20 خميس , سيپٽمبر 2018

فواد حسن فواد عدالت ۾ روئي ويٺو، جسماني رمانڊ ۾ واڌ

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور جي احتساب عدالت اختيار اورانگهڻ ۽ آشيانه هائوسنگ اسڪينڊل ۾ ملوث وزيراعظم جي اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد جي جسماني رمانڊ ۾ 10 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.احتساب عدالت جي جج نجم الحسن فواد حسن فواد خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران فواد حسن فواد خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جج پڇاڻو ڪيو ته توهان کي قيد ۾ ڪا تڪليف ته ناهي قيد ته قيد هوندو آهي پر توهان کي طبي سهولتون آهن، فواد حسن فواد چيو ته 30سالن کان چيلهه جي سور ۾ مبتلا آهيان،نيب جي قيد ۾ دوائون ملي رهيون آهن پر خوف آهي ته شگر نه ٿي وڃي. عدالت فواد حسن فواد جو رمانڊ ڏيندي کيس هڪ دفعو ٻيهر 11سيپٽمبر تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے