26 اربع , سيپٽمبر 2018

سڄي ملڪ ۾ بليو ويل ۽ مومو گيمن تي پابندي لاڳو

Restrictions on billions of widespread and mummy groups across the countryڪراچي(ويب ڊيسڪ) آءِ ٽي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي سڄي ملڪ ۾ بليو ويل ۽ مومو جهڙين سافٽ وئير ۽ سوشل گيمن جي استعمال تي پابندي لڳائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا جي رپورٽن موجب وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي آپگهاتي واقعن جو سبب بڻجندڙ گيمن خلاف وڏو فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ سڄي ملڪ ۾ بليو ويل ۽ مومو جهڙين سمورن سافٽ وئيرن ۽ سوشل گيمن جي استعمال تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي. ڪراچي ۾ آءِ ٽي ۽ سافٽ ويئر ڊويلپرز ماهرن جي وفد سان ملاقات ۾ آءِ ٽي واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ بليو ويل ۽ مومو جهڙين سافٽ ويئر(سوشل گيمن) جي ڪا به گنجائش ناهي، اهڙي طرح سافٽ ويئرز نوجوانن تي تباهي ۽ دنيا ۾ موت جو سڀ کان وڏو سبب بڻجي رهيا آهن. وفاقي وزير چيو آهي ته ان حوالي سان قانون سازي ڪنداسين جڏهن ته اهڙن پروگرامن کي بڻائڻ، پکيرڻ ۽ استعمال ڪرڻ سائبر ڏوهه قرار ڏنو ويندو ۽ اهڙن ماڻهن کي سخت سزائون ڏنيون وينديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے