20 خميس , سيپٽمبر 2018

اسلام آباد ڪورٽ: 30 آگسٽ جي عدالتي ڪارروائي خلاف نواز شريف جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 30 آگسٽ جي عدالتي ڪارروائي خلاف نواز شريف جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي،  جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل بئنچ ٻڌڻي ڪندي.  نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث العزيزيه ريفرنس ۾ واجد ضياءَ جي بيان ۾ مبينا تبديلي خلاف اسلام آباد هاءِ  ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته آڏي پڇا دوران واجد ضياءَ جي بيان ۾ تبديلي ڪئي وئي، عدالت کي درخواست آهي ته 30 آگسٽ تي رڪارڊ ڪيل واجد ضياءَ جي بيان جي لاڳاپيل حصي کي ختم ڪيو وڃي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ هلندڙ هفتي لاءِ ڪاز لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل بئنچ جوڙي وئي آهي. ڊويزنل بئنچ سڀاڻي نواز شريف جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے