24 سومر , سيپٽمبر 2018

خوبصورت خيالن واري شاعرا : عين سحر

غضنفر سولنگي

شاعري حساس جذبن, ڪيفيتن ۽ احساسن جي ترجماني ڪندي آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو ادب ۾ شاعري کي خاص اهميت ۽ مقام حاصل آهي. سنڌ ۾ نئين ٽهي ۾ ڪيترائي سٺا ۽ خوبصورت شاعر موجود آهن, جن جي شاعري ۾ نه رڳو جمالياتي اظهار سمايل آهي پر ان سان گڏ سنڌي شاعري ۾ پنهنجي ڌرتي جي سماجي ۽ قومي حالتن جي به اپٽار موجود آهي. ساڳي جڳھه تي سنڌي شاعرائن به شاعري جي ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي. ڪيتريون سنڌي شاعرائون آهن, جن جي شاعري ۾ نه رڳو جذبن ۽ احساسن جو خوبصورت انداز ۾ اظهار ملي ٿو پر ساڳي جڳھه تي سندن شاعري ۾ سماجي ڪيفتن جي به بهتر انداز ۾ اپٽار ٿيل آهي.

سنڌ جي شاعرائن ۾ عين سحر کي به بهترين خيالن واري شاعرا ڳڻي سگهجي ٿو. عين سحر جي شاعري ۾ خيال جو انتهائي خوبصورت اظهار ملي ٿو. هوءَ بهتر انداز ۾ شاعري جهڙي انتهائي حساس ۽ نازڪ صنف سان نڀائيندي رهي آهي. سندس شاعري ۾ اڪثر ڪري داخلي ڪيفيتن جو اظهار ملندو پر ان داخلي ڪيفيت جي اظهار ۾ مجموعي طور تي معاشرتي حالتن جو اولڙو به پسي سگهجي ٿو.

بهرحال اهو ته طئه آهي ته وقت جو ڏات ڌڻي جڏهن پنهنجي ذهني پورهئي سان ادب جي ڪنهن به صنف ۾ انتهائي سچائي ۽ جذبن جي پوري ديانتداري سان خوبصورت خيالن جا عڪس اوتيندو آهي ته سندس اهو پورهيو ڪڏهن به ضايع ناهي ٿيندو ۽ ان پورهئي جي ڪري ئي هو امرتا ڏانهن وک وڌائيندو آهي ۽ تاريخ سندس پورهئي جي پذيرائي ضرور ڪندو آهي.

لاڙڪاڻي ڄائي عين سحر به شاعري جي تاڃي پيٽي ۾ اهڙو ته جڙي بيٺي آهي جو ادب جي ميدان ۾ سندس پورهئي کي وساري نٿو ڪري سگهجي.

عين سحر جون هي سٽون ڏسو:

اکين جي موسم بدليل آهي اڄ وري

مينهن ئي مينهن جو رڳو وسڪارو ٿو ڏسجي

درد زندگي جو اڻٽٽ حصو آهي ۽ لڙڪ درد جي اڻ جهل ڪيفيت جو اظهار هجن ٿا. عين سحر جي مٿين سٽن ۾ درد جو اڻ جهل اظهار سمايل آهي, هوءَ اکين جي ڪيفيت بيان ڪري ٿي ۽ اکيون وري دل جي ڪيفيت بيان ڪري رهيون آهن. اهوئي شاعر جو ڪمال هوندو آهي ته هو مختصر لفظن ۾ وڏي مفهوم کي بيان ڪري. عين سحر جي شاعري ۾ درد کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي ۽ اهوئي سبب آهي جو سندس شاعري اڪثر درد جهڙي ڪيفيت جي چوڌاري ڦري ٿي.

هي سٽون ڏسو:

اکين ۾ درد جي اپٽار ٿي ڏسجي

ڳلن تي ڳوڙهن جي قطار ٿي ڏسجي

يقينن جڏهن دل ۾ درد دکي پوندو آهي, تڏهن اکين ۾ نمي ۽ لڙڪن جو لڙي پوڻ فطري ڳالھه آهي. اها عام انساني ڪيفيت آهي, جنهن لاءِ ڪنهن خاص ٻولي يا اظهار جي مخصوص انداز جي ضرورت ناهي هوندي. درد ته درد هوندو آهي, اهو ڪنهنجو به هجي, ڪهڙي به ٻولي ڳالهائيندڙ جو هجي پر ان جو اظهار مڙوئي ساڳيو هوندو آهي. لڙڪ درد جو اظهار بڻبا آهن ۽ چهري جي ڪيفيت به درد توڙي تڪليف کي اظهاريندي آهي. عين سحر جي شاعري بنيادي طور داخلي ڪيفيتن تي آڌاريل آهي ۽ داخلي ڪيفيتن جو محور گهڻي ڀاڱي ڏک آهي, جيئن گوتم ٻڌ به چيو هو ته "سرم دکم دکم”

عين سحر جي شاعري مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپبي رهي آهي ۽ اڄڪلھ سوشل ميڊيا تي سندس شاعري گهڻي ڀاڱي ماڻهن جي نظرن مان گذري ٿي. هوءَ لڳاتار شاعري سان نڀاءُ ڪندي پئي اچي. هونئن به جڏهن ڪوبه تخليقڪار مستقل مزاجي سان تخليقي پورهيو جاري رکندو آهي, تڏهن نه رڳو اظهار جو انداز بهتر ۽ ڀرپور ٿيندو ويندو آهي پر ساڳي جڳهھ تي تخليق ۾ فڪري پختگي به جاءِ والاري وٺندي آهي ۽ نت نون خيالن جا دروازا به کلي پوندا آهن.

بهرحال عين سحر اڄوڪي شاعرائن جي صف ۾ پاڻ مڃائي چڪي آهي ۽ ان جو سبب سندس لڳاتار تخليقي پورهيو آهي. سندس شاعري پڙهڻ سان يقينن من مهڪي پوندو آهي. سندس شاعري ۾ بهتر ۽ خوبصورت خيالن جا عڪس ملن ٿا, سندس هي سٽون به دل کي ڇهندڙ آهن:

ڪو زنجير روڪي نه سگهيو خيال آ

سوچ جي اوچي اڏام جهلجي ئي نٿي

هي به ڏسي سگهو ٿا

ليلا خالد: تاريخ جو بهادر ڪردار:حميده گهانگهرو

اها چوڻي مشهور آهي ته عورت نفيس، نازڪ، ڪمزور دل ۽ هيڻي هوندي آهي، اهو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے