21 جمعو , سيپٽمبر 2018

ڊاڪٽر قاضي خادم جو مرتب ڪيل ڪتاب | محمد حسين تُرڪ – اي مين وٿ مشن

رکيل مورائي

ڪي ڪي شخص ادارن جا جوڙيندڙ به ٿيندا آهن ته پاڻ پڻ ادارن جي اهميت رکندا آهن، پڪ سان محمد حسين تُرڪ صاحب انهن شخصن مان هُئو.  اهو سڀ سندس زندگيءَ بابت سهيڙيل هن ڪتاب ۾ شامل آهي. جنهن کي اسان جي نامياري اسڪالر ڊاڪٽر قاضي خادم صاحب نهايت گهڻي جاکوڙ کان پوءِ ترتيب ڏنو آهي ۽ ان کي نالو ڏنو اٿائين” محمد حسين تُرڪ اي مين وٿ مشن.“

هن ڪتاب ۾ هڪ شخص جون اهو سڀ حاصلاتون آهن، جيڪي هُن پنهنجي ڄمار ۾ حاصل ڪيون آهن، ٻيءَ طرح هن ڪتاب کي علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي همعصر طور به ڏسي سگهجي ٿو.

ڪيئن به هن ڪتاب ۾ قاضي صاحب ترڪ صاحب جون اُهي لکڻيون به ڏنيون آهن جيڪي ترڪ صاحب ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پڙهيون آهن. ساڳئيءَ طرح ڪي لکڻيون ترڪ صاحب جي شخصيت بابت پڻ ڏنل آهن، جن ۾ سندس زندگيءَ جي حاصلاتن بابت ڄاڻايو ويو آهي. جن مان ڄاڻ پوي ٿي ته سنڌي ادبي بورڊ جي واڌاري ۾ پڻ ترڪ صاحب جون چڱيون محنتون آهن.  سچ پچ ته ترڪ صاحب جهڙا مضبوط شخص ئي ادارن کي جوڙيندا آهن ته انهن کي هلائي پڻ ڄاڻندا آهن. ان سڀ جي لاءِ نه رڳو هن ڪتاب کي پڙهي سگهجي ٿو پر سنڌي ادبي بورڊ جي ان دور کي به ڏسي ۽ پڙهي سگهجي ٿو، جنهن دور ۾ تُرڪ صاحب سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري هُئو ۽ علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جهڙو برک عالم بورڊ جو چيئرمين هُئو.

هن ڪتاب ۾ ترڪ صاحب جا سورهن ليک شامل آهن جن مان تيرهن سنڌيءَ ۾ آهن ۽ ٽي اردوءَ ۾ آهن، ساڳئي وقت ڪجهه تقريرو ۽ ليک انگلش ۾ پڻ آهن جنهن ڪري هيءُ ڪتاب مجموعي طور اسان جي ٽنهي ٻولين انگلش، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ آهي جن ۾ تُرڪ صاحب جي ليکن کان سواءِ سندس باري ۾ پڻ ڪجهه ليک ڏنل آهن جيڪي اهو سڀ ثابت ڪن ٿا ته تُرڪ صاحب سچ پچ ” مين وٿ مشن“ هُئو. ڪتاب سهيڙڻ وقت قاضي خادم صاحب ڪجهه تصويرون پڻ ڪتاب ۾ شامل ڪيون آهن جن ڪتاب کي هڪ دستاويزي شڪل ڏني آهي.

ڪنهن به طرح هن پڙهڻ جهڙي ڪتاب ۾ اٺانوي صفحا انگلش ۾ ڏنل آهن ۽ ڇهاسي صفحا اردو ۽ سنڌيءَ ۾ شامل ڪيل آهن.

پڪي جلد ۽ اعليٰ پني واري هن خوبصورت ڪتاب کي ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپايو ويو آهي، جنهن جو ملهه ٽي سئو رپيا آهي. ڪتاب ۾ هڪ اهم شخص کي محفوظ ڪيو ويو آهي. جيڪو اڳتي هلي ممڪن هُئو ته عام پڙهندڙ کان وسري وڃي ها. ڪنهن به طرح قاضي خادم صاحب جسُ لهڻي جنهن هڪ اهم شخصيت کي لکيت ۾ محفوظ ڪري ورتو آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنيهو سچ جو منور علي منور ڪيهر جي شاعريءَ جي ڪتاب جو تعارف:ايل بي سولنگي

منور علي منور ڪيهر جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ سان آهي. آگاڻي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے