19 اربع , سيپٽمبر 2018

صدارتي چونڊون ۽ ملڪ جو سياسي منظر نامو

زاهد ميراڻي

پارلياماني نظام جي حوالي سان پاڪستان ۾ جيتوڻيڪ صدارتي نظام لاڳو نه آهي پر تنهن هوندي به پارلياماني سياسي نظام جي اها مجبوري هوندي آهي ته رياست جي نمائندگيءَ لاءِ صدر جو عهدو موجود رکيو وڃي ٿو، جڏهن ته پارلياماني جمهوري نظام ۾ عوام ووٽن ذريعي سڌو سنئون نمائندا چونڊيندا آهن جيڪي چونڊجڻ بعد اسيمبلين ۾ اچي صوبائي سطح تي وزير اعلى ۽ مرڪزي سطح تي وزير اعظم چونڊيندا آهن، جڏهن ته وري اقتدار ۾ چونڊجي آيل پارٽيون پنهنجي اڪثريت جي حوالي سان صدر چونڊينديون آهن، جيئن پاڪستان ۾ ٿيندو آهي، صدر چونڊڻ لاءِ ووٽن جو انگ ۽ طريقيڪار ٿورو مختلف هوندو آهي، پاڪستان چئن صوبن تي مشتمل هڪ وفاق آهي دنيا ۾ جتي به وفاقي ملڪ هوندا آهن اتي گهڻي قدر صدارتي نظام هوندا آهن ۽ مرڪزي طور تي ڪانگريس ۽ سينيٽ جهڙا ادارا هوندا آهن جيڪي مرڪزي طور تي فيصلا ڪندا آهن، جڏهن ته وفاق جا سمورا يونٽ پنهنجي حيثيت ۾ جهڙوڪر خودمختيار هوندا آهن ايتري قدر جو انهن جي ڪرنسي جو ملهه به مرڪز جي ڪرنسيءَ جي ملهه کان گهٽ وڌ ٿي سگهي ٿو، دنيا ۾ وفاقي ملڪن جي حوالي سان سڀ کان بهترين مثال آمريڪا جو آهي ۽ ان بعد هندستان چئي سگهجي ٿو، جتي وفاقي يونٽن کي ڪيترائي حق حاصل آهن ۽ فيصلن ڪرڻ جا اختيار به پڻ آهن،  اهو ئي سبب آهي جو هندستان جي جمهوريت جيتوڻيڪ پارلياماني آهي تنهن هوندي به ترقي ڪندڙ ۽ مضبوط جمهوريت آهي جنهن جا ثمر اتي جي عوام کي ملي رهيا آهن.

پاڪستان ۾ 13- هين صدر جي چونڊ پنهنجي آخري مرحلي ۾ آهي، پاڪستان جو پهريون صدر اسڪندر مرزا هو ۽ آخري صدر ممنون حسين آهي جيڪو هن وقت تائين صدارت جي مسند تي فائز آهي، جڏهن ته چوڏهين صدر جي چونڊ ٿيڻ واري آهي.

پاڪستان ۾ صدر جو عهدو جهڙوڪر هڪ نمائشي عهدو هوندو آهي، آئيني حد بندين جي باوجود اهو اندازو نه ٿيندو آهي ته صدر، وزير اعظم جون سرگرميون پيو ادا ڪري ۽ وزير اعظم صدر جون سرگرميون ادا پيو ڪري، گذريل حڪومتن ۾ آصف علي زرداريءَ سميت آمريتي دورن جي صدرن جو ڪردار ڪنهن حد تائين عوامي رهيو آهي، بجاءِ رياستي هجڻ جي، جڏهن ته وزير اعظم هوندي محترمه بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جو ڪردار ايتري قدر ته عوامي ۽ رياستي رهيو آهي جو  جهڙوڪر انهن جي ڪردار ڪري صدر جي عهدي ۽ ڪردار جي اهميت جو اندازو گهٽ ئي ٿيندو پئي رهيو آهي.

پاڪستان ۾ ٿيندڙ 2018ع جي چونڊن بعد حڪومت سازيءَ جا صوبن توڙي مرڪز ۾ سمورا مرحلا مڪمل ٿي چڪا آهن، هاڻي وڃي صدر جي چونڊ جو مرحلو باقي رهي ٿو جنهن لاءِ سمورين پارٽين جون سرگرميون جاري آهن، انهن سڀني پارٽين مان تحريڪ انصاف جو صدر جي عهدي لاءِ انتهائي مضبوط اميدوار آهي جڏهن ته مخالف ڌر جون پارٽيون پڻ گڏيل طور تي صدارتي اميدوار آڻڻ لاءِ ڪوششن ۾ آهن. صدر جي چونڊ وزير اعظم جي چونڊ کان ڪنهن حد تائين مختلف هوندي آهي جنهن لاءِ هڪ اليڪٽوريل ڪالج جوڙيو ويندو آهي جنهن تحت صدر جي عهدي جي چونڊ لاءِ سينيٽ جي هر ميمبر جو هڪ هڪ ووٽ، قومي اسيمبليءَ جي ميمبر جو هڪ هڪ ووٽ، ڳڻيو ويندو آهي جڏهن ته باقي چئني صوبائي اسيمبلين جا ووٽ ملڪ جي صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبرن جي حوالي سان سڀ کان ننڍي صوبي بلوچستان جنهن جي اسيمبليءَ جا ڪُل 65 ميمبر آهن، ان حساب سان هر اسيمبليءَ جا 65- 65 ووٽ ڳڻيا ويندا ، انهيءَ حساب سان مجموعي طور تي 706 / ووٽ ٿين ٿا جن تي صدارتي چونڊن لاءِ هڪ اليڪٽوريل ڪاليج جوڙيو وڃي ٿو، انهن 706/ ووٽن مان اڪثريتي ووٽ حاصل ڪندڙ اميدوار صدارتي عهدي لاءِ ڪامياب قرار ڏنو ويندو آهي.

جڏهن ته حقيقت ڪجهه هن طرح سان آهي، صدر جي چونڊن لاءِ ووٽرز جو مجموعي گهربل انگ 636 آهي پر جيڪي ووٽ ڪاسٽ ٿي سگهندا انهن جو انگ 614 آهي، ڇو جو قومي اسيمبليءَ جون 11، پنجاب اسيمبليءَ جون 13 سيٽون خالي آهن، بلوچستان ۽ سنڌ اسيمبليءَ جون 2، 2، ۽ خيبر پختونخواهه جو 9 سيٽن تي ضمني چونڊون ٿينديون، جڏهن ته فقط سينيٽ جون 104 سيٽون مڪمل آهن.

عام چونڊن بعد حڪومت سازيءَ جا سمورا مرحلا طئي ٿيڻ بعد هاڻي سموريون پارٽيون صدارتي اميدوار نامزد ڪرڻ بعد ان جي ڪاميابيءَ لاءِ ڪوششن ۾ آهن، اڪثر اتحادي حڪومتن ٺهڻ بعد جهڙوڪر صدر جي چونڊ جو عمل ڪنهن حد تائين مشڪل ٿي ويو آهي، مسلم ليگ ( ن ) جي اڳئين حڪومت جيئن ته مرڪز ۽ پنجاب ۾ اڪثريتي حڪومت هُئي تنهنڪري ان کي صدر چونڊڻ ۾ ڪا گهڻي تڪليف نه ٿي هُئي، پر هاڻي صورتحال مختلف آهي. صدارتي اميدوار لاءِ تحريڪ انصاف پاران عارف علويءَ جو نالو تجويز ڪيو ويو جيڪو صدارتي چونڊ لاءِ هڪ بهترين ۽ مضبوط اميدوار آهي، ان بعد پيپلز پارٽيءَ پاران اعتزاز احسن جي نالي تي اسرار ڪيو پئي پيو، جڏهن ته ٻيون جماعتون مولانا فضل الرحمان جي نالي تي متفق نظر اچي رهيون آهن. گڏيل مخالف ڌر جي سمورين پارٽين جون ڪيئي گڏجاڻيون ٿيون پر ڪنهن به اجلاس ۾ ڪنهن به هڪ نالي تي اتفاق ٿي نه سگهيو ، پر سمورن اجلاسن ۾ تقريبن ان مسئلي تي ڳالهه ٻولهه ٿي ته تحريڪ انصاف جيڪا پهريون دفعو اقتدار ۾ آئي آهي ان کي ٽف ٽائم ڪيئن ڏجي.

گڏيل مخالف ڌر پاران سڀ کان پهريان پيپلزپارٽيءَ جي اڳواڻ اعتزاز احسن جو نالو تجويز ڪيو ويو جنهن تي گڏيل مخالف ڌر جي تقريبن سمورين پارٽين اتفاق نه ڪيو ان ۾ مسلم ليگ ( ن ) پڻ آهي، خبر ناهي مسلم ليگ ( ن ) سميت ٻين پارٽين کي اعتزاز احسن جي نالي تي اعتراض ڇو آهن، اعتزاز احسن اهو سياسي ماڻهو آهي جنهن جون جمهوريت لاءِ اڻ ڳڻيون قربانيون آهن، اعتزاز احسن اهو ماڻهو آهي جيڪو 2002ع جي چونڊن ۾ مسلم ليگ ( ن ) ۽ پيپلز پارٽيءَ جو گڏيل صدارتي اميدوار هيو، اعتزاز احسن اهو ماڻهو آهي جيڪو سپريم ڪورٽ ۾ ( ن ) ليگ جا ڪيس وڙهندو رهيو آهي، هي اهو ئي اعتزاز احسن آهي جنهن لاءِ مخالف به اهو چوندا رهيا آهن ته هو نظرياتي سياست جو محافظ آهي، هي اهو ئي اعتزاز احسن آهي جنهن تي ڪرپشن جو ڪوبه ڪيس داخل نه آهي، جنهن جي ايمانداريءَ تي ڪوبه شڪ ڪري نه ٿو سگهجي. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن صدارتي عهدي لاِ نامزدگيءَ بعد اعتزاز احسن جو نالو واپس ورتو ويو ته اها نظرياتي سياست سان زيادتي ٿيندي.

موجوده سياسي صورتحال ۾ صدارتي چونڊن لاءِ ووٽن جو هڪ وڏو انگ مسلم ليگ ( ن ) وٽ به آهي ۽ مسلم ليگ ( ن ) صدر جي اميدوار لاءِ اعتزاز احسن جي نالي تي اتفاق نه پئي ڪري، مسلم ليگ (ن ) جي اهڙي انڪار کي انهن لفظن ۾ بيان ڪري سگهجي ٿو ته مسلم ليگ ( ن ) هن وقت ملڪ جي ڪنهن به قانوني دائري ۾ فٽ نه پئي ٿئي، ۽ ڪرپشن وارن ڪيس سبب هاڻي اهو نه ٿو لڳي ته مسلم ليگ ( ن ) جي ڪا رهائي به ٿي سگهندي تنهنڪري مسلم ليگ ( ن ) کي مستقبل ۾ اهڙو صدر گهرجي جيڪو  مستقبل ۾ سندن جي ڪرپشن ڪيسن ۾ مددگار ٿي سگهي.

اعتزاز احسن جي صدارتي اميدوار طور نامزدگيءَ تي اعتراضن بعد جهڙوڪر پيپلز پارٽي گڏيل مخالف ڌر کان ڌار ٿي وئي ۽ پوءِ باقي بچيل مخالف ڌر فضل الرحمان کي مخالف ڌر جو صدارتي اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو، ۽ انهيءَ راءِ جو اظهار ڪيو ته پيپلز پارٽيءَ کي پڻ فضل الرحمان جي حمايت ڪرڻ لاءِ منٿ ميڙ ڪنداسين. جڏهن ته پيپلز پارٽي اعتزاز احسن کي صدارتي اميدوار نامزد ڪري ان لاءِ چونڊ مهم هلائڻ لاءِ بضد آهي،

مجموعي طور تي جيڪي ٽي مضبوط اميدوار صدارتي اميدوار طور بيٺل آهن، انهن ۾ عارف علوي تحريڪ انصاف، اعتزاز احسن پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ مولانا فضل الرحمان گڏيل مخالف ڌر پاران جنهن کي مسلم ليگ ( ن ) جي پڻ مڪمل حمايت حاصل آهي.

آخري اطلاعن تائين صدارتي چونڊن لاءِ جن اميدوارن نامزدگي فارم جمع ڪرايا هيا انهن ۾ عارف علوي، مولانا فضل الرحمان ۽ اعتزاز احسن سميت ڪجهه ميمبر ٻيا به هيا جن جا فارم رد ٿيا آهن، جڏهن ته ٽنهي اميدوارن جي ڪاميابيءَ لاءِ ووٽن جي نمبر گيم پڻ انتهائي دلچسپ مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي بلوچستان اسيمبليءَ جي ووٽن سبب تحريڪ انصاف کي گڏيل مخالف ڌر تي برتري حاصل آهي، امڪان اهو آهي ته تحريڪ انصاف کي سينيٽ سميت سمورين صوبائي ۽ قومي اسيمبليءَ مان مجموعي طور تي 361 ووٽ جڏهن ته سموري مخالف ڌر کي 307 ووٽ ملڻ جا امڪان آهن. سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيبلين جي چونڊن بعد هاڻي جهڙوڪر صدر جي چونڊ لاءِ سياسي سرگرمين جو سلسلو جاري آهي.

بلوچستان اسيمبليءَ جي ووٽن ڪري تحريڪ انصاف جي سياسي صورتحال تمام گهڻو مضبوط آهي، جڏهن ته مخالف ڌر هن وقت تائين بلوچستان مان ڪوبه ووٽ کڻندي نظر نه پئي اچي ، ٻئي پاسي چئني صوبائي اسيمبلين ، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان تحريڪ انصاف کي مجموعي طور تي 361 ووٽ حاصل ٿيڻ جا پڪا امڪان آهن ۽ فرض ڪريو جيڪڏهن تحريڪ انصاف جي مقابلي ۾ سموريون مخالف ڌر جون پارٽيون هڪ ٿي به وڃن تڏهن به سندن جا 307 ووٽ ٿين ٿا. جنهن مان صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته تحريڪ انصاف جي اميدوار جي صدارتي چونڊ ۾ ڪاميابيءَ جا پڪا امڪان آهن.

صدارتي چونڊن لاءِ باظابطه طور تي نامزدگي فارم جمع ٿيڻ بعد چيف اليڪشن ڪمشنر بطور ريٽرنگ آفيسر جمع ٿيل ڪاعذن جي اسڪروٽني ڪئي جنهن بعد داخل ٿيل فارمن مان عمران احمد، مير افضل، بلال رحمان، امجد آفريدي، محمد اشفاق جا داخل ڪيل فارم رد ڪيا ويا. جڏهن ته عارف علوي، اعتزاز احسن ۽ مولانا فضل الرحمان جا فارم منظور ڪيا ويا، چيف اليڪشن ڪميشن 4- سيپٽمبر تي ٿيندڙ صدارتي چونڊن لاءِ سمورن انتظامن کي آخرين شڪل ڏئي ڇڏي آهي، اليڪشن ڪميشن جي ترجمان الطاف احمد خان موجب پولنگ پارليامينٽ هائوس اسلام آباد، پنجاب اسيمبلي لاهور، سنڌ اسيمبلي ڪراچي، خيبر پختون خواهه اسيمبلي پشاور ۽ بلوچستان اسيمبلي ڪوئيٽا سميت 5 هنڌن تي ٿيندي.

اليڪشن ڪميشن جي اڳوڻي سيڪريٽري ڪنور دلشاد جو چوڻ آهي ته الڪٽوريل ڪاليج جي ذريعي ڳجهي راءِ شماريءَ ذريعي صدر جي چونڊ ٿيندي. واضع رهي ته 18- آئيني ترميم بعد پارليامينٽ کي ٽوڙڻ جا صدر جا يڪطرفه اختيار مڪمل طور تي ختم ٿي ويا آهن. هُن وڌيڪ چيو ته اها هڪ معمول جي ڳالهه آهي ته صدر هميشه حڪمران جماعت جو ئي هوندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنيهو سچ جو منور علي منور ڪيهر جي شاعريءَ جي ڪتاب جو تعارف:ايل بي سولنگي

منور علي منور ڪيهر جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ سان آهي. آگاڻي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے