21 جمعو , سيپٽمبر 2018

سنڌ ۾ روڊ حادثن جي وڌندڙ خوفناڪ صورتحال

سنڌ ۾ روڊ حادثن ۾ فوتگين جي صورتحال هاڻي انتهائي تشويشناڪ صورت اختيار ڪندي پئي وڃي، سپر هاءِ وي، انڊس هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ تي ٽريفڪ حادثا جهڙوڪر روز جو معمول بڻيل آهن، خاص ڪري انڊس ۽ نيشنل هاءِ ويز تي صورتحال انتهائي ڳنڀير آهي.

اخباري اطلاع آهن ته گذريل ڏينهن پڻ انڊس هاءِ وي تي ڄامشوري لڳ ٽرڪ ۽ سوزوڪي وين ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا 8 گهر ڀاتي اجل جو شڪار ٿي ويا آهن جڏهن ته ٽي گهر ڀاتي زخمي ٿي پيا آهن، مجموعي طور تي سمجهڻ ائين گهرجي ته مذڪوره ٽريفڪ حادثي جي ڪري جهڙوڪر سڄو خاندان ئي موت جو کاڄ ٿي ويو آهي ايتري قدر جو انهن پويان ٻه لڙڪ لاڙڻ وارو ماڻهو به نه رهيو آهي، حادثو ٿرمل پاور اسٽيشن ڄامشورو وٽ ٿيو جتي گيس سيلنڊر حيدرآباد کڻي ويندڙ ٽرڪ سيوهڻ کان زيارت ڪري واپس ايندڙ خاندان جي هاءِ روف ڪيري وين کي ٽڪر هنيو جيڪو حادثي جو سبب بڻيو.

ڄاڻايل روڊ حادثوانڊس هاءِ وي تي ڪالهوڪي تاريخ جو وڏو حادثو هو پر ان سان گڏ سنڌ جي ٻين مکيه روڊن تي پڻ انهيءَ ڏينهن تي ڪيترائي ننڍا وڏا واقعا ٻيا به ٿيا آهن ۽ روڊن جي صورتحال کي نظر ۾ رکي اها ڳالهه وڌيڪ پڪ سان چئي سگهجي ٿي ته اڄوڪي تاريخ ۾ پڻ ڪو نه ڪو حادثو ضرور ٿيو هوندو.

دنيا جو اهو دستور آهي ته جيئن جيئن ۽ جهڙي نموني جي ٽريفڪ وڌندي آهي، انهيءَ طرح سان ۽ انهيءَ معيار سان روڊن جي تعمير عمل ۾ آندي ويندي آهي، خاص ڪري اهو خيال رکيو ويندو آهي ته جيڪي روڊ صنعتي گاڏين جي آمد درفت لاءِ هوندا آهن، اهي اڪثر ڪري پبلڪ ٽريفڪ لاءِ منع قرار ڏنل هوندا آهن، پر جي انهن تي پبلڪ ٽريفڪ هلندي به آهي ته ان جي تحفظ لاءِ انتهائي جوڳا اپاءَ کنيا ويندا آهن، اهو ئي سبب آهي جو دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ روڊ حادثن جي شرح گهٽ آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ هر هفتي هڪ ايڏو وڏو روڊ حادثو ضرور ٿئي ٿو جنهن ۾ سڄو خاندان اجل جو شڪار ٿي وڃي ٿو جيئن ڪالهوڪي حادثي ۾ ٿيو آهي، ڇو جو پبلڪ ٽريفڪ ۽ ڪمرشل / صنعتي ٽريفڪ هڪ ئي روڊ تي هلي ٿي، مذڪوره واقعي جهڙو ڪو هڪ به واقعو جيڪڏهن آمريڪا، برطانيه، جرمني يا فرانس ۾ ٿئي ها ته اصل حڪومت ئي لڏي وڃي ها، پر هتي افسوس جو مقام اهو آهي ته روز جي بنيادن تي ٿيندڙ واقعن باوجود وفاقي توڙي صوبائي سرڪار ڪو جوڳو ۽ فوري تحرڪ نه پئي وٺي.

اخبارن ۾ روز جي بنيادن تي حادثن جون خبرون شايع ٿين پيون ۽ انهن ۾ هاڻي ته اڪثر ڪري ساڃاهه وند ماڻهو اهو پڇي رهيو آهي ته سنڌ ۾ ٿيندڙ روڊ حادثن جو ذميوار ڪير آهي، ڪو نوٽس نه پيو وٺي، روڊ ڇو نه پيا ٺاهيا وڃن، عوام جي اهڙن سوالن ۾ هاڻي جهڙوڪر ڪافي تلخي به اچي وئي آهي، ۽ انهيءَ ڏس ۾ اسان نيشنل هاءِ وي ۽ انڊس هاءِ وي تي عوام جا ڪيئي احتجاج پڻ ڏسي چڪا آهيون، اسين اهو سمجهڻ ۾ حق بجانب آهيون ته عوام جيڪو به احتجاج ڪري ٿو، حادثن جي حوالي سان جيڪا به وضاحت طلب ڪري ٿو، ان ۾ عوام حق بجانب آهي ڇو جو حادثن ۾ وڌ ۾ وڌ نقصان عام ماڻهن جو ٿئي ٿو. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عوام جي اهڙي ڳڻتي دور ڪرڻ لاءِ سرڪاري سطح تي فوري اپاءَ ورتا وڃن.

اسان اڳ به ڪيئي ايڊيٽوريلز ۾ وفاقي، توڙي سنڌ سرڪار کي عرض ڪري چڪا آهيون ته سنڌ جي انهن خوني روڊن تي ٿيندڙ المناڪ روڊ حادثن جو نوٽس ورتو وڃي ۽ روڊن کي ٽريفڪ جي گنجائش ۽ جديد تقاضائن مطابق بڻايو وڃي ۽ روڊ حادثن کان بچاءَ لاءِ جيڪي انتظامي اپاءَ آهن اهي فوري طور تي کنيا وڃن پر ان سان گڏوگڏ سنڌ جي هاءِ ويز تي هنگامي طبي امدادي مرڪز قائم ڪيا وڃن ۽ انهن هاءِ ويز جي مکيه هندن تي جيڪڏهن ڪي سرڪاري اسپتالون آهن ته انهن ۾ به فرسٽ ايڊ جو جوڳو بندوبست ڪرايو وڃي ته جيئن ڪنهن به امڪاني صورتحال کي منهن ڏئي سگهجي.

ٽريفڪ حادثن جي حوالي سان اسان اهو به ڏسي چڪا آهيون ته ڪجهه سماجي تنظيمن پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪجهه ايمبولنس سروس قائم ڪيون آهن جن پڻ ٽريفڪ حادثن جي صورت ۾ جوڳو ڪردار ادا ڪندي ڪيتريون ئي قيمتي جانيون بچايون آهن، سندن اهڙو عمل به جس لائق آهي، پر اسين سمجهون ٿا ته ٽريفڪ حادثن جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سرڪاري طور تي اپاءَ ورتا وڃن ڇو جو سماجي تنظيمون پنهنجن محدود وسيلن ۽ بجيٽ ڪري پنهنجو ڪردار وسيع طور تي ادا ڪري نه ٿيون سگهن اهو تمام مشڪل آهي، اسين وري به سنڌ سرڪار کي گذارش ڪنداسين ته جيستائين روڊن جي صورتحال بهتر ٿئي، معياري ۽ ويڪرا روڊ تعمير ٿين تيستائين حادثن کان بچڻ لاءِ اپاءَ ۽ حادثن جي صورت ۾ قيمتي جانيون بچائڻ لاءِ طبي امداد ۽ ايمبولنس سروس مُهيا ڪرڻ جي مد ۾ اپاءَ وٺي ۽ ڊگهي مدي لاءِ روڊن کي ضرورت جي آڌار تي ۽ بين الاقوامي معيار جو بڻائڻ لاءِ ڪوششون وٺي.

آچر، 2 سيپٽمبر 2018ع، 21 ذوالحج 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ حڪومت جي بجيٽ ۽ مالي بحران جون شڪايتون

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مالي سال 19/2018 جي 9 مهينن لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے