21 جمعو , سيپٽمبر 2018

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ سان ڳالهه ٻولهه

انٽرويو : عتيق ملاح

جتي طبقاتي تعليمي نظام هجي، تعليمي نظام ۾ امير ۽ غريب ۾ واضح فرق نظر اچي، جنهن دور ۾ نوجوان ڊگريون هٿن ۾ کڻي نوڪرين جي ڳولا ۾ روڊن تي نڪتل نظر اچن، جتي ڪي نوجوان مايوس ٿي پنهنجيون زندگيون به وڃائي ويهي رهن ٿا ته ڪي وري ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿي فقيرن واري زندگي اختيار ڪري ڇڏين ٿا، نتيجي طور قوم جو هڪ نسل تباهي جي ڪناري تي پهچي وڃي ٿو ۽ سماج ۾ ڪيترين ئي سماجي خرابين سان گڏ هڪ وڏو بگاڙ به پيدا ٿئي ٿو، جنهن جو ازالو ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو ٿيندو پيو وڃي. اهو سڀ ڪجهه رڳو ان ڪري نٿو ٿئي ته نوجوانن ۾ صلاحيتون ناهن يا وري کين پنهنجو پاڻ تي اعتماد ناهي هوندو، پر ان جو سڀ کان وڏو ڪارڻ نوجوانن کي ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جي اميد پيدا ڪرڻ واري جو نه هجڻ آهي، اسان وٽ نوجوانن کي سڌو رستو ڏيکارڻ ۽ هڪ سٺي زندگي گذارڻ جون صلاحون ڏيندڙن جي کوٽ رهي آهي، نوجوان پنهنجو ڪيريئر ڪيئن ٺاهي سگهن ٿا ۽ ڪيئن هو پنهنجو پاڻ کي مڃائي سگهن ٿا واري سوچ ڏيندڙ ماڻهو تمام گهٽ ملن ٿا. هڪ طرف حڪمرانن جي نااهلي رهي آهي ته ٻئي طرف علم ۽ ادب ڏانهن ڌيان نه ڏيڻ جي نتيجي ۾ نوجوان نسل رستي کان ڀٽڪي وڃي ٿو، اهڙي صورتحال ۾ انهن ڪردارن کي ئي اڳتي اچڻو پوي ٿو جيڪي سٺي سوچ ڏئي ايندڙ نسلن کي اڳتي وٺي وڃڻ وارين ڪوششن ۾ محو هوندا آهن، ان ڪوشش ۾ رهندڙ، علم ۽ ادب ذريعي نئون سماج اڏڻ جي جستجو ڪندڙ حيدرآباد جي نذرٿ گورنمينٽ گرلس ڪاليج جي استاد ۽ سنڌي ادب جي نامياري ليکڪا ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ آهي جيڪا چٽا ڀيٽي جي امتحانن ۾ سنڌ جي نوجوانن جي مدد جي لاءِ علمي ۽ ادبي ڪم ڪري اهو واضح ڪرڻ چاهي ٿي ته سنڌ جا نوجوان ڪنهن به ريت مايوسي وارو رستو اختيار نه ڪن، نوجوانن کي سنڌي ادب ۽ ٻولي سان چاهه رکڻ سان گڏ هڪ سٺي زندگي گذارڻ جو طريقيڪار طئه ڪرڻو پوندو.

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ ضلعي ٿرپارڪر جي ڏيپلي شهر ۾ محمد موسيٰ ميمڻ جي گهر ۾ 1958ع ۾ جنم ورتو، سندس والد مختلف هنڌن تي نوڪريءَ سانگي رهيو، ان ڪري سندس پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم ڏيپلي، مٺي، ٺٽي، ماتلي، عمر ڪوٽ، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص ۾ ٿي، هن 1973ع ۾ مئٽرڪ فرسٽ ڪلاس ۾ ڪئي، جڏهن ته انٽر ميڊيئٽ فرسٽ ڪلاس ۾ 1975ع ۾ پاس ڪئي، جنهن کانپوءِ هوءَ هڪ استاد طور سرڪاري اسڪولن ۾ مقرر ٿي، پر جلد ئي هن اها نوڪري ڇڏي ڏني ۽ انگريزي ادب ۾ 1983ع ۾ ايم اي ڪئي ۽ 1988ع ۾ ايم اي سنڌي فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري گولڊ ميڊل حاصل ڪيو، هن 1991ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪيو ۽ تعليم کاتي ۾ ليڪچرر طور مقرر ٿي، هن وقت هو نذرٿ گرلس ڪاليج حيدرآباد ۾ بطور ايسوسيئيٽ پروفيسر طور درس ۽ تدريس جا فرض سرانجام ڏئي رهي آهي.

عوامي آواز سنڊي مئگزين کي خاص انٽرويو ڏيندي ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ چيو ته نوجوانن کي پنهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه واضح ڪرڻ گهرجي ته هنن کي اڳتي وڌڻو آهي، پنهنجي قوم جي خوشحالي ۽ پنهنجن ماڻهن جو همدرد ٿيڻ جي لاءِ علمي ۽ ادبي ڪمن سان گڏ نوجوانن جي ڪيريئر ڪائونسلنگ جي لاءِ به ڪجهه ڪري ڏيکارجي. اسان وٽ هڪ طرف طبقاتي تعليمي نظام آهي ته ٻئي طرف نوجوانن ۾ هڪ وڏي مايوسي پکڙيل آهي، جڏهن حڪومتي ادارن جي ڪيترن ئي ڪوتاهين جي نتيجي ۾ نوجوان تمام گهڻو پوئتي رهجي وڃن ٿا، سنڌ جي ڳوٺن مان تعليم موڪلائي وئي آهي، ڳوٺن جا اسڪول يا ته اوطاقون ٿي ويون آهن يا وري جانورن جي واڙا، سنڌ اندر خانگي تعليمي ادارن ۾ مادري ٻوليءَ جو ڪو نالو نشان ئي ناهي بچيو، جڏهن ته وڏن سرڪاري تعليمي ادارن ۾ به مادري ٻوليءَ طرف ڪو به ڌيان نٿو ڏنو وڃي، اها ڳالهه درست آهي ته ٻارن کي سٺي تعليم انهن جي مادري ٻوليءَ ۾ ئي ڏئي سگهجي ٿي، پر ٻٽا معيار هجڻ ڪري اهو ٿيڻ ممڪن ناهي رهيو، ڪاليجن اندر سنڌي سبجيڪٽ پڙهائڻ لاءِ استاد نٿا ملن، سنڌي سبجيڪٽ ڪمپلسري نه هجڻ ڪري سنڌي سبجيڪٽ ڏانهن ڌيان نٿو ڏنو وڃي.

ڪاليجن ۽ يونيورسٽي جي تعليمي معيار ۾ گهٽتائي وارو سوال درست آهي، پر ان جو ذميوار ڪنهن هڪ ڌر کي نٿو ڄاڻائي سگهجي، ان ۾ شاگردن، استاد تنظيمن ۽ والدين جون ڪوتاهيون شامل آهن، اها ته تمام گهڻي ڏک جي ڳالهه آهي ته جڏهن ڪاليجن ۾ امتحان ٿين ٿا ته شاگردن جا مائٽ ڪاليج ٻاهران بيهي پنهنجن ٻارن کي ڪاپي ڪرائيندا نظر ايندا آهن، تمام گهڻي سختي هجڻ باوجود به هو هر حال ۾ ڪاپي ڪلچر کي هٿي ڏيڻ ۽ پنهنجن ٻارن جي زندگي برباد ڪرڻ وارو ڪم ڪندا نظر ايندا آهن، پر تنهن هوندي به انهن ئي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان سٺا ۽ محنتي شاگرد نڪري اچن ٿا، تعليمي ادارن ۾ سٺن استادن جو وڏو انگ موجود آهي جيڪي پنهنجي پيشي سان سچائي ڪن ٿا ۽ پنهنجن شاگردن کي اولاد واري نگاهه سان ڏسن ٿا.

استاد جي عزت ۽ احترام واري سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اڳ استاد جي تمام گهڻي عزت ۽ احترام هوندو هو، شاگرد استاد جي سامهون ڳالهائي نه سگهندو هو، پر جڏهن کان خانگي تعليمي ادارا قائم ٿيا آهن ته تڏهن کان استاد جي عزت ۽ احترام ۾ گهٽتائي آئي آهي، هاڻ استاد کي احترام واري نظر سان نٿو ڏٺو وڃي جيڪا انتهائي ڏکوئيندڙ صورتحال آهي، ان ڪري ضروري آهي ته استاد سان عزت ۽ احترام وارو رويو رکيو وڃي، استاد شاگرد جي لاءِ پنهنجي والدين جهڙي حيثيت رکي ٿو.  سينٽرل سپيريئر سروسز (سي ايس ايس) ۽ (پي سي ايس) جي شاگردن جا ڪلاس وٺندڙ ۽ شاگردن جي رهنمائي لاءِ سنڌيءَ ۾ علمي ۽ ادبي ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو چوڻ آهي ته اڳ سنڌ اندر سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جي چٽا ڀيٽي وارن امتحانن جون اڪيڊميون نه هيون، تنهن جي ڪري وڏي تعداد ۾ نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پنجاب به ويندا هئا، پر هاڻ سنڌ ۾ تمام گهڻيون اڪيڊميون جڙي ويون آهن، سي ايس ايس جا امتحان ته هر سال ٿين، پر پي سي ايس جا امتحان سالن جي وڏي وقفي کانپوءِ ٿين ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان پي سي ايس کي اوليت نٿا ڏين جنهن جو سبب عمر وڌي وڃڻ آهي ڇو ته امتحان دير سان ٿين ٿا ۽ نوجوان پنهنجي عمر جي حد بچائڻ لاءِ ان طرف نٿا وڃن. پي سي ايس جي چٽا ڀيٽي وارو امتحان 2008ع ۾ ٿيو، جنهن کانپوءِ هڪ وڏي وقفي کانپوءِ 2013ع ۾ ٿيو هو، ان کانپوءِ اڃا تائين اهو امتحان نه ٿي سگهيو آهي، هن جو چوڻ آهي ته سي ايس ايس ۾ سنڌي سبجيڪٽ ڪمپلسري ناهي، پر ان کي آفشنل رکيو ويو آهي، جڏهن پي سي ايس ۾ سنڌي سبجيڪٽ ڪمپلسري هجڻ سان گڏ آفشنل به آهي، جنهن ۾ هڪ سئو کان ڏيڍ سئو تائين مارڪون ملن ٿيون، پي سي ايس ۾ 3 سنڌي سبجيڪٽ موجود آهن، جنهن ۾ جنرل سنڌي، مضمون نويسي ۽ هسٽري آف سنڌي لٽريچر شامل آهي، ان ڪري اهو ضروري آهي ته سنڌي نوجوانن کي اڳتي آڻڻ لاءِ پي سي ايس جا امتحان هر سال منعقد ڪيا وڃن، امتحان هر سال منعقد نه ٿيڻ جو ذميوار ادارو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن آهي، جنهن کي ان طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ پي سي ايس جي عمر جي حد کي اڃا وڌايو وڃي ته جيئن نوجوانن کي موقعو ملي سگهي. سندس چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪنهن شاگرد کي سنڌي ٻولي ۽ ادب تي سٺي گرفت آهي ته هو پي سي ايس جو امتحان پاس ڪري ويندو، پر جيئن ته اسان وٽ مئٽرڪ ۾ اردو سليس آهي ۽ انٽر ۾ سنڌي ڪمپلسري آهي، ان ڪري شاگرد فقط هڪ سال سنڌي پڙهن ٿا، تنهن ڪري هنن جو سنڌي وارو معيار گهٽ هجي ٿو. چٽا ڀيٽي جي امتحانن ۾ به سنڌي سبجيڪٽ ڏانهن ايترو ڌيان نه پيو ڏنو وڃي جنهن سان شاگردن ۾ سنڌي سبجيڪٽ ڏانهن توجهه وڌي ۽ هو ان سبجيڪٽ جو فائدو وٺندي سٺا نمبر کڻي اڳتي اچي سگهن، چٽا ڀيٽي جي امتحانن ۾ شاگردن کي 70 سنڌي ڪتاب پڙهڻا پون ٿا. اها تمام گهڻي افسوس جي ڳالهه آهي ته يونيورسٽين اندر سنڌي شعبن ۾ سڀ کان وڌيڪ ويڙهه نظر ايندي آهي، سنڌي شعبن ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال رهي ٿي، جنهن جو نقصان سنڌي ٻولي ۽ ادب کي ٿئي ٿو.سنڌي نثر جي ترقي ۾ عورتن جو حصو جي موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ، ايم اي انگريزي ادب ۽ ايم اي سنڌي ادب جي (گولڊ ميڊلسٽ) ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ  سنڌي ادب جي نثر ۽ مضمون نويسي سميت سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جي چٽا ڀيٽي وارن امتحانن ۾ رهنمائي لاءِ 12 کان وڌيڪ ڪتاب لکيا آهن، جڏهن ته 7 کان وڌيڪ اڻ ڇپيل ڪتاب آهن. هن جي ڇپيل ڪتابن ۾ سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات، سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس، اٿي رائو ريل(تحقيق ۽ تنقيد)، آديسين ادب آهي اکڙين ۾ (لطيفيات) سون ورنيون سوڍيون(ڪهاڻيون)، اخلاقي قدر(ٻاراڻو ادب)، وکرو سو وهاءِ(مضمون ۽ مقالا)، سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس، سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو، گلدستو، مضمون نويسي(پي سي ايس جي امتحان ۽ هائر ڪلاسن لاءِ) ۽ سنڌي ادب پڇا ڳاڇا، ايم سي ڪيوز معروضي سوال ۽ جواب(سي ايس ايس، ايم اي سنڌي ليڪچرز، تحريري ۽ زباني امتحانن لاءِ وارا ڪتاب شامل آهن. جڏهن ته سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ “جي پارکو پارس جا”(لطيفيات)، ملهه مهانگا سپرين(سوانح)، مفتي منجهه ويهار(آتم ڪهاڻي)، هلڻ منهنجو هوت ڏي(حرمين شريف جي زيارتن تي ٻڌل سفر نامو)، ماڻڪ موتي لعل(مضمون ۽ مقالا)، محبت پائي من ۾(مضمون ۽ مقالا) ۽ سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ عورتن جو حصو، تحقيقي اڀياس(پي ايڇ ڊي جو مقالو) 1985 تائين شامل آهن. سندس 2 ڪتاب سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس ۽ وکرو سو وهاءِ(مضمون ۽ مقالا) هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد پاران ڇپرايا ويا آهن. ان کانسواءِ هو مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ مسلسل لکندي پڻ رهي آهي، مختلف تعليمي، علمي ۽ ادبي موضوعن تي سلسليوار ڪالم مختلف اخبارن ۾ ايندا رهيا آهن. هن سنڌ جي علمي ۽ ادبي ادارن جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاريندي چيو ته جيڪي ادارا سنڌي ادب جي واڌ ويجهه لاءِ جوڙيا ويا آهن اهي ادارا پنهنجي ذميواري بهتر انداز ۾ پوري نٿا ڪن، جنهن جو نتيجو سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ کي نقصان پهچڻ جي صورت ۾ نڪري ٿو، ان ڪري سنڌ جي علمي ۽ ادبي ادارن کي پنهنجو فرض ايمانداري سان ادا ڪرڻ گهرجي.

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ علمي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا طور ڪيترائي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ماڻيا آهن. سندس جو چوڻ آهي ته هن لکڻ جي شروعات افسانا لکڻ کان ڪئي، سندس پهريون افسانو “چري” جي عنوان سان ڇپيو، هن افساني کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو، ان کانسواءِ سفر نامن، نثر نگاري طرف پڻ ڌيان ڏنو آهي، مضمون نويسي سندس لکڻين جو اهم حصو آهي، هن جو خيال آهي ته سفر نامو صحتمند ادب جي واڌاري ۾ ڪامياب ڪردار ادا ڪري ٿو.

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو خيال آهي ته چٽا ڀيٽي جو امتحان اهو واحد امتحان آهي جنهن ۾ ميرٽ ٿئي ٿي، هن امتحان ۾ پاس ٿيندڙ آفيسر اڳيان هلي ملڪ جي پاليسي سازي ۾ ڪارائتو ڪردار ادا ڪن ٿا، هن امتحان جي وڏي اهميت آهي، جنهن جي لاءِ سنڌي نوجوانن کي اڳيان اچڻ گهرجي، اسان وٽ سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته سنڌي نوجوانن جي ڪيريئر ڪائونسلنگ نٿي ٿئي، سڌريل ملڪن ۾ 8 کان 18 ورهين تائين جي عمر جا نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گريجوئيشن کان اڳ ڪيريئر ڪائونسلنگ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڪئي ويندي آهي، پر اسان وٽ ائين هرگز ناهي. هن نوجوانن کي چٽا ڀيٽي جي امتحانن ۾ ويهڻ لاءِ مشورا ڏيندي چيو ته انهن مشورن تي عمل ڪندي هو ڪاميابيون ماڻي سگهن ٿا، نوجوان سڀ کان پهرين جيڪي نوجوان هي امتحان ڏيڻ جا خواهشمند آهن انهن لاءِ ضروري آهي ته هو انگريزي جي گرامر ۽ لکڻ تي ڌيان ڏين، ان کانسواءِ کين بيچلرز جي ڊگري تمام محنت سان وٺڻ گهرجي، پنهنجي سينيئرن کان مشورا وٺي ان تي عمل ڪن. نوجوان سي ايس ايس جي تياري ڪرائيندڙ اڪيڊمين کي جوائن ڪن، جيڪي پاڪستان جي وڏن شهرن ۾ موجود آهن، ان کانسواءِ لائيبريري ۾ ويهي سنجيدگي سان علمي ۽ ادبي ڪتاب پڙهي ذهن کي تيار رکن. هن جو چوڻ آهي ته چٽا ڀيٽي جي امتحان ۾ مضمونن جي چونڊ جي مرحلي کي ڏٺو وڃي ته هن امتحان ۾ ڪي مضمون لازمي ته ڪي وري آفشنل آهن.

هن سنڌي سماج ۾ عورتن جي ڪردار تي ڳالهائيندي چيو ته سنڌي سماج هاڻ بدلجي چڪو آهي گهڻيون عورتون مختلف ادارن ۾ نوڪري ڪن ٿيون، روين جي تبديلي سبب نوڪري ڪرڻ آسان هوندي آهي، عورت کي پاڻ مضبوط ٿيڻو پوندو. هن چيو ته کيس ڊاڪٽر ٿيڻ جو شوق هو، پر هوءَ ميڊيڪل جي ڊاڪٽر ته نه ٿي سگهي، پر ڊاڪٽر وارو  لفظ پنهنجي نالي سان جوڙڻ ۾ پي ايڇ ڊي ڪري ڪامياب ٿي ويس. هن چيو ته ٻار جي شخصيت ۾ استاد جو 90 سيڪڙو حصو رهي ٿو. ان لاءِ ضروري آهي ته عورت کي زندگي جي هر شعبي ۾ اڳتي اچڻ گهرجي، عورتن کي پڙهڻ لکڻ ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي، پنهنجي اولاد کي به پڙهائي ڏانهن ڌيان ڇڪرائڻ ۾ عورت جو اهم ڪردار هجي ٿو، ان ڪري ضروري آهي ته جنهن گهر ۾ پڙهيل لکيل عورت هوندي ان گهر ۾ علم ۽ ادب جي روشني قائم رهندي.سندس چوڻ آهي ته آئون پڙهڻ لکڻ جي ننڍپڻ کان ئي شوقين هيس، پرائمري تعليم مختلف شهرن ۾ حاصل ڪئي، سندس شادي 19 ورهين جي ڄمار ۾ سندس پڦي جي پٽ انجينئر انور خان سان ٿي، پر جيئن ته چوندا آهن ته هر ڪامياب شخص پٺيان عورت جو هٿ هوندو آهي ته تيئن ئي سندس ڪاميابين جي پٺيان هن جي مڙس جو وڏو ڪردار آهي، سندس مڙس کيس هر قدم تي ساٿ ڏنو آهي، کيس هڪ نياڻي ۽ ٻن پٽن جو اولاد آهي.

هن جو چوڻ آهي ته استاد هئڻ کانپوءِ هوءَ هڪ ليکڪا جي حيثيت ۾ اڳيان آئي آهي، انهيءَ ڪري ظاهر آهي ته پهرين اهم حيثيت سندس استاد واري هئڻ گهرجي، سٺي استاد هجڻ ۽ تعليمي جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ ادبي ڪم ڪرڻ جي ڪري ڪيترائي شاگرد هن سان رابطو ڪري تعليمي ميدان ۾ اڳتي نڪرڻ لاءِ صلاح مشورا وٺندا آهن. لکڻ جي ڪري پنهنجي پڙهندڙن مان سٺي موٽ ملي آهي، جنهن ۾ خاص طور تي عالم، اديب، يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جا استاد ۽ شاگرد شامل آهن. هن شاگردن ۽ شاگردياڻين تي زور ڏيندي چيو ته هو پنهنجي مستقبل جي حوالي سان سنجيده ٿين، والدين کي به گهرجي ته هو پنهنجي اولاد کي پنهنجي شعبي جي چوائس ڪرڻ ۾ آزاد رکن، ڇو ته اڪثر والدين پنهنجي اولاد کي ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٺاهڻ واري سوچ ۾ مبتلا هوندا آهن، ان ڪري ضروري آهي علمي صلاحيتن جي آهر هر ٻار کي پنهنجي پسند جي شعبي ۾ ڇڏيو وڃي ته جيئن هو اتي پنهنجي سٺي مستقبل جي ڳولا ڪري سگهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنيهو سچ جو منور علي منور ڪيهر جي شاعريءَ جي ڪتاب جو تعارف:ايل بي سولنگي

منور علي منور ڪيهر جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ سان آهي. آگاڻي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے