20 خميس , سيپٽمبر 2018

ڳوٺاڻي ڪچهريءَ جو فتح خان سيد صالح محمد شاهه

وزير فرھاد سولنگي

آواز جي دنيا سان رغبت رکندڙ سيد صالح محمد شاھ سنڌي لوڪ ادب ۽ ريڊئي جي دنيا ۾ فتح خان جي نالي سان مشهوري ماڻيندڙ سنڌ جي اها شخصيت هئي. جنهن پنهنجي ڏات ذريعي هارين، پورهيتن، ڳوٺاڻن ۽ هر سنڌ واسيءَ جي دل ۾ جڳھه ٺاهي. سندس خاندان ۾ وڏا شاعر، اديب ۽ عالم ٿي گذريا آهن جنهن ڪري کيس گهريلو ماحول ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو رسالو ۽ شاھ عبدالڪريم بلڙي واري جو ڪلام صحيح تلفظ سان ٻڌڻ ۽ پڙهڻ جو موقعو مليو.

سيد صالح محمد شاھ جو جنم حيدرآباد ڀرسان موجود ڳوٺ دريا بيگ مغل ۾ چوٿين اپريل 1938ع ۾ سيد دادن شاھ جي گهر ۾ ٿيو. ابتدائي دور ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ چار درجا پڙهيو بعد ۾ والدين جي خانداني ڊاڪٽر ضياءُ الدين شيخ جي مشوري تي جامعيه عربيه حيدرآباد ۾ پڙهڻ لاءِ داخل ڪيو ويو هن درسگاھ کي ڪنٽومينٽ ٿاڻي جي ڀرسان هڪ مسواڙ جي جڳھه ۾ سيد اڪبر علي شاھ ميهڙ وارو هلائيندو هيو. جتي ديني تعليم سان گڏ انگريزي تعليم پڻ ڏني ويندي هئي. ورهاڱي کانپوءِ لڏپلاڻ ڪري خالي ٿيل جڳھه جيڪا تلڪ چاڙهيءَ تي واقع هئي. انهيءَ درسگاھ کي ان جڳھه ۾ منتقل ڪيوويو جتي ڪجهھ عرصو پڙهي 16 سالن جي ڄمار ۾ اديب، عالم فاضل جو امتحان پاس ڪيائين.

سيد صالح محمد شاھ 1956ع ۾ پرائمري استاد جي حيثيت سان سرڪاري ملازمت ۾ داخل ٿيو. سندس پهرئين مقرري ڳوٺ موري منگر ۾ ٿي. پاڻ پنهنجي هڪ دوست عبدالطيف عباسي جي زور ڀرڻ تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي چوٿين اپريل 1958ع ۾ آڊيشن ڏنائين. اهڙي طرح بهترين آواز ۽ بهترين تلفظ جي ڪري کيس ريڊيو حيدرآباد تي بحيثيت صداڪار سليڪٽ ڪيو ويو، عبداللطيف عباسي سندس گهاٽو دوست هئڻ سان گڏ سندس ڪلاس فيلو پڻ هيو. جيڪو اڳ ۾ ئي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڪمپيئرنگ ڪندو هو.

سيد صالح محمد شاھ جو پهريون ڊرامو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ريڪارڊ ٿيو جنهن ۾ هن مغل بادشاھ بهادر شاھ ظفر جو ڪردار ادا ڪيو ۽ اهڙي طرح هن پنهنجي فني ڪيريئر جي شروعات ڪئي. انهيءَ دور ۾ ريڊيو حيدرآباد تي ايترو عملو نه هليو ۽ نه وري ايترا آرٽسٽ هوندا هئا. مصطفيٰ قريشي پروڊيوسر هوندو هيو. جيڪو اڪثر ڊرامن ۾ مرڪزي ڪرادر ادا ڪندو هيو. انهيءَ دور سيد صالح محمد شاھ جي ريڊيو حيدرآباد اچڻ ڪري ريڊيو ڊراما ۾ مرڪزي ڪردار ملڻ لڳا. ايوب خان جي شروعاتي دور ۾ زرعي سڌارا آندا ويا. جنهن ڪري ريڊيو ملتان ۽ ريڊيو حيدرآباد تان هارين ۽ آبادگار ڀائرن لاءِ ”جمهور جو آواز“ جي نالي سان پروگرام شروع ڪيو ويو جنهن ۾ سيد صالح محمد شاھ کي زرعي ڪچهري لاءِ هڪ پرئي مڙس جو ڪردار ڏنو ويو اهو هڪ اهڙو ڪردار هيو جيڪو هڪ ٻهراڙيءَ جو پوڙهو چڱو مڙس جيڪو ڪچهري ۾ ٻڌندڙن کي زرعي ڪچهري سان گڏ سنڌ جي ثقافتي، روايتي ۽ ٻولي بابت سٺيون ڳالهيون ٻڌائيندو هيو. اهڙي طرح سيد صالح محمد شاھ ريڊيو حيدرآباد تي لاڳيتو ٽن سالن تائين فتح خان جي ڪردار سان نڀاءُ ڪيو. پر ريڊيو ٻڌندڙن کي ڪا به سُڌ نه هئي ته هي پوڙهي فتح خان جو ڪردار صالح محمد شاھ ڪري رهيو آهي. فتح خان جي ڪردار کي سڄي سنڌ ۾ انتهائي ڀرپور موٽ ملي.

سيد صالح محمد شاھ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي انائوسر کانسواءِ ريڊيو فيچرن، ڊرامن ۽ تقريرن ۾ حصو ورتو. پر فتح خان جي ڪردار کيس عالمي شهرت تائين پهچايو هن ”ڳوٺاڻي ڪچهريءَ“ جو پروگرام لاڳيتو چاليھه سالن تائين پيش ڪيو. هي پروگرام 3 آڪٽومبر 1959ع کان 20 جولاءِ 1960ع تائين “ڳوٺاڻي ڪچهري جي نالي سان پيش ٿيندو رهيو. بعد ۾ هن پروگرام جو نالو ٿبديل ڪري ”جمهور جو آواز“ رکيو ويو. سيد صلاح محمد شاھ هن پروگرام کي وڌيڪ ڪارائتو بنائڻ لاءِ ان ۾ موسيقي لوڪ ادب، سگهڙ هنر، بيتن، لوڪ ڪهاڻين، مذهبي واقعن قصن، ڳجهارتن، ڪافين، صحت، تعليم، ادب ۽ تاريخ شامل ڪري چار چنڊ لڳائي ڇڏيا جنهن ڪري سندس هي پروگرام ريڊيو پاڪستان جي تاريخ ۾ يادگار پروگرامن ۾ ليکيو وڃي ٿو.

سيد صالح محمد شاھ نج ٻهراڙي سان تعلق رکندڙ  هيو. جنهن ڪري کيس ٻهراڙيءَ جي ريتن رسمن، سونڻن  ساٺن ۽ رهڻي ڪهڻي جي سٺي ڄاڻ هئي. انهيءَ ڪري سندس پروگرام ۾ ٻهراڙي جي ڪچهري جا روايتي عڪس شامل هئا سندس ادا ڪيل جملن جي جوڙ جڪ پڪي پختي ٻولي، وسيع تر مطالعو، ٺيٺ سنڌي لهجو، محاورن پهاڪن ۽ لوڪ ادب جي سمورن صنفن جهڙوڪ، ڏٺ، پرولي، سينگار، گرچيلو، ڳجهارت وغيره سان گڏ فني موسيقي ۾ تمام وسيع معلومات رکندو هيو پاڻ سخن ور، يارويس، راڄائتو مهمانواز، ڳڻ ڀريو سڀاءُ، کل مک طبيعت جو مالڪ هيو. سيد صالح محمد شاھ ڀٽائي ڳوٺ جو حد درجي جو مداح هيو. ۽ ڀٽائي جي ڪلام جو قدردان هيو. جڏهن به ڪو بيت پڙهندو هيو ته زير زب مد پيش ۽ صحيح اچار سان پڙهندو هيو. اهڙي طرح هي سنڌي ٻولي جي مزاج، سٽاءُ ۽ اثرن کان ڀلي ڀت واقف هيو. سيد صالح محمد شاھ علم ۽ ادب جو ڄاڻو هئڻ سان گڏ نجي زندگي ۾ به باوقار ۽ باڪردار شخصيت جو مالڪ هيو. پروگرام ڪچهري دوران ڪچهريءَ ڪرڻ وارا کيس ڏاڏا يا جهونا چئي مخاطب ٿيندا هئا. سندس آواز ۾ شاھ لطيف جو رسالو تحت الفظ رڪارڊ ڪيو ويو. جيڪو ريڊيو پاڪستان ڪراچي، حيدرآباد، خيرپور، لاڙڪاڻي تان اڄ تائين به پيش ڪيو وڃي ٿو.

سيد صالح محمد شاھ، پاڪستان ٽيلي ويزن تي پڻ ڪم ڪيو. جنهن ۾ سندس پروگرام ”اوطاق“ جي نالي سان مشهوري ماڻي کيس عبدالڪريم بلوچ ٽي وي تي آندو پاڻ سنڌي فلمن ۾ به ڪم ڪيائين جنهن ۾ فلم ”رنگ محل“ ۽ ”تنهنجون ڳالهيون سڄڻ“ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيائين. ان کان علاوه پي ٽي وي تي پنجن ڊرامن ۾ ڪم ڪيائين جنهن ۾ نسيم کرل جو لکيل ڊرامو ”پهرئين مراد“ شامل آهي. ”مهراڻ آرٽ سرڪل“ جي پليٽ فارم تان اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم پڻ ڪيائين جنهن ۾ ليليٰ چنيسر ۽ ٻيو اسٽيج ڊرامو ڊرامو “خوني” شامل آهن ان کان علاوه سندس منظوم ڊرامو ستارا ۽ راج ڏاهر به ذڪر جوڳا آهن. سنڌي ثقافت جي هن سفير ۽ گهڻ رخي شخصيت پنهنجي زندگي ۾ ڪيتريون ئي ڪاميابيون ماڻي سنڌ واسين کان عزتون ۽ محبتون حاصل ڪيون. ۽ سندس فتح خان جي ڪردار پروگرام اوطاق ۽ پروگرام رس رهاڻ کي ڪڏهن به نه وساري سگهندا.

سيد صالح محمد شاھ کي سندس فني خدمتن عيوض حڪومت پاڪستان صدارتي ايوارڊ حسن ڪارڪردگي ڏنو. ان کان علاوه پاڪستان ٽيليوزن طرفان گولڊ ميڊل سگا گولڊ ميڊل شاھ لطيف ڪلچر سوسائٽي طرفان گولڊ ميڊل ۽ ٻين ڪيترن ئي مختلف تنظيمن طرفان ڪيترائي ايوارڊ ۽ سندون مليون. سنڌ جو هي بي بها ۽ انمول ماڻهو پهرئين سيپٽمبر 2007ع تي سنڌ واسين ۽ پنهنجن پر ستارن کان جسماني طور وڇڙي ابدي آرام ٿيو سندس يارهين ورسي جي موقعي تي کيس لفظن جي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنيهو سچ جو منور علي منور ڪيهر جي شاعريءَ جي ڪتاب جو تعارف:ايل بي سولنگي

منور علي منور ڪيهر جو تعلق لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ آگاڻيءَ سان آهي. آگاڻي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے