20 خميس , سيپٽمبر 2018

تبديلي واري لهر…..نجم سيٺي کي به لوڙهي وئي

سرمد سولنگي

نيٺ تبديلي واري لهر نجم سيٺي کي به لوڙهي وئي. اها ڪا نئين ڳالهه ناهي. پاڪستان ۾ سدائين ايئن ٿيندو رهيو آهي ته جيئن اقتدارڌڻي تبديل ٿيندا آهن، ان  جو اثر پي سي بي جي چيئرمين شپ تي پڻ پوندو آهي، 20 آگسٽ تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين نجم سيٺي وزيراعظم عمران خان جي قسم کڻندي ئي پنهنجي عهدي تان استعفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو جنهن کانپوءِ وزيراعظم عمران خان ڪرڪيٽ جي عالمي اداري  (آءِ سي سي) جي اڳوڻي صدر احسان ماني کي نئون پي سي بي چيئرمين نامزد ڪري ڇڏيو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر  تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ احسان ماني کي پي سي بي جو نئون چيئرمين مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ۽ لکيو ته احسان ماني  انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل(آءِ سي سي) ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري چڪو آهي، هو ٽن ورهين تائين آءِ سي سي جو خزانچي ۽ 3 سالن تائين  آءِ سي سي جي سربراهه رهي چڪو آهي. جڏهن ته اڳوڻي پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي پڻ ٽوئيٽر جو سهارو وٺندي استعيفيٰ جي نقل شيئر ڪندي لکيو ته هو  پنهنجي استعفيٰ ڏيڻ لاءِ وزيراعظم جي قسم کڻڻ جو انتظار ڪري رهيو هو. اڳوڻي پي سي بي چيئرمين وڌيڪ لکيو ته وزيراعظم ڏانهن موڪليل پنهنجي استعفيٰ ۾ لکيو آهي ته کيس آگسٽ 2017 ۾ بورڊ آف گورنرز جي ڏهن ميمبرن، 3 ورهين لاءِ پي سي بي جو چيئرمين چونڊيو هو.

 

نجم سيٺي جو پي سي بي چيئرمين ٿيڻ:

نجم سيٺي ۽ ذڪاءِ  اشرف جي وچ ۾ ڪافي عرصي تائين پي سي بي سربراهه واري جنگ هلي ۽ ٻئي مختلف وقتن تي پي سي بي چيئرمين چونڊبا رهيا.پر 2014 ۾ وزيراعظم نواز شريف، ذڪاءِ اشرف کي پي سي بي چيئرمين جي عهدي تان برطرف ڪندي پيٽرن ان چيف جي اختيارن جو استعمال ڪندي نجم سيٺي کي چيئرمين بڻائڻ جو اعلان ڪيو هو. پر هميشه وانگر نئين حڪومت ايندي ئي پي سي بي جي سربراهي پڻ خبرن ۾ رهي ته ايندڙ نئون چيئرمين ڪير هوندو جيئن اها ڳالهه واضح هئي ته عمران خان جي حڪومت ايندي ئي نجم سيٺي لاءِ پي سي بي چيئرمين طور وڌيڪ ڪم ڪرڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن هوندو جيئن عمران خان ملڪ جي سربراهه جو ذميواريون سنڀاليون نجم سيٺي استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو. عمران ۽ نجم سيٺي جا اختلاف تڏهن وڌي وڻ ٿيا هيا  جڏهن سال 2013 جي عام چونڊن ۾ پنجاب جي نگران وڏي وزير جون خدمتون انجام ڏيندڙ نجم سيٺي مٿان عمران خان  عام چونڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام هنيا هئا.

 

 

 

نجم سيٺي پي سي بي چيئرمين طور  خدمتون:

نجم سيٺي جي پي سي بي چيئرمين طور سال 2016 ۾ پي ايس ايل( پاڪستان سپر ليگ) جو بنياد وڌو، ۽ پهريون ايونٽ يو اي اي ۾ ڪرايو ويو جيڪو ڏسندي ئي ڏسندي ڪاميابي جون منزلون طئي ڪرڻ لڳو، ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي نئون ۽ باصلاحيت ٽلينٽ ملڻ لڳو، پهرين ايڊيشن جي شاندار ڪاميابي کانپوءِايندڙ ٻه ايڊيشن پهريان کان وڌيڪ ڪامياب ثابت ٿيا. پي ايس ايل ڪاميابي جا نوان رڪارڊ ٺاهڻ سان گڏوگڏ قومي ٽيم کي بهترين رانديگر مُهيا ڪرڻ جو سلسلو پڻ شروع ٿيو. نجم سيٺي جي ڪوششن سان ئي پي ايس ايل سيزن ٽو ۽ ٿري جا فائنل پاڪستان ۾ ٿيا ۽ جڏهن ورلڊ اليون، سريلنڪا ۽ ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيمن پاڪستان جا مختصر دورا پڻ ڪيا.

 

پي سي بي جو نئون چيئرمين احسان ماني ڪير آهي؟

احسان ماني پيشي جي لحاظ کان چارٽرڊ اڪائونٽنٽ آهي ۽ ڪرڪيٽ جي عالمي اداري(آءِ سي سي) ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) جي نمائندگي ڪرڻ سان گڏوگڏ هو آءِ سي سي جي صدر ۽ خزانچي طور پڻ خدمتون انجام ڏئي چڪوآهي.

23 مارچ 1945 ۾ روالپنڊي ۾ پيدا ٿيل احسان ماني پنهنجا شروعاتي سال ۾ جاڙن شهرن اسلام آباد/روالپنڊي مقامي ڪلب طرفان آل رائونڊر طور 1959 کان 1965 تائين ڪرڪيٽ کيڏندي گذاريا. جنهن بعد هو لاهور مان گريجويشن ڪرڻ بعد اعليٰ تعليم لاءِ برطانيا هليو ويو ۽ 1960 جي آخر تائين برطانيا ۾ ئي رهيو. ڪرڪيٽ جي انتظامي معاملن ۾ احسان ماني 1989 ۾ ان وقت باقاعدي قدم رکيو جڏهن هو انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل ۾ پاڪستان جو نمائندو چونڊيو ويو ۽ 1996 تائين خدمتون انجام ڏنيون. 1996 وارو عالمي ڪپ ڪرائڻ ۾ هن انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ايونٽ دوران آءِ سي سي جي صلاحڪار ڪميٽي ۾ پاڪستان جو نمائندو هو، جڏهن ته 1999 ۾ انگلينڊ ۾ ٿيل عالمي ڪپ ۾ پڻ هو ان ڪميٽي جو حصو رهيو . 1996 ۾ کيس آءِ سي سي جي فنانس ۽ مارڪيٽنگ ڪميٽي جو چيئرمين چونڊيو ويو، ۽ جون 2002 ۾ اهو عهدو ختم ٿيڻ تائين هو ان تي برقرار رهيو. ان کانپوءِ هو راند جي عالمي گورننگ باڊي جو نائب صدر بڻيو جڏهن ته آءِ سي سي جي مختلف ڪميٽين ۾ اهم ذميواريون ۽ معاملا انجام ڏيندو رهيو. ڪرڪيٽ راند ۾ بي انتها پيسو آڻڻ ۾ ڀارت جي جگموهن ڊالميا سان گڏوگڏ احسان ماني پڻ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو ۽ قائداڻي صلاحيتن سان گڏوگڏ مالياتي معاملن ۾ مهارت هئڻ سبب هو جون 2003 ۾ آءِ سي سي جو صدر بڻجي ويو ۽ 2006 تائين ان عهدي تي رهيو. هن ڪيترن ئي بينڪن ۾ مختلف عهدن تي فرض انجام ڏنا ۽ هن وقت  به برطانيا جي ڪيترن ئي بينڪن ۽ ريئل اسٽيٽ ڪمپنين جي بورڊ آف گورنرز جو ميمبر آهي.

توهان کي اهو پڻ ٻڌائيندا هلون ته احسان ماني هن وقت شوڪت خانم ميموريل ٽرسٽ جي بورڊ آف ٽرسٽيز جو ميمبر ۽ گليات ڊيولپمنٽ اٿارٽي جو سربراهه آهي. آءِ سي سي جي صدر واري عهدي تان فارغ ٿيڻ بعد به سندس ڪرڪيٽ خاص طور پاڪستان ڪرڪيٽ جي معاملن ۾ دلچسپي ختم نه ٿي ۽ هن اهم مسئلن ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مدد ۽ مسئلن جي نشاندهي جو سلسلو جاري رکيو. ڀارت جڏهن  پاڪستان سان گڏ واعدي جي ڀڃڪڙي ڪندي نه رڳو ملڪ پر ڪنهن  نيوٽرل هنڌ تي پڻ کيڏڻ کان انڪار ڪيو تڏهن احسان ماني ئي اهو پهريون  شخص هو جنهن ڀارت تي پاڪستان کي عالمي ڪرڪيٽ ۾ اڪيلو ڪرڻ جو الزام هنيو هو.جڏهن آءِ سي سي جي نئين مالياتي انتظامي ڊرافٽ جو پروپوزل سامهون آيو تڏهن به هو آسٽريليا، انگلينڊ ۽ ڀارت جي ڀائيواري سان قائم ٿيندڙ بگ ٿري جو پڻ سڀ کان وڏو مخالف رهيو ۽ هن لاڳيتو ان جي مخالفت ڪئي. جڏهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ ذڪاءَ اشرف ۽ نجم سيٺي جي وچ ۾ سربراهي وارو ڇڪتاڻ جاري هو تڏهن به هن ان جي سخت مخالف ڪئي هئي ۽ هن ٻنهي ڌرين کي ڪرڪيٽ جي مفاد ۾ معاملو حل ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو.  جيئن ته احسان ماني مالياتي معاملن جي ماهر هئڻ سان گڏوگڏ انتظامي معاملن ۾ پڻ هڪ جهڙي اهليت رکي ٿو انڪري اميد آهي ته هو پنهنجي وسيع تجربي جي مدد سان نجم سيٺي جي دور ۾ حاصل ٿيندڙ ڪاميابين خاص طور پاڪستان سپر ليگ ۽ ملڪ ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي بحالي وارين ڪوششن کي وڌيڪ بهتر ڪندي پاڪستان ڪرڪيٽ کي عروج ۽ بلندين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

يار محمد شاهه ڪامريڊ سليم سنگت کي سمجهائيندي چيو ته “اڄ نائين محرم آهي ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے