18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ڪنهن کي ڊڄڻ جي ضرورت ناهي، اسان انصاف لاءِ هتي ويٺا آهيون: چيف جسٽس

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته عوام کلي پنهنجي تڪليف جو اظهار ڪري، ڪنهن کي به ڊڄڻ جي ضرورت ناهي، اسان انصاف لاءِ ويٺل آهيون. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽريءَ ۾ مختلف ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي وئي. ڪراچيءَ جي علائقي ڪورنگي جي رهائشين پنهنجي گهرن کي ڊاهڻ خلاف عدالت ٻاهران احتجاج ڪيو ته چيف جسٽس ميان ثاقب نثار مظاهرين جي وفد کي گهرائي ورتو. درخواستگذارن جو چوڻ هو ته سندن گهرن کي ڊاٿو پيو وڃي، ڪي ڊي اي وارا چون ٿا ته اسان جا گهر چائنا ڪٽنگ تي قائم آهن،ڪيترن ئي شهرين کي ڪي ڊي اي نوٽيس به ڏئي ڇڏيا آهن، جيتوڻيڪ چائنا ڪٽنگ هئي ته الاٽمينٽ ڇو ڏني وئي، اسان کي انصاف ڏنو وڃي ۽ اسان جي گهرن کي ڊاهڻ کان بچايو وڃي. چيف جسٽس وفد کي خاطري ڪرائي ته مان ميڊيا تي توهان جو احتجاج ڏٺو آهي ڪنهن کي به ڊڄڻ جي ضرورت ناهي، اسان انصاف لاءِ ئي هتي ويٺا آهيون،مان چاهيان ٿو ته عوام کليل نموني پنهنجي تڪليفن جو اظهار ڪري، معاملي جو تفصيل سان جائزو ورتو ويندو ۽ جن ماڻهن جا گهر قانون موجب آهن کين مسمار نه ڪيو ويندو. چيف جسٽس ڪي ڊي اي کي فوري ڪارروائي کان روڪيندي هڪ مهيني ۾ رويونيو بورڊ، ڪي ڊي اي ۽ ٻين اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٻارن جي اغوا بابت خبرن جي سچائي ناهي: ايڊيشنل آءِ جي امير شيخ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايڊيشنل آءِ جي امير شيخ چيو آهي ته ٻارن جي اغوا جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے