18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز |ڪوٽڏيجي: وياجين جو آزار ، وياج جا پئسا نه ڏيڻ تي پورهيت کي وياجين جو ڪٽڪو

Kotdijiڪوٽڏيجي ۾ وياجين جو آزار  وڌي ويو، وياج جا پئسا نه ڏيڻ تي پورهيت کي  وياجين ڪٽڪو ڏنو، پورهيت جي فرياد تي جواري خلاف اين سي داخل ڪئي وئي آهي.

نارو ڍورو شگر مل ڀرسان ويٺل محمد پنجل گوپانگ ڪوٽڏيجي ميڊيا آفيس پهچي داهيندي چيو  تھ سندس گهر ۾ برادري جا وياجي گهڙي کيس مارڪٽ ڪئي.

هن چيو تھ  برادري جي باثر وياجي کان سندس ڀائٽي 7 هزار رپيا وياج تي ورتا هئا، جنهن جي موٽ ۾ وياجي کي 20 هزار رپيا ڏنا آهن.

متاثر داهيندي چيو تھ هاڻي وياجي 30 هزار رپيا گهري رهيا آهن نھ ڏيڻ تي کيس سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي.

هنن ايس ايس پي خيرپور عمر طفيل کان مطالبو ڪيو تھ  معاملي جو نوٽِس وٺي  بااثر وياجين مان جان آجي ڪرائي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | گاجي کهاوڙ: ڳوٺ خان محمد کهاوڙ مان  قديمي سيج ۽ جلوس برآمد ڪيو ويو

گاجي کهاو لڳ ڳوٺ خان محمد کهاوڙ مان  قديمي سيج ۽ جلوس برآمد ڪيو ويو، انجمن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے