18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ٿر، سنڌ جو سياحتي مرڪز بڻجي ٿو سگھي

زيد پيرزادو

زندگي تمام مختصر آھي جيتريون يادگيريون بڻائي سگھو بڻائي وٺو

اسان ڪراچيءَ وارا اڪثر ڪري عيدون گھرن ۾ دعوتون کائي ۽ کارائي گذاري ڇڏيندا آھيون. ھن ڀيري اسان عيد وارين موڪلن کي وڌيڪ يادگار بڻائڻ جو پروگرام ٺاھيو۽ ٿرپارڪر گھمڻ لاءِ نڪري پيا سي. اسان کي اندازو نه ھيو ته ھي ٽوئر ڪو ايترو حسين ۽ يادگار ثابت ٿيندو.

ڪراچي کان مٺي ڪار آڏو فقط چئن ڪلاڪن جو پنڌ آھي. پوين ڏھن سالن ۾ پ پ پ حڪومت سنڌ ۾ روڊ رستن جو سٺو ڪم ڪرايو آھي. ڪراچي کان ٺٽو ۽ سجاول تائين روڊ بھترين ھيو. باقي بدين واري حصي ۾ ڪٿي سٺو روڊ ھيو ۽ ڪٿي خراب پيو ملي. پر جيئن ئي بدين کان پوءِ ٿر جو علائقو شروع ٿيو ته روڊ ته نه ھيو جھاز جو رن وي پيو لڳي. ماڻھو اڪثر لاھور ۽ اسلام آباد جي روڊن جي تعريف ڪندا آھن ٿر ۾ مٺي کان سلام ڪوٽ تائين روڊ لاھور۽ اسلام آباد جي روڊن سان مقابلي وارو ھيو. باقي سلام ڪوٽ کان ننگر وارو روڊ اڌ تائين ته سٺو ھيو پر آخري 40 ڪلوميٽرکن صفا خراب ھيو. سنڌ گورنمنٽ کي گھرجي ته گھٽ ۾ گھٽ ننگر تائين روڊ سٺو ٺھرائين ته جيئن ننگرتائين سفر آرام سان ڪري سگھجي. باقي واپسي ۾ ماتلي شھر مان گذر ٿيو ۽ ڏسي ڏاڍو افسوس ٿيو ته شھر جو مين روڊ ئي صفا ڀڳل ٽٽل ھيو

بدين ڪراس ڪري جيئن ئي ٿر پارڪر جي حد ۾ داخل ٿيا سين ته ڄڻ دنيا ئي ٻي ھئي. روڊ جي ٻنھي پاسي ڀٽون سايون لڳيون پيون ھيون. جيئن يورپ ۾ توھان ٽرين ذريعي سفر ڪندا آھيو ته ٻنھي پاسي لش گرين لينڊ اسڪيپ ڏسڻ لاءِ ملندو آھي. ايئن ئي ٿر جي سفر ۾ توھان کي يورپ وارو لينڊ اسڪيپ نظر ايندو. باوجود انجي جو ھن سال ٿر ۾ تمام گھٽ مينھن پيو آھي پر پوءِ به ساوڪ زمين ڦاڙي ٿر کي سھڻو  بڻائي رھي ھئي. ٿر جي زمين ريگستاني ھجڻ باوجود تمام زرخيز آھي. جنھن سال مينھن ڪجهھ وڌيڪ وسندا آھن ته ٿر جي خوبصورتي جو پوءِ ته ڪو مقابلو ئي نه ڪري سگھندو آھي.

پاڪستان جا ماڻھو اڪثر فيمليز وٺي ڪشمير، مري، اسلام آباد، گِلگت، سوات جا دورا ڪندا آھن جڏھن ته ٿر اسان لاءِ ھڪ بھترين سياحتي مرڪز بڻجي سگھي ٿو.ٿر جو سفر ھڪ مختلف تجربوآھي. ٿر کي اھڙي سياحتي مرڪز بڻائڻ سان خود ٿر ۽ ان جي ماڻھن کي وڏي ترقي ۽ خوشحالي ملندي.

ٿر جو علائقو ٽنھي صورتن ۾ ڏسڻ وٽان آھي. ھڪ جڏھن اتي ڪا به ساوڪ نه آھي ۽ ريگستاني منظر آھي. ٻيو جڏھن ڪجهھ برسات پوي ٿي ۽ ٿر اڌ سائو ۽ اڌ ريگستاني وارو منظر پيش ڪري ٿو ۽ ٽيون جڏھن سٺي برسات پوي ٿي ۽ ٿر مور جھڙو خوبصورت بڻجي ٿو وڃي. ٿر جي ان برسات واري موسم جا سڀ منتظر رھندا آھن.

ننگر ۾ روپلو ڪولھي ريسٽ ھائوس تمام سھڻي عمارت آھي جنھن ۾ ڏھ اي سي ۽ ڏھ بغير اي سي ڪمرا آھن جيڪي ثقافت کاتي جي وزير سردار شاھ جي ڪوششن جو نتيجو آھن. آگسٽ جي مھيني ۾ ٿر جي موسم ڪراچي جھڙي لڳي. جھڙ لڳوپيو ھيو ۽ ھوا مسلسل لڳي رھي ھئي. خاص طور تي رات جو مٺي ۾ گڊي ڀٽ تي ھوا ڄڻ مساج ڪري رھي ھئي. گڊي ڀٽ تان جڏھن ھيٺ شھر کي ڏسجي ٿو ته ستارن جو ھڪ جھرمٽ آھي. آسمان ڄڻ  زمين تي لھي آيو ھجي

ٿر جي ڪارونجھر جبل، اسلام آباد جي دامن ڪوھ وارو منظر ياد ڏياري ڇڏيو. ڪارونجھر جبل جا اٺ رنگ آھن ڳاڙھو، ڪارو، ڦڪو، ناسي وغيره . مينھن کان پوءِ ھي جبل به سائو ويس ڍڪي ٿو ڇڏي. ڪارونجھر جبل جي چڙھائي لاءِ روڊ موجود ھيو. اندر به ڪجهه ترقياتي ڪم هلندڙ ھيو. جبل ۾ سارڌڙي جو مندربه ھيو جنھن تي وڏو ميلوپڻ لڳندو آھي.

ٿر جو چونئرو به  ڏسڻ جھڙي شيءِ آھي. پنھنجي انداز ۾ اھڙو مختلف گھر شايد ئي دنيا ۾ ڪٿي ھجي. ٿر جي ڳئون به پرڪشش نظرآئي. ان جا وڏا وڏا سڱ سڀني جي نگاھن جا مرڪز ھئا. رڍار، ڌنار، ٻڪرار جڏھن ڌڻ وٺي نڪرن ٿا ۽ جانور ڇڙوڇڙ ٿي گاھ چرن ٿا ته ھڪ دلڪش منظر بڻجي ٿو وڃي. ٿر ۾ مور به جام ٿا نظر اچن جيڪي ٿر جي خوبصورتي ۾ چنڊ جو ڪردار ادا ٿا ڪن. ٿر جي عورت جو منفرد لباس اڇا وڏا چوڙا ٿري ثقافت جي خاص نشاني آھي.

روپلو ڪولھي جي شھادت وارو ھنڌ جنھن کي انور پيرزادي، منظور چانڊيو ۽ ٻين دوستن سان نواز علي کوسو جي مدد سان ڳولي لڌو ھيو تنھنکي هاڻي چوڌاري ڪوٽ ڏئي تاريخي سائيٽ طور محفوظ ڪيو ويو آھي

ٿر جي لوڪ موسيقي به تمام گھڻي زرخيز آھي. ٿر جي ڀٽن مان درديلي صدا اڀري ٿي جيڪا ماڻھو جو اندر چيري روح کي ڇھي ٿي وڃي. ٿر الائي ڪيترا فنڪار پيدا ڪيا آھن جھڙوڪ مائي ڀاڳي، صادق فقير، شفيح فقير، مائي ڌائي، يوسف فقير. اڻ کٽ موسيقي جي ھڪ ڊگھي قطار آھي. ھن ڀيري اسان ڪاسبي ۾ يوسف فقير کي ٻڌو جيتوڻيڪ ھو طبيعت جي خرابي سبب فقط چار ڪلام ٻڌائي سگھيو پر ڪلاسيڪل گائيڪي ۾ ٻڏل اھي ڪلام ھاڻي به ذھن ۾ وڄي رھيا آھن.

پاڪستان ۽ ھندوستان جو ٻه قومي نظريي تحت ورھاڱو ٿيو ھيو پر ٿر ۾ ھندو۽ مسلمان پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي رھيا پيا آھن انھن  جو پاڻ ۾ ڪو به ويرناھي. ڀوڏيسر ۾ جين مندر ۽ مسجد ٻئي گڏوگڏ نظر آيا. ٿر جي ھڪ اھم ڳالهھ ھتان جوامن امان آھي. ٿر ۾ بدامني بلڪل به نه آھي. ڏوهن جو انگ بنھه گھٽ آھي جنھنڪري ھتي شھرن جي مقابلي ۾ وڌيڪ سڪون آھي. منھنجي بابا انور پيرزادي ھڪ ڀيري پئي ٻڌايو ته ”اسان ٿر ۾ ھڪڙي ڪراڙي کان پڇيو ته ٿر ۾ ته ڪجهھ به ڪونه آھي رڳو واري ئي واري آھي پوءِ به توھان ھتي رھيا پيا آھيو. ته ڪرااڙي مون کان پڇيو ته ابا تون ڪٿان آيو آن. مان چيومانس ته ڪراچي مان. ته ڪراڙي جواب ڏنو ته جتي روز ڌماڪا ٿيندا آھن ۽ ماڻھو ماڻھو کي ماريندا آھن. شابس ٿوَ جو اھڙي علائقي ۾ ٿا رھو“.

دبئي به ريگستان آھي پر اتان وارن ان ريگستان کي دبئي بڻائي ڇڏيو. دبئي ۾ ڊيزرٽ سفاري نالي ھڪ ٽرپ ڪرائيندا آھن جنھن ۾ فور وھيل جيپ فيمليز کي ڀٽن جا چڪر ڏياريندي آھي جيڪو سڀني لاءِ تفريع جو ھڪ انوکو انداز ھوندو آھي. ٿر جي ڀثن تي اھوڪم بنا ڪنھن سيڙپڪاري جي آساني سان ڪري ٿو سگھجي

ننگر پارڪر ۾ ٻه رينجرز جون چوڪيون نظر آيون جيڪي ھر ايندڙ ويندڙ جو اندراج ڪري رھيون ھيون. انھن چوڪين کي بارڊر واري پاسي ڏي منتقل ڪرڻ گھرجي.

ڪارونجھر جبل اھم سياحتي علائقو آھي جنھن کي پاڪستان ته ڇا ٻاھريان ماڻھو به ڏسڻ چاھيندا تنھنڪري اھڙي سياحتي ڀسفر ۾ چوڪين مان گزرڻ جھڙيون تڪليفون سياحت کي ڪمزور بڻائي ڇڏينديون.

ٿر جو سڄو حسن سڄو سال برسات جو منتظر رھندوآھي. سنڌ حڪومت کي گھرجي ته ٿر پارڪر ۾ ٽيوب ويل ھڻن ۽ پاڻي جي لائين بدين يا ڀر پاسي وارن علائقن مان ڇڪي ٿر جي ڏڪار کي سڪار ۾ بدلائڻ جي ڪوشش ڪن. ٿر کي سنڌ گورنمنٽ ھڪ تمام دلڪش سياحتي مرڪز آساني سان بڻائي سگھي ٿي جنھن سان ٿر جي ماڻھن کي به روزگار ملندو ٿر جو علائقو به ترقي وٺندو ۽ گورنمنٽ ان مان خاصو ناڻو به ڪمائي سگھندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنيهو سچ جو منور علي منور ڪيهر جي شاعريءَ جي ڪتاب جو تعارف:ايل بي سولنگي

منور علي منور ڪيهر جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ سان آهي. آگاڻي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے