22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ڦولن ديوي : دنيا جي تاريخ جو هڪ انتقامي ڪردار

حميده گهانگهرو

نياڻي کي قدرت جو ڏنل انمول تحفو چيو ويندو آهي. ماءُ، ڀيڻ، ڌيءُ  اهڙا رشتا آهن جن جو نالو کڻڻ سان به تقدس جي پرچار ڪرڻ آهي.عورت محبت، امن، سڪون جي پيروڪار ۽ سڀني کي ميڙي هڪ ماڳ تي ڪٺو ڪري ڏسڻ چاهيندي آهي. عورت جو پهريون رشتو ماءُ آهي، ڪڏهن به ڪنهن ايئن ناهي چيو ته ڏاڏي حوا، ماسي حوا، ادي حوا، بلڪه امان حوا ڏاڏو آدم، سو اهو هڪ ڊگهو بحث آهي.

اسين صرف عورت جي پهرين لفظ امان کان شروع ڪنداسين، امان جي هنج ايتري ته ڪشادي ۽ محبت واري هوندي آهي جو فرمانبدار، بگڙيل، بيمار، چريا سڀ اچي ماءُ جي جهول ۾ مٿو ٽيڪائيندا ته امڙ پئي سرهي ٿيندي. سو عورت محبت جي مالها آهي، موٽ ۾ تقدس جي رشتي کي مان ڏيندي هوءُ پهاڙ به پار ڪري ويندي.  محبت نه ملي ته هوءَ ڀڄي ڀري زمين تي وکري ويندي. انهيءَ ڪري ڪنهن رشتي جي ڪمي يا سماج جي نابرابري واري ظلم جي چڪيءَ ۾  پيسجڻ شروع ٿيندي ته کيس بچائڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو. هوءَ محبت جي ديوي به آهي ته نفرت جي آتش فشان به، هوءَ پنهنجي رئي جي پلو ۾ ويڙهي جهول ۾ به ويهاريندي ته طوفان وانگر تيزي سان سڀ ڪجهه وکيري به ڇڏيندي.

تاريخ بهادر عورتن جي ڪردارن سان ڀري پئي آهي، سياست، علم، ادب، سائنس، سماجي ڳواڻ، پورهيت، هارياڻي، مزدور مطلب هر جاءِ تي پنهنجو پاڻ مڃرايو به آهي ته سماج جي فرسوده رنڊڪن سان مقابلو ڪري پاڻ مڃرايو آهي. دنيا جي ڪهڙي به ملڪن جون تاريخون ٺهيون آهن انهن ۾ عورت جو ڪردار نمايان آهي پر جيڪڏهن اسلامي تاريخ جو جائزو وٺون ته اتي به جنگ جي ميدان ۾ پاڪ بيبين پاڻي پيارڻ ۽ جهاد جي علم کي ڪيرائڻ نه ڏنو. توڻي جو جنگ جو ميدان لاشن سان ڀرجي پيو وڃي پر اڇين چادرن ۾ ويڙهيل بهادر عورتن ڄڻ سر سان ڪفن ٻڌي پئي مقابلو ڪيو. اهڙي نموني انقلابي جدوجهد جي تاريخ به عورت جي هٿ حوصلي تشدد جيلن جون ڀوڳنائون مطلب تڪليف کان مايوس نه ٿيڻ سندن عظمت کي اجاگر ٿو ڪري. ظلم خلاف آواز اٿارڻ جو جذبو عورت جي اندر ۾ شامل هوندو آهي. ڪٿي ڪور رستو ملندو آهي ته ڪٿي وري اڪيلي سر وڙهڻو پوندو آهي. اهڙن واقعن جي نشاندهي گهٽ ٿيندي آهي.

پر هڪ واقعو جنهن دنيا جي تاريخ کي جهنجهوڙي ڇڏيو، وقتي طور ان جا اثر صحيح هئا يا غلط، سماج تي ان جا ڪهڙا اثر پيا سڀ ڪجهه هئڻ جي باوجود صرف ايترو ڪافي آهي ته ظلم جي انتها ٿيڻ کانپوءِ انتها جي سوچ کي روڪڻ ناممڪن هو. عزت، عظمت، عصمت جو لفظ هر عورت لاءِ آهي. چاهي هوءَ وڏين محلاتن ۾ پيدا ٿئي يا ڪنهن غريب جي جهڳي ۾  تن تي پهريل لباس، سندس عزت جو محافظ آهي. لڄ، شرم حيا محلن جون ديوارون نه پر اکين جو شرم حياءُ ۽ سندس سوچ جي پاڪيزگي کي اميري،غريبي، طبقاتي نظام جو استحصالي نظريو آهي. انسان جو وجود اکين، نڪ، وات، ڪنن، هٿن، پيرن ۽ هڪ پيٽ ڀرڻ سان ٿئي ٿو. هر انسان لاءِ پيدائش جو عمل انهيءَ ماءُ جي ڪک مان جنم وٺي ٿو. جيڪا عورت غريب جي گهر ۾ به آهي ته امير جي گهر ۾ به اهڙي نموني زندگي کي الوداع چئي. جڏهن اڪيلو وڃي ٿو ته تڏهن به آخري سفر يا ته ڌرتي ماءُ جي جهول ۾ دفن ڪرڻ يا هڪ ئي شمشان گهاٽ تي آخري ديدار هوندو. ڪنهن به مذهب ۾ نفرت کان سخت منع آهي. پر انسان جي ڪڌي ۽ ڪرڀائيندڙ عمل جو دارومدار صرف ان وقت تائين آهي. جيسين هو جيئرو آهي ته سندس هوس جو دائرو ۽ اميري جو غرور اهي سڀ غير انساني حرڪتون ڪرڻ فطرت ۾ شامل هوندس. بلڪل اهڙي غير انساني فطرت جي ڪهاڻي هندستان جي اتر پرديش جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهندڙ غريب پر خوددار نياڻي جي آهي.

ڦولن ديوي نفيس نازڪ، معصوم، پيءُ ماءُ سان انگل ڪرڻ واري ڳوٺ جي سڀني ڇوڪرين سان رانديون ڪري پنهنجي غربت، مفلسي کي ريجهائي زندگي جي منزل تي سڌي طرح هلي رهي هئي. هن معصوم نياڻيءَ 10 سالن کان اهي وارداتون ٿيندي ڏٺيون جن هن جي معصوميت کسي اندر جو زلزلو ۽ اکين ۾ آتش فشان جسم جي خون جي هر قطري ۾ ٺهڻ شروع ڪيو. ٺاڪر جاگيردارن جي زيادتين کي منهن ڏيڻ لاءِ غربت، بي بسي کي چيري ڦاڙي ڦٽي ڪري هماليه کان به مٿانهون حوصلو رکي طوفان بڻجي گجگوڙ ڪندي وڄ وانگر انتقام جي باهه بڻجي انهن سڀني قوتن کي رک ڪرڻ جو سوچي ٿي جيڪي هن سان ظلم ڪن ٿا. هن ڳوٺ جي ڪيترين نياڻين سان زيادتيون ڪندي ٻڌو يا ڏٺو هوندو پر بي پهچ ماڻهو جن جي لاءِ ڌرتي جو ٽڪرو به رهڻ لاءِ نصيب نه هجي اهي سقراط جي زهر وانگر ڍڪ ڀري سورن کي اندر ۾ سانڍي ڇڏيندا. اهڙي ماحول ۾ سقراط جي زهر جي جام کي ڀڃي ڀور ڀور ڪري هڪ آتش فشان زمين کي ڦاڙي جهر جهنگ سفر شروع  ڪري ٿي ۽ زلزلي وانگر ٺاڪرن جي ظلم کي لوڏي قيامت جو منظر برپا ڪري ٿي. هوءَ بندوق ڪنڌ تي رکي ڄڻ سر تري تي رکي هلي ٿي.

هاڻي سندس زندگي جو مقصد ڄڻ عورت جي صدين کان ٿيل زيادتي جو انتقام وٺڻ آهي. ڊاڪو ڦولن ديوي جو جوش واقعي ڊاڪن وانگر آهي. هوءَ ٺاڪرن کان بدلو وٺڻ لاءِ کين قطار ۾ بيهاري 20 ٺاڪرن کي ماري اهو ثابت ٿي ڪري ته بندوق جي گولي صرف غريب جي ڇاتي ناهي هوندي. سندس چواڻي ته 10 سالن جي عمر  ۾جڏهن زيادتي جو نشانو بڻائيندڙ وحشي بي هوش ڪري به دل نه پيو ڀرجين ۽ هڪ هڪ ٿي ڪيترا وحشي هن جي معصوميت سان راند ڪندا رهيا. بي حيائي ۽ بي حسي جي انتها اها آهي ته سندس گهر ڀاتين اڳيان به بي حرمتي جو نشانو بڻندي رهي. اهڙي وحشي وقت ۾ غربت ۽ مفلسي بي موت مرندي آهي ۽ پئسي ڏاڍ جو ننگو ناچ ختم ناهي ٿيندو.

ڦولن ديوي دنيا جي تاريخ جو اهو انتقامي ڪردار آهي، جنهن پنهنجي بي حرمتي جو پاڻ بدلو ورتو پر جهنگن ۽ ويرانين ۾ رهڻ ڪا زندگي ناهي. هن  لباس کي هميشه ڪفن سمجهي پاتو، پر سندس اندر جي اها معصوم عورت جنهن کي ماءُ، ڀيڻ،ڌيءُ جي روپ ۾صرف ۽ صرف انسان جي زندگي کي ٺاهي ٿي هوءِ پنهنجي پيٽ ۾ سڀ سور سهي 9 مهينا سانڍي هن دنيا ۾ آئي ته ڏينهن راتين جي محنت اوجاڳن سان مڪمل انسان ٺاهي ٿي. اهڙي حالت ۾ ڀلا هوءَ پنهنجي هنج ۾ ڪيترا گولين جا انبار کڻي هلندي. هوءَ آخر ٿڪجي پئي ٿي ۽ اندر جي ڊاڪو ڦولن ديوي کي دفن ڪري واپس اهائي امن پسند پاڪ شفاف ڦولن ديوي معصوم زندگي گهاري رهي هئي. ڇاڪاڻ جو اندرا گانڌي سرڪار نه پئي چاهيو ته وڌيڪ حالتون ڳنڀير ٿي وڃن ان ڪري ڦولن سان هڪ معاهدو ٿيو ته جيڪڏهن هوءَ هٿيار ڦٽا ڪري امن جي رستي تي هلي ته کيس موت جي سزا نه ملندي ۽ باقي سزا ۾ رعايت ڪئي ويندي.

اهڙي طرح هن 1983ع ۾ 10 هزار ساٿين سان هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ 11 سال جيل جي سزا مقدمي هلائڻ بنا کيس ڏني وئي هئي  1994ع ۾ هوءَ آزاد ٿي سياسي طور لوڪ سڀا جي ميمبر ٿي وئي. ڦولن ديو جي دليري کي ڪنهن به حوالي سان غلط نه سمجهيو ويندو هو. هن جي زندگي تي هندستان ۾ فلمون ٺهيون ۽ سڄي دنيا ۾ ڊاڪو ڦولن ديوي جي فلم کي چاهه سان ڏٺو ويندو هو.

1998ع ۾ شڪست کي منهن ڏيڻو پيس پر وري ٻئي سال هوءِ لوڪ سڀا جي ميمبر چونڊجي وئي. مشهور هدايتڪار شيڪر ڪپور سندس زندگي تي ٺاهيل فلم ۾ هڪ لاقاني ڪردار نڀائي ڇڏيو. آخر 25 جولاءِ 2001ع تي ڦولن ديوي کي انهن ٺاڪرن جي ٽن ماڻهن گولين جو کاڄ ڪري انتقام ورتو جن ظالم ٺاڪرن کي ڦولن ديوي پنهنجي عزت جي بدلي ۾ ماري چڪي هئي.

ڦولن ديوي ته پنهنجي تاريخ ٺاهي وئي پر وحشي جبلتن جا نشان دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود آهن. توڻي جو دنيا ترقي ڪئي آهي. انصاف، قانون، آئين جي باسداري ڪندڙ جمهوري حڪومتون اقتدار ۾ اينديون رهن ٿيون پر تنهن هوندي به معصوم نياڻين جا قاتل سندن زندگي سان ڪلور ڪري لاش مائٽن حوالي ڪيا ٿا وڃن بي بسي جو غريب عوام سواٰءِ اکين ۾ ڳوڙها آڻي هٿ مٿي ڪري انصاف لاءِ پڪاريندا رهن ٿا. قاتل ڪجهه وقت جيل ۾ رهن ٿا يا وري مفرور آهن. 10 يا  15 سال گذرڻ باجود لاپتا نياڻين جي ڪا خبر ناهي ڦولن ديوي کان پڇيو ويو ته توهان ڪهڙو نياپو ڏيندئو ته هن ڏک وچان چيو ته مان خدا کي چونديس ته مون کي ڀلي ڪو به جانور ٺاهه پر اهڙي عورت نه ٺاهه جنهن سان جانور کان به بدتر ورتاءُ ڪيو وڃي. اهو سوال مرداڻي معاشري جي انهن سڀني مردن لاءِ آهي جيڪي عورت تي ظلم ڪن ٿا. معصوم نياڻين کي وحشين وانگر کائين ٿا. جيڪڏهن عورت جي آهه ڦولن ديوي جهڙي قبول ٿي وئي ته اڳئين جنم ۾ پوءِ ماءُ، ڀيڻ، ڌيءُ جي رشتي کان محروم هيءُ معاشرو ڪٿان پنهنجي انساني اوسر جي اميد رکي مهذب معاشري جو انسان ٿيندو. اهو سوال هڪ ڦولن ديوي جو ناهي سڄي انسانيت جو سوال آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنيهو سچ جو منور علي منور ڪيهر جي شاعريءَ جي ڪتاب جو تعارف:ايل بي سولنگي

منور علي منور ڪيهر جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ سان آهي. آگاڻي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے