23 آچر , سيپٽمبر 2018

سنڌ مٿان ارغون-ترخان حڪومتن ۾ ٿيل ظلم ۽ ناانصافيون

علي رضا سنڌي

سنڌ اصل کان وٺي هڪ زرخيز ۽ شاداب ملڪ پئي رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هر دور ۾ ان مٿان ڌارين حملو ڪندڙن جون ڪاهون ٿينديون رهيون آهن.  ڪڏهن هو سنڌ کي فتح ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن ته ڪڏهن سنڌ جي بهادر ۽ دلير جوڌن هٿان شڪست کائي نامراد موٽي  ويندا آهن. تاريخ شاهد آهي ته جڏهن به هي ڌاريا سنڌ مٿان قابض ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن ته  هن جنت نشان خطي کي تاراج ڪرڻ لاءِ هر حد پار ڪري وٺندا آهن. پوءِ کڻي اهو سڪندر اعظم هجي، دارا اعظم، تيمور هجي يا نادر شاھ هجي. مدد خان پٺاڻ هجي يا سر  چارلس نيپيئر هجي. سڀني هن مالا مال سنڌ کي جيءُ ڀري لٽيو، هتان جي دولت پنهنجن ملڪن ۾ کڻي ويا، مقامي ماڻهن کي قتل به ڪيائون ته باندي به بڻايائون. شهر ۽ ڳوٺ الڳ ويران ڪيائون.   پر انهن سڀني فاتحن ۽ حملو ڪندڙن ۾ سڀ کان وڌيڪ بدنام ارغون ۽ ترخان آهن.  ٻئي چنگيز خاني منگول هئا.  هنن جي وڏن اسلام قبول ڪري ورتو هو. البته چنگيزي وحشت اڃان به هنن جي مزاج جو حصو هئي.

ارغونن جي موجوده افغانستان جي ڪجهه حصي تي حڪومت هئي. جنهن وقت قنڌار تي شاھ بيگ ارغون جي حڪومت هئي. انهي وقت سنڌ تي ڄام نظام الدين ثاني عرف ڄام نندو (1461-1508ع) حڪومت ڪندو هو، جيڪو سما گهراڻي جو سڀ کان عادل ۽ متقي حاڪم سمجهيو وڃي ٿو. سنڌ جو عظيم سورمو نواب دولھه دريا خان شهيد سندس وزيراعظم ۽ سپھ سالار هو. ڄام صاحب جو دور سنڌ لاءِ خوشحال ۽ روشن دور هو. دهلي  جي تخت تي مغل بادشاھ ظهير الدين بابر ويٺو هو. سندس نظرون قنڌار تي هيون. هن ڪيترائي ڀيرا قنڌار تي حملا پڻ ڪيا. پر ناڪام ويو. شاھ بيگ ارغون کي پڪ ٿي وئي هئي ته هو ڪڏهن به قنڌار کي فتح ڪري سگهي ٿو. انهيءَ ڪري هن بابر کي پاڻ پنهنجي خوشي سان هڪ سال گذرڻ بعد قنڌار جو قلعو ڏيڻ جو واعدو ڪيو ۽ پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ نئين ملڪ فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيائين. آخرڪار هن جون نظرون سنڌ تي اچي بيٺيون.  1485ع  ۾ هن سنڌ تي ڪاھ ڪري سيوي (جيڪو هاڻي بلوچستان ۾ آهي)، سيوهڻ ۽ بکر کي فتح ڪري ورتو. پر سنڌ جي عظيم سورمي دولھه دريا خان کيس شڪست ڏئي پوئتي موٽايو. ڄام نندي جي وفات کان بعد سندس پٽ ڄام فيروز (1508-1520ع) تخت نشين ٿيو. هو عياش ۽ نااهل بادشاھ هو، جنهن ڪري حڪومتي ڪارهنوار ڊانواڊول ٿي ويو. سمن ۾ اقتدار خاطر سخت گهرو ويڙهه شروع ٿي وئي، جنهن ڪري ويتر سنڌ جون حالتون بگڙجڻ لڳيون. نواب دريا خان به ڄام فيروز جي بي رخي ڪري گوشه نشين ٿي چڪو هو ۽ سما درٻار ۾ ارغون امير ڇانئجي چڪا هئا، جن سنڌ جي بدتر حالتن کان شاھ بيگ کي خبردار ڪيو. اهڙي طرح شاھ بيگ ارغون 1520ع ۾  ٻيهر سنڌ تي حملو ڪري سما راڄ جي پڄاڻي آڻي ارغون راڄ جو بنياد وڌو. شاھ بيگ جي وفات کانپوءِ سندس پٽ شاھ حسن (1520-1548ع) تخت نشين ٿيو. 28 سال حڪومت ڪرڻ کان بعد  هو بي اولاد وفات ڪري ويو ۽ سنڌ ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. اتر سنڌ تي سلطان محمود ڪوڪلتاش (1548-1574ع) حڪومت ڪرڻ لڳو، جڏهن ته ڏکڻ سنڌ جي  حڪومت جون واڳون مرزا عيسي خان ترخان (1548-1565ع) جي هٿ ۾ آيون . اهڙي طرح ارغونن کان  کانپوءِ ترخانن جي سنڌ تي حڪومت قائم ٿي .  مرزا عيسي ترخان بعد مرزا محمد باقي (1565-1585ع) ۽ ان کان بعد مرزا جاني بيگ (1585-1600) حڪومت ڪئي .  ارغون ۽ ترخان حاڪمن جملي  65 سال حڪومت ڪئي. ان سڄي دور کي سنڌ لاء خرابي جو دور چيو وڃي ٿو . گهڻو ڪري سڀ حاڪم ظالم ۽ رهزن هئا، جن سنڌ کي ڏکن ، سورن ، تباهين ، ڏڪار ۽ هلاڪتن کان سواء ٻيو ڪجهه به ڪونه ڏنو هو .  ارغونن جي دور ۾ جيڪو ڪجهه سنڌ ڀوڳيو، ان جون ڪجهه جھلڪيون هتي بيان ڪجن ٿيون.

شهرن جي تباهي :

ارغون حاڪم جيستائين هتي رهيا، هو سنڌ جي آباد ۽ خوشحال شهرن کي اجاڙيندا رهيا. شاھ  بيگ ارغون به پنهنجي ڪاھ وقت رستي ۾ ايندڙ هر وسندي ۽ واهڻ کي اجاڙيندو ويو ٿي. سيوو، بکر، سيوهڻ، ٽلٽي ۽ هر ايندڙ شهر کي باهيون ڏيندو رهيو.  ماڻهن جو ناحق قتل ڪندو ويو. مهينن جا مهينا رتوڇاڻ هلندي رهي. ڪيئي شاندار ۽ عاليشان عمارتون ڊهرائي پٽ ڪرائي ڇڏيائين. ڪيترائي آباد ۽ وسندڙ ڳوٺ ۽ واهڻ ويران ڪري ڇڏيائين. شاھ حسن ارغون جي وقت ۾ جڏهن مغل شھنشاھ همايون، شير شاھ سوري کان شڪست کائي سنڌ ۾ داخل ٿيو ته کيس ڀڄائڻ ۽ تنگ ڪرائڻ لاءِ هن بکر کان ملتان تائين جي سڀني شهرن ۽ ڳوٺن مان اناج ۽ فصل کي باهيون ڏئي ان سڄي حصي ۾ هٿرادو ڏڪار پيدا ڪيائين. جنهنڪري اتان کان لڏپلاڻ شروع ٿي وئي ۽ ان جي نتيجي ۾ انيڪ شهر ۽ ڳوٺ ويران ٿي ويا.  ڪيترائي خوبصورت باغ به سندس انهيءَ ظالماڻي ڪارروائين ڪري تباھ ٿي ويا ۽ شهرن جي سونهن وڃائجي وئي.  مرزا محمد باقي ترخانن ۾ سڀ کان وڌيڪ ظالم ۽ وحشي بادشاھ هو. هن سمن، لوهاڻن ۽ جاٽن جا شهر ۽ آباديون تباھ ڪرائي ڇڏيون.  ارغونن ۽ ترخانن جو اصول هوندو هو ته جڏهن به هو ڏسندا هئا ته ڪا ٻاهرين حملہ آور فوج مٿن غالب ٿيڻ واري آهي ۽ سندن ڪنهن قلعي تي قابض ٿيڻ واري آهي ته هو ان شهر کي پنهنجن هٿن سان ساڙائي ويران ڪري وٺندا هئا ته جيئن فاتح قوم کي اتان ڪا به هڻ حاصل نه ٿئي. اهو ئي سبب هو  جو جڏهن اڪبر جو سپھه سالار خان خانان ٺٽي تي چڙهائي ڪرڻ لاءِ پهتو ته مرزا جاني بيگ سڄي ٺٽي کي باھ ڏئي ڇڏي، ڪاٺ جا خوبصورت گهر سڙي خاڪ ٿي ويا. ماڻهو پنهنجا سر بچائڻ جي ڪرڻ لڳا.

علم ۽ ادب جي تباهي :

ارغونن ۽ ترخانن  جيئن ئي سنڌ ۾ قدم رکيو ته هنن رڻ ٻاري ڏنو. هنن جي قهر کان عالم ۽ اديب به نه بچي سگهيا. ڄام نندي جي وقت ۾ ٺٽو علمي مرڪز هو. منگولن ۽ تاتارين جي ڪاهن سبب خراسان، ايران ۽ عرب جا ڪيترائي عالم سنڌ ۾ هجرت ڪري آيا، جن جي وقت جي حاڪمن حوصله افزائي ڪئي ٿي. پر جيئن ئي شاھ بيگ ارغون سنڌ مٿان ڪڙڪيو ته هن هتان جي عالمن ۽ اديبن کي به نه ڇڏيو. سندس آندل تباهين جي نذر سنڌ جا ڪتب خانا ۽ درسگاهون به ٿي ويون. ڪيتريون ئي قديم درسگاهون تباھ ٿي ويون. عالمن جو قتل عام ڪيو ويو. لائبريريون سڙي خاڪ ٿي ويون ۽ ڪيترائي املهھ ڪتاب سڙي رک ٿي ويا. خاص ڪري سنڌي ادب جو وڏو نقصان ٿيو. صدين جي جاکوڙ سان سنڌي ادب جي ميڙيل سرمائي کي هڪ ئي پل ۾ فنا ڪيو ويو. اڄ به اسان کي عربن ، سومرن ۽ سمن جي دور جي ڪابه سنڌي تصنيف نه ٿي ملي. جيتوڻيڪ تاريخن ۾ ان دور جي گهڻن ئي سنڌي ڪتابن جو ذڪر به موجود آهي. قاضي قادن کي سنڌي ٻولي جو پهريون شاعر مڃيو وڃي ٿو. هن جيتوڻيڪ ارغونن جو سنڌ جي فتح ۾ ساٿ ڏنو هو، پر ان جي باوجود به سندس خاندان کي قيد ڪيو ويو ۽ ٺٽي ۾ موجود سندس ڪتب خاني کي باھ ڏني وئي. مخدوم بلال رحه ٽلٽي شهر جو وڏو عالم ۽ فقيه هو ۽ سندس مدرسا ۽ درسگاهون سڄي سنڌ ۾ پکڙيل هئا. ارغونن بغاوت جي جرم ۾ سندس. سمورا مدرسا بند ڪرائي ڇڏيا ۽ مٿس ڪوڙيون ڪفر جون فتوائون جاري ڪري شهيد ڪري ڇڏيائون. سندن خوف کان هتان جا تقريبا عالم گجرات، ڪڇ ۽ جيسلمير لڏپلاڻ ڪري ويا. ۽ اهڙي طرح سنڌ جي علمي سرمايي جو جيڪو نقصان ٿيو، ان جي ڀرپائي اڄ ڏينهن  تائين نه ٿي سگهي آهي.

هٿراڌو ڏڪار:

ڪيترن ئي موقعن تي ارغونن هٿ سان ملڪ ۾ ڏڪار پيدا ڪيا ۽ ناحق غريب سنڌين کي داڻي داڻي کان سڪايو ويو. ان جو هڪ مثال  اسان ٻڌائي  آيا آهيون ته ڪهڙي ريت همايون  جي ڪري شاھ حسن ملتان کان بکر تائين جي سمورن شهرن ۽ ڳوٺن جا گودام خالي ڪرائي ڇڏيا ۽ فصلن کي باهيون ڏياري ڇڏيون ته جيئن همايون کي ڪجهه به نه ملي سگهي ۽ هو تنگ ٿي هتان کان هليو وڃي. پر سندس ان ظالماڻي ڪاروائي جي ڪري عوام سڀ کان گهڻو لوڙيو. هڪ داڻي کان هو عاجز ٿي ويا.   ڪيترائي معصوم ٻارڙا ۽ پوڙها ضعيف بک ۾ مري ويا. جڏهن به کين ڪنهن گهر مان اناج جو ذرو به ملندو هو ته هو ان گهر جي سڀني ڀاتين کي قتل ڪري ڇڏيندا هئا. مرزا محمد باقي ترخان ته گودامن جا گودام اناج سان ڀري ڇڏيندو هو. اناج خراب ٿي  ويندو هو، پر ٻاهر نه ڪڍندو هو. عوام بل مرندو هو، پر مجال آهي جو هڪ ٻوري به گودام مان ڪڍي. اعجاز الحق قدوسي پنهنجي ڪتاب "تاريخِ سنڌ ۾ تاريخ طاهري جي حوالي سان  لکيو آهي ته هڪ ڏينهن سندس اميرن ڊڄي ڊڄي  کيس چيو  ته "سائين! گودام اناج سان ڀرجي ويا آهن، پراڻو اناج خراب به ٿي چڪو آهي، جلد ئي نئون اناج به پهچڻ وارو آهي، جنهن کي رکڻ لاءِ جاء ڪونهي. ڇو نه پراڻو اَن غريبن ۾ ورهايو وڃي?” مرزا باقي ان جو جواب ٻئي ڏينهن تي ڏيڻ لاء چيو. ٻئي ڏينهن تي سڀني وزيرن ۽ اميرن کي دعوت ڏنائين. جڏهن سڀ پهچي ويا ته دسترخوان تي هڪ پاسي پراڻي ۽ سڙيل ڪڻڪ جون پچيل مانيون رکرايائين ۽ ٻئي پاسي مٽيءَ جون مانيون رکيائين.  سڀئي امير سڙيل ڪڻڪ جون مانيون کائڻ لڳا. ان تي مرزا باقي سڀني کي چيو ته "اوهان مان ڪوبه مٽي جون مانيون ڇونه ٿو کائي؟”

وزيرن چيو ته "سائين! مٽيءَ جي ماني ڪيئن هلندي؟”

ان تي مرزا چيو، ” بيوقوفو! هاڻي ڏسو ته وقت پوڻ تي ڪيئن اهو سڙيل اناج به ڪار آمد ٿي پوي ٿو? اڃان توهان مونکي اهو ان بيڪار سمجهي ورهائڻ جو مشورو ڏئي رهيا آهيو؟”

قتل عام :

ارغون ۽ ترخان گهراڻي جو ڪوبه اهڙو حاڪم ڪونهي ، جنهن جا هٿ بيگناھ  ماڻهن جي رت سان رڱيل نه هجن . شاهه بيگ ارغون اچڻ شرط  سنڌين جو قتلام ڪيو . شاه حسن جي هٿرادو پيدا ڪيل ڏڪارن هيٺ لکين سنڌي موت جو کاڄ ٿيا. مرزا محمد باقي ترخان جو ته هر ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن بي گناهه جو قتل ٿيندو رهندو هو . هن سڀني ارغونن کي بي دردي سان قتل ڪرائي ڇڏيو ۽ سندن ٻارن ۽عورتن کي در بدر ڪرايائين . وقت جي ڪيترن ئي بزرگن جو قتل ڪيائين . جن ۾ هڪ شيخ برڪيو پڻ هو. سندس قهر کان سندس پنهنجا ساٿي ۽ امراء به غير محفوظ هئا .ايتري قدر جو هن پنهنجي ماءُ کي به نه بخشيو. جنت السنڌ ۾ آهي ته "سندس ظلمن کان تنگ ٿي هندو پنهنجن مندرن ۾ ۽ مسلمان مسجدن ۾ سندس  لاء بددعائون گهرندا هئا . ” آخرڪار سندس موت به دردناڪ ٿيو. هن پنهنجي پيٽ ۾ پاڻ خنجر کپائي خودڪشي ڪئي . ان هوندي به سندس پٽ مرزا جاني بيگ  تخت ملڻ کان پوءِ پنهنجي پيءُ جي قتل جي الزام ۾ ڪيترن ئي نوڪرن کي بيگناه قتل ڪيائين . مرزا جاني بيگ به پنهنجي دور ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي . نيٺ  1600ع ۾ اڪبر جي فوجن هٿان شڪست کاڌائين ۽ صلح ڪري کيس ٺٽي جو تخت حوالي ڪيائين . اهڙي طرح هنن وحشين مان سنڌ واسين جي جند آجي ٿي.

امن امان جي تباهي :

ارغونن جي مٿئين بيان ڪيل قتل و غارت مان سنڌ جي امن امان جي تباهي جو اندازو ته بخوبي ٿي وڃي ٿو . ڪوبه ماڻهو سڪون سان سمهي نه سگهندو هو . چئني طرفن کان ڪاوڙ ۽ بيچيني وڌي وئي هئي . نتيجي ۾ عوام وقت بوقت بغاوتون به ڪندا رهيا. خاص ڪري سما ، لوهاڻا ، جاٽ ، چانڊيا ۽ سومرا مختلف وقتن تي بغاوتون ڪندا رهيا.

سياحت کي پهتل نقصان :

ارغونن ۽ ترخانن جي قهري ڪاررواين جي هاڪ سڄي دنيا ۾ پکڙجي وئي هئي . انهيءَ ڪري اڪثر سياح ۽ واپاري سنڌ اچڻ کان لنوائيندا هئا. مرزا محمد باقي جڏهن ڏسندو هو ته سندس ملڪ ۾ ڪو سياح اچي رهيو آهي ته پهريان ته سندس آڌرڀاءُ ڪندو هو ، بعد ۾ موقعو تاڻي کيس مارائي ڇڏيندو هو ته جيئن هو ٻاهر وڃي هن جي ظلمن جا داستان ٻين کي نه ٻڌائي سگهي . اهڙي نموني هن ڪيترن ئي سياحن ، واپارين ۽ پانڌيئڙن کي قتل ڪيو ، جنهن ڪري سنڌ جي سياحت کي وڏو نقصان پهتو .

اهي هيون ارغون ۽ ترخان حاڪمن جي دور ۾ سنڌ جون حالتون، جن ۾ ڏکن ، ڏوجهرن ، ڦرلٽ ، قتل و غارت ، تباهين ، خوف ۽ مايوسي کان سواءِ ڪجهه به نه هو. اهو ئي سبب آهي جو مورخن سندن حڪومت جي شروعات واري سال تي "خرابيءَ سند” نالو رکيو . ارغونن ۽ ترخانن جي ظلمن تي سنڌي ڪڏهن به خاموش نه ويٺا ، بلڪ کين جڏهن به موقعو مليو، ته هنن بغاوت جو اَلم بلند ڪيو. تاريخ ۾ اهڙا ڪيترائي مثال ملن ٿا. نيٺ اهو ڏينهن به پهتو ، جڏهن 1700ع ۾ سنڌ تي مقامي ڪلهوڙا حاڪمن جي آزاد حڪومت کي تسليم ڪيو ويو ۽ سنڌ جي روشن تاريخ ۽ تهذيب جو نئون دور شروع ٿيو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

”املهه موتين“ جهڙي گهڻ صلاحيتي ۽ گهڻ پاسائين شخصيت ”شبنم موتي“:سڪينه امام

شبنم موتي اصولي طور تي ڪنهن تعارف جي محتاج ناهي، سنڌ جو ساڃاهه وند ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے