25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز |سکر: نمائش گرائونڊ واري علائقي ۾ گٽرن جو گندو پاڻي روڊن تي ڪاھي پيو، احتجاج

Sukkurسکر جي نمائش گرائونڊ واري علائقي ۾ گٽرن جو گندو پاڻي روڊن تي ڪاھي پيو علائقي واسين  ميونسپل انتظاميه خلاف  احتجاجي  مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي.

شهرين  مفتي محمد اعظم مھر،  عمران علي سامٽيو،  راجه خان مھر،   ممتاز علي شيخ  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي احتجاج ڪندڙن  چيو تھ  گذريل ٻن ھفتن کان گٽرن ۽  نالين جي صفائي نه ڪئي وئي آھي جنھن سبب گٽرن جو گندوپاڻي روڊن تي ڪاھي پيو آھي.

ھنن چيو ته  اسڪولن ڏانھن ويندڙ ٻارڙن کي   سخت پريشاني پيش اچي ٿي جڏھن ته  نمازين کي پڻ مسجد ڏانھن وڃڻ ۾ پريشاني ٿي رھي آھي.

احتجاج ڪندڙن چيو تھ  سکر جي  ڊپٽي  ميئر ۽ ميونسپل انتظاميه  شڪايتون ڪرڻ باوجود  اڃاتائين گٽرن جي صفائي ۽ روڊن تان گندو پاڻي نيڪال  ناھي ڪيو.

ھنن مطالبو ڪيو ته  گندو پاڻي نيڪال ڪيو وڃي  ٻي صورت ۾ ميئر آفيس آڏو ڌرڻو ھنيو ويندو..

هي به ڏسي سگهو ٿا

NaoDero

نيوز | نئون ديرو: اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا ڦري ويا

نئين ديري ۾ اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا روڪ رقم ڦري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے