٽ آهي، جنهن ڪاليج ۾ وڏي پيماني تي ڪرپشن ڪئي آهي.

هنن الزام هنيو ته ڪرپشن خلاف آواز اٿارڻ تي سب رجسٽرار شاگرد شعيب جميل تي حملو ڪرايو، جنهن ۾ هو زخمي ٿي پيو، پر ان باوجود انتظاميه سب رجسٽرار خلاف ڪارروائي ناهي ڪئي.

شاگردن ڪاليج انتظاميه کان مطالبو ڪيو ته سب رجسٽرار الطاف ميراڻي کي هٽائي ڪارروائي ڪري، نه ته هو بائيڪاٽ ڪري احتجاج جار رکندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

NaoDero

نيوز | نئون ديرو: اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا ڦري ويا

نئين ديري ۾ اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا روڪ رقم ڦري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے