20 خميس , سيپٽمبر 2018

ڪجهه نه ڪجهه نئون ڏيندڙ : نصير سومرو

نصير سومرو ڪنهن به رسمي سڃاڻپ کان پاڻ کي مٿي کڻي آيو آهي، هو جيترو نظم ۾ ڪوٽيبل آهي اوتروئي نثر ۾ ڪوٽيبل آهي. اسان جي عمر وارن ليکڪن جو نثر جتي پڄاڻيءَ تي پهچي ٿو، اُتان نصير جو نثر شروع ٿئي ٿو. ٻيءَ طرح نصير جي اول آخر سڃاڻپ شاعر واري آهي، هو شاعريءَ جي مڙني صنفن کان واقف آهي ۽ انهن ۾ هن طبع آزمائي پڻ ڪئي آهي، سندس شاعريءَ ۾ نه فقط ڳوٺاڻي زندگيءَ جو مشاهدو آهي پر صنعتي زندگيءَ جي اذيتن جو ذڪر به آهي ته غير محسوس نموني سنڌ جي ٽٽندڙ اخلاقي قدرن جي اپٽار به آهي.

نصير جي واڌو خوبي اِها آهي ته هو لکندڙ کان پهريان هڪ ويچارڪ شخص آهي ۽ اهو به ڪجهه نئين ڏيڻ جي حوالي ۾، ان ڪري هن سنڌي ادب کي سدائين ڪجهه نئون ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جنهن جو مثال هيٺ ڏنل سندس ڪجهه شعر آهن، جيڪي محسوس ڪرائن ٿا ته هُو لڳاتار ڪجهه نئين ڏيڻ جي تلاش ۾ آهي.    (ر ي-ميم)

غزل

 

سُندر سانجھه ٽاڻي گگن جو لقاءُ

بَکي جھڙ پِيا جي بدن جو لقاءُ

 

قطارن ۾ ڪُونجن جو منظر ڪُهي

مٿي تي گھڙا ۽ لَڪَن جو لقاءُ

 

وڄي سانت جي جهانجهه صحرا مگن

عجب چهچٽي ۾ چمن جو لقاءُ

 

سدا رقص ۾ رنگ سارا رتل

عشاقن جو سُونهين وچن جو لقاءُ

 

چڪورن جو ڇا جو تِکي اُسَ پُڇن

چانڊوڪي ۾ باغِ عدن جو لقاءُ

 

اُماوس ۾ ور سان وني سيج تي

ٽانڊاڻن جي ٽم ٽم ملن جو لقاءُ

 

اسان جا حوالا مٽي ۾ نصير

صدين کان سڃاڻپ دڙن جو لقاءُ!

*****

ڀري جوانيءَ گلاب ارپيو

گلاب خوشبوءَ سراب ارپيو

 

سراب کوليون اکيون امالڪ

نظر نظر هو شراب ارپيو

 

شراب ڇا هو نشو نشي تي

خُمارَ ڪافر خطاب ارپيو

 

چُنيءَ بدن تا ڪا کير ڌارا

ٽاڪي ٽاڪي هو اَلاڀ ارپيو

 

تنهنجي چانڊوڪي ڏٺي چندرما!

اُڌار سِجَ هو نقاب ارپيو

 

چِٽو چوڏهينءَ تي نظر ايندو آ

چُٽو، جو چنڊ کي شباب ارپيو.

 

۽ ڏات ديويءَ ڀريو ڀاڪر ۾

سرور يڪتا عتاب ارپيو!

*****

آسمان تان لٿا آهيون!

يا زمين مان ڦُٽا آهيون؟

 

مَنَ سُڃاڻي سگھون پاڻ کي،

گَسَ لتاڙي ٿڪا آهيون!

 

ٻيو تماشو به ڪهڙو ڪيون،

سڀ نشانا گُٿا آهيون!

 

ڇِڪَ اکين ۾ ڏسي چقمقي،

هر قدم تي ڪُٺا آهيون!

 

سِج ٿيڻ ٿي گھريو پر نصير،

کڙکٻيتا چڱا آهيون!

*****

نظم

 

اوسيئڙي ۾

نِير نديءَ جي ڪڙ سان

تارن ڀري رات ۾

سونهن ڀري سانت ۾

آءُ اڪيلو وهندو آهيان

اوسيئڙي ۾

رهندو آهيان

ڄاڻ بتيلو آيو تڙ تي

نيئي ويندو مونکي ساڻ!

 

چانڊوڪيءَ جا چِٽَّ هجن يا

ٽانڊاڻن سجا لشڪر

ساهه سيباڻا سنگتي

ڀڳتي سان گڏ ڀڳتي

ٽاڻن جا ٽاڻا ساندهه

دکندا ٻجھندا

ساڻم گڏگڏ

پرهه ڦٽي پرڀات تائين

ڀڳتيءَ من جي

ڀُونءِ ڀڳت ۾

ڏور افق تان تارا ڏسندا

هيٺ لهي جي ايندا

ٽانڊاڻن جو روپ ڌاريندا

چانڊوڪي ۾

وسري ويندو

ويٺو آهيان

ترت وڃڻ جي اوسيئڙي ۾

جذبن جاڳي جوت جڏهن ٿي

تارن ۾ هڪ چنڊ نيارو

چهرو چوڏهينءَ چنڊ

موهه موچارو

موهي وجھي ٿو منڊ!

ايڏا سنگتي ساڻ ساڻ

ڪيئن اڪيلو

ڀانيان پاڻ!

وقت کان پهريون

ڪير ڇڏيندو

ايڏي دنيا دلفريب!

*****

پڌرنامو

اسان خوار آهيون  به ڇو

خراب آهيون  به ڇو

ڀاڳ ناهي اهو

پٿر تي ليڪو!

 

ڀاڳ اسان پاڻ آهيون

ڀاڳ سٺو ناهي ته بدلايون

دنيا ڏسندي

دنيا وانگر

ڀاڳ اسان بدلايوسي

پڪ ڄاڻو

اسان  ۾ ڏات لڪل آهي

پاڻ سڃاڻون

دير ڇا جي!

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنيهو سچ جو منور علي منور ڪيهر جي شاعريءَ جي ڪتاب جو تعارف:ايل بي سولنگي

منور علي منور ڪيهر جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ سان آهي. آگاڻي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے