21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز |نوابشاهه: شاگردياڻي جو استاد پاران حراسان ڪرڻ تي احتجاج

نوابشاهه شهيد بينظر ڀٽو جي شاگردياڻي الزام هنيو آهي ته انگريزي شعبي جو ليڪچرار ناجائز لاڳاپن لاءِ بيلڪ ميل ڪري رهيو آهي، وي سي به سندس سرپرستي ڪري رهيو آهي.

پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۾ ايم اي انگريزي جي شاگردياڻي فرزانه جمالي الزام هنيو ته کيس پڙهائيندڙ استاد ڇهن مهينن کان هيسائي رهيو آهي، شڪايت وي سي کي ڏني، پر وي سي به استاد جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته هوءَ ڳوٺ جي واحد ڇوڪري آهي جنهن برادري جي سخت مخالفت باوجود يونيورسٽي سطح تي تعليم پرائي رهي آهي، ۽ ڪلاس ۾ ٻئين پوزيشن ماڻي آهي، پر استاد هيسائي تعليمي ڪريئر تباهه ڪرڻ چاهين ٿا.

سندس چوڻ هو ته هيسائڻ واري معاملي جي شڪايت سندس والد وي سي وٽ کڻي ويو، پر وي سي کيس چيو ته ڇوڪري اڪيلائي ۾ ملي ته مسئلو حل ڪيو ويندو.

شاگردياڻي الزام هنيو ته يونيورسٽي اتنظاميه سندس والد تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪري لاڪپ ڪرائي ڇڏيو آهي.

شاگردياڻي چيف جسٽس ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نياڻين کي هيسائيندڙ ليڪچرار ۽ وي سي کي هٽائي انصاف ڪن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Ghauspur: Tribute to martyrs of Karbala

نيوز: غوثپور:ڪربلا جي شهيدن کي ڀرپور  ڀيٽا پيش

*غوثپور ۾  به سنڌ جي ٻين شهرن جيان ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے