19 اربع , سيپٽمبر 2018

اقتدار جا ڏکيا رستا ۽ اميدون

مهتاب اڪبر راشدي

نئين وفاقي حڪومت ٺهي وئي، صوبائي حڪومتون به ٺهي چڪيون ۽ انهن جون اڻ پوريون ڪابينائون به جڙي ويون آهن، نوان گورنر به اچي ويا، بس هاڻي آخري مرحلو صدرِ پاڪستان جو وڃي بچيو آهي، سو به چوٿين سيپٽمبر تي وڃي پورو ٿيندو.

اهڙي طرح حڪومت چونڊن وسيلي، اقتدار جي تبديليءَ وارو سلسلو هاڻي ختم ٿيڻ تي آهي، جيئن توقع هئي ۽ نظر آيو پئي ته، هارائڻ وارا واويلا مچائيندا سو به ٿي چڪو، جيڪو کٽيو، تنهن لاءِ ته چونڊ عمل بلڪل صحيح هو، پر هارائڻ وارن لاءِ نه پوءِ اهي ڪهڙي به سياسي پارٽيءَ سان لاڳاپيل هئا، تن لاءِ چونڊ عمل سڄي جو سڄو غلط ۽ بد ديانتي تي ٻڌل هو، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اليڪشن ڪميشن، پنهنجي پوري ڪوششن جي باوجود به شفاف ۽ نامتنازعه چونڊون ڪرائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي، 2013ع ۽ 2018ع واريون چونڊون، انهي باقاعدگين ۽ بي اعتماديءَ جو شڪار رهيون، نئين حڪومت ته اُها اليڪشن ڪميشن جي نئين سر تشڪيل ڪري ۽ ان کي هڪ اهڙو با اختيار ادارو بڻائي جيڪو هر طرح جي سياسي دٻاءُ کان مٿاهون هجي.

جڏهن ڳالهه حڪومت تي لاڳو ذميوارين جي ٿي اچي ته قوم جي سامهون مستقبل ۾ هڪ سخت ترين آزمائش جي تصوير سامهون ٿي اچي وڃي، پوئين حڪومت ڪنهن ڳالهه ۾ گهٽايو ئي ڪونهي، جنهن شيءِ ۾ هٿ وجهه، اُتان رڳو بد عنوانين، اقرابا پروري ۽ قوم جي پئسي تي عيش ڪرڻ جا قصا پيا نڪرن، اهڙي صورتحال ۾ عمران خان جي تبديليءَ وارو پروگرام ڪيتري حدتائين عمل هيٺ ايندو ۽ ڪيتري ڪاميابي ماڻيندو، سو هڪ وڏو سوال آهي.

قوم پوين حڪمرانن جي شاهي طرز زندگي ۽ ذاتي مفادن ۽ ايڊهاڪ فيصلي جي نتيجي جي ڪري ملڪ بدترين معاشي بدحاليءَ جو شڪار آهي، سينيٽ ۾ بيان ڏيندي ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر ايوان کي اهو ٻڌايو ته رڳو ملڪي ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ هڪدم 9  ارب ڊالرن جي ضرورت آهي، اِها رقم ڪٿان ايندي ؟ اهو پڻ هڪ وڏو سوال آهي، اِها ڳالهه ته هاڻي هر ننڍو وڏو سمجهي چڪو آهي ته قوم جن کي چوڪيدار سمجهي، ملڪ جي نگهبانيءَ لاءِ رکيو هيو، اُهي ئي وڏا ڌاڙيل نڪتا، جنهن جو جيترو وس پڳو، تنهن پنهنجا ۽ پنهنجي خاندان جا ڀڀ ڀريا ان سلسلي ۾ جيڪي انگ اکر سامهون پيا اچن اُن مطابق ساڍا ٽي سئو ارب ڊالر ملڪ مان لُٽي، ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪليا ويا آهن، انهيءَ ئي سلسلي ۾ نيب جهڙا ادارا چرپر ۾ آيا ۽ نواز شريف ڌيءَ ۽ ناٺي سوڌو، اڊياله جيل پهچي چڪو آهي ۽ نواز شريف سياست مان سڄي عمر لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو آهي.

اِهو ڦِرڪو هاڻي سنڌ طرف رُخ ڪري چڪو آهي ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين اڳوڻي صدر جناب آصف زرداري ۽ سندس همشيره محترمه، فريال ٽالپر صاحبه جون به بئڪنگ ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ حاضريون جاري آهن، حالتون ڏسندي ئي ڏسندي ڪئين مٽجي ٿيون وڃن ! اهو حيرت کان وڌيڪ عبرت جو مقام آهي.

کل کي حاکم آج کي مجرم ٺهيري

هم ني پل بهر مين نصيبون کو بدلتي ديکها

اهو شعر شايد ان کان اڳ به ڪنهن ڪالم ۾ لکي چُڪي آهيان پر هنن هاءِ پروفائيل ملزمان/مجرمان تي بلڪل صادق ٿو اچي.

هاڻي ته اسان سڀني کي سمجهه ۾ اچڻ کپي ته انهن سڀني کي ”جمهوريت“ ڇو ايڏي پياري آهي؟ انهيءَ جمهوريت جي نالي ۾ اقتدار ماڻڻ وارا اقتدار کان ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ اُن مڇي وانگر ڦٿڪندا نظر ايندا آهن، جيڪا پاڻيءَ کان ٻاهر نڪري ايندي آهي، بنان سرڪاري عهدن، اقتدار ۽ پروٽوڪول جي اِهي پاڻ کي ئي نه سڃاڻي سگهندا آهن، اڄ ڪلهه ايترا ڪيترائي اڳوڻا وزير ۽ سرڪاري عهديدار ويڳاڻا گهمندا نظر ايندا هوندا ٻيو ته ٺهيو، مولانا فضل الرحمٰن به پنهنجي پنڌرهن ويهن سالن جي ٺاهيل Comfort zone مان بيدخل ٿيڻ کانپوءِ هٿ پير هڻڻ ۾ لڳو پيو آهي ۽ پنهنجي محبوب دوست آصف زرداريءَ کي سائو جهنڊو ڏيکاري، اعتزاز احسن جي حق ۾ دستبردار ٿيڻ کان پڙ ڪڍي بيٺو آهي،

هوڏانهن آصف زرداري به جنهن منصب لاءِ پاڻ کي ٻيهر تيار ڪيون وٺو هو ۽ ذهني طرح سان وري صدر پاڪستان ٿيڻ لاءِ تيار ويٺو هو، سو بدقسمتيءَ سان ايف آءِ اي، آءِ ايس آءِ ۽ آءِ بي جي جاچ ۾ وڪوڙجي چڪو آهي، هن دفعي لڳي ٿو ته سندس چوڌاري ڦرندڙ (پالتو) پير جي وظيفن به شايد پوءِ ڪم نه ڏيکاريو، پيپلز پارٽيءَ جي ”نمبر گيم سنڌ ۾ ڪامياب ۽ مرڪز ۾ به گهٽ ۽ ٻين صوبن ۾ يا بلڪل غائب يا وري نه هئڻ جي برابر نظر پئي اچي، سندس“ عمل نه ليگ جا عين وقت تي ترا ڪڍي، شهباز شريف ۽ ن ليگ کي هيکلو ڪري ڇڏيو، ن ليگ ۽ پيپلز پارٽيءَ جي هڪ ٻئي تي اعتبار واري پاليسي عمران حڪومت جي سامهون هڪ ورهايل ۽ ڪمزرو مخالف ڌر موجود آهي، جيڪا مصلحتن جو شڪار نظر ٿي اچي، پيپلز پارٽي ڀلي ته درون خانه، تحريڪ انصاف جي خوشامد ڪري، پر موٽ ۾ کين ڪو فائدو ملندو نظر نه ٿو اچي، لڳي ايئن ٿو ته ملڪي ڪارونهوار هلائڻ وارا اِهو فيصلو ڪري چڪا آهن ته پهرين ڌڪ سان وڏين پارٽين جي مرڪز جي سرڪرده به عنوان، چلتر باز سربراهن مان نه جيڪي اربين روپين جي رشوت خوري ۽ قومي خزاني کي لٽڻ ۽ زمينن تي قبضن ۾ مُلوث آهن تن مان جند ڇڏائين.

انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ ۾ وٺ پڪڙ، مٿان کان شروع ٿي آهي، آصف زرداري، فريال ٽالپر، انور مجيد، سندس پٽ ۽ حسين لوائي، مني لانڊرنگ وارن قصن ۾ الزامن هيٺ آهن، حسين لوائي ۽ انور مجيد پٽ سوڌو، هڪدم بيمار ٿي اسپتال داخل ٿي چڪا آهن، اِهي سڀ ايترا نازڪ مزاج آهن جو ايجنسين ۽ جاچ جو نالو ٻڌڻ سان ئي دل جي ڌڙڪڻ بي تربيت ٿي وڃين ٿي ۽ ڪنهن صورت به قابو ۾ نه ٿي اچين، سو وڃي اسپتال ڀيڙا ٿيندا آهن، ماشاالله زرداري صاحب، صحت ۽ حِس مزا سان اڃا منهن ڏيندو پيو اچي پر حاضرين کان معافي کيس به ناهي ملي ۽ ضمانتي ” مُچلڪا “ جمع ڪرائڻ لاءِ به کيس اچڻو ٿو پوي، ٻُڌ سُڌ اِها آهي ته سنڌ جي زمينن جا به وڏا قصا آهن ۽ شايد اِهي ڪيس به زرداري صاحب تي کلڻ وارا آهن.

ڪالهه وزيراعظم عمران خان جي ٽي وي چينلز سان ملاقات مان اهو تاثر ٻيهر اُڀريو ته جنهن بيا نيئي سان عمران خان پنهنجي چونڊ مهم هلائي تنهن ۾ ڪرپشن، بدانتظامي پنهنجا نوازي ۽ ميرٽ جي لتاڙ تي ڪنهن به قسم جي معافي نه ڏيڻ شامل هئا، هاڻي سندس حڪومت ۽ ان جا وزير ۽ عملدار به انهي Magnigying Galss جي هيٺان اچي ويا آهن، جيڪي هر شيءَ کي وڏو ۽ چٽو ڪري ڏيکاري ٿو، سو عمران خان جي هيليڪاپٽر ۾ سفر ڪرڻ کان وٺي، پنجاب جي وڏي وزير جو پاڪ پتڻ جو سفر، پنجاب جي سُڌسماءَ واري وزير جي بدڪلامي، شيخ رشيد جا آفيسرن کي داٻا ۽ سندس گهر اڳيان بيٺل موٽرسائيڪلن تي ڪاوڙ، سنڌ جي گورنر جي جو ڪوئيٽا ۾ پروٽوڪول……. مطلب ته حڪومت جو ڪو به منفي عمل، ميڊيا جي توجهه ۽ ڪئيمرا جي اک کان بچيل ناهي ۽ هي پويون هفتو، اِهي ”اهم“ مسئلا، ٽي وي، ٽاڪ شو جي بحثن جو موضوع بڻيا رهيا.

ان مان هڪ ڳالهه واضح ٿي سامهون آئي ته هر شخص کي خاص طور تي سياستدانن کي ڳالهائڻ مهل، پنهنجي زبان تي ضابطو رکڻ ضروري آهي، کين اهڙي ڪا ڳالهه چوڻ نه کپي، جنهن تي هو پاڻ عمل نه ڪري سگهن، يا وري انهن لفظن تي پڇتائڻو پوي. اهڙا واعدا نه ڪن، جن کي پورو ڪرڻ ناممڪن نه، ته به مشڪل ضرور هجي ۽ هو نه ڪري سگهڻ لاءِ مختلف تاويلون ڏين، تحريڪ انصاف وارن جو شيلن جو اِهو وڏو مسئلو رهيو آهي، (وزيراعظم) عمران خان کان وٺي هيٺ تائين، سندس ڪيترن سرڪرده ساٿين جون زبانون ضابطي ۾ ئي نه رهنديون آهن.

جڏهن ته هاڻي سندن منصب ۽ حالتن جي تقاضا اِها آهي ته هو نه صرف برداشت بلڪه برد باريءَ کان ڪم وٺن تنقيد کي پنهنجي لاءِ اصلاح جو سبب بڻائين.

هي شايد پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان ڏکيو دور آهي، جنهن ۾ خارجه پاليسيءَ کان وٺي، اندروني معاملا، معيشيت، عام ماڻهوءَ جي صحت، ٻارن جي تعليم، روزگار، مڪاني حڪومتن جو نظام ڪارڪرگي، بجلي ۽ صاف پيئڻ جي پاڻيءَ جي فراهمي زراعت ۽ صنعتي پيداوار، ماحوليات ۽ بدلجندڙ موسمن جي ڪري فطرت جي ناراضگي، انساني حقوق، ماڻهن جو کنڀجي وڃڻ، عورتن جي بيتوقيريءَ ۽ عام ماڻهوءَ کي انصاف جي فراهميءَ جهڙا انيڪ معاملا آهن، جنهن جي بينادي ڍانچن کي تبديلي جي ضرورت آهي، عام ماڻهوءَ جون گهڻيون اُميدون موجوده حڪومت سان لاڳاپيل آهن، جو عمران خان پاڻ هنن کي اهي اميدون ڏياريون آهن، اِهو به سچ آهي ته مٿان ويٺل سربراهه پاڻ سچو ۽ سخت آهي ته ان جون جوڙيل پاليسيون، مثبت سمت ۾ هلي پونديون ۽ عوام تائين ان جو لاڀ به دير سوير پهچي ويندو.

جنهن تبديليءَ جي پاڪستان ۾ ضرورت آهي، تنهن لاءِ حڪومتي پاليسين جو بنا فرق ۽ هر مصلحت کان مٿاهون جُڙڻ ضروري آهي.

پاڪستان جي سڌاري لاءِ هڪ دانشمنداڻي حڪمتِ عمليءَ جو جڙڻ، وقت جي اشد ضرورت آهي.

ان ڳالهه جي به ضرورت آهي ته سياسي پارٽين جي پنهنجي سسٽم اندر، جمهوري شعور، تربيت ۽ روايات قائم ٿين.

ڇا اِهو ممڪن آهي ته ملڪ سان تعلق رکندڙ اهم مسئلن تي ريفرينڊم ذريعي عوام جي راءِ معلوم ڪري ملڪي پاليسين ۾ تبديلي آندي وڃي ؟

آفيسر شاهي يا بيورو ڪريسيءَ ۾ ڪهڙي نموني سڌارا آندا وڃن جو اُهي، عوام مٿان عذاب بڻجڻ بجاءِ انهن جي خدمت لاءِ پاڻ کي تيار ڪن.

تعليمي نظام ۾ دور رس نتيجا رکندڙ سڌارا ڪيئن آندا وڃن.

آئين ۾ عوامي راءِ سان تبديلي آڻڻ جي ڪا تدبير سوچڻ گهرجي.

قومي يڪجهتي ۽ هم آهنگي آڻڻ لاءِ ڪي بنيادي ۽ عصبي تفريق کان مٿان هان قدم کڻڻ جي حڪمت عملي.

اهي سڀ اُهي بنيادي قدم آهن، جيڪي ڪرڻا ته هر حڪومت کي گهربا هئا، پر جي عمران خان ڏانهن ئي اسان کي ڏسڻو آهي ته ان تي ڪرڙي نظر ضرور رکبي پر ان کي ڪم ڪرڻ جو وقت به ضرور ڏبو، جادو ته هن وٽ به نه هوندو جو هو هڪ اشاري سان سڀ ڪجهه ڪري وٺي، هن وک سان گڏ به فرشتا ته ڪو نه آهن، هن کي به پنهنجن شوقينن ۽ اُٻهرن ”نون نون“ رهنمائن کي ضابطي ۾ آڻڻو پوندو، پنهنجن جذبات ۽ زبانن تي قابو رکڻو پوندو ۽ ” انصاف سڀني لاءِ هڪ جهڙو“ جي پاليسيءَ تي عمل ڪرڻو پوندو.

ويندي ويندي شرجيل ميمڻ جو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿي چڪو آهي، اسان جي ”وکري ٽائيپ“ چيف جسٽس کي اڄ وي آءِ پي ملزمن جي ضرورت محسوس ٿي، پهريون درُ وڃي ضياءَ الدين اسپتال جو کڙڪايائين، جتي شرجيل ميمڻ پٺيءَ جي ڪنڊي جي تڪليف سبب، علاج هيٺ آهي، چيف جسٽس صاحب کيس مٺي ننڊ مان اٿاريو، خيريت پڇي، هيڏانهن هوڏانهن نهاري ڪن ”فيشني“ بوتلن تي نظر وڌائين ۽ قبضي ۾ ورتائين، پنجن منٽن جي مزاج پُرسي کانپوءِ ٿڏي تي شرجيل ميمڻ جي جيل واپسيءَ جا احڪامات جاري ڪيائين.

ان کانپوءِ جناح اسپتال جي ”دل جي وارڊ“ جي ٻن وي آءِ پي مريضن، انور مجيد ۽ حسين الوائي کان به خيرعافيت پڇڻ لاءِ وڃي اُتي پهتو، ان وچم ته چيف جسٽس جي ڇاپا هڻڻ جي خبر پئجي وئي، سو تڪڙ ۾ سي ٽي اسڪين وغيره لاءِ ليباريٽريءَ ڏانهن منتقل ڪيا ويا، جڏهن ته چيف جسٽس صاحب انهن جي ڪمري مان به ڪجهه رڪارڊ کڻائي ويو، شرجيل ميمڻ جي طرفان ڳالهائيندڙ سندس سڄڻن جي ان بيان تي ته انهن بوتلن ۾ ماکي ۽ زيتون جو تيل هو، “ ماڻهو چون پيا ته مهرباني ڪري انهن دُڪانن جو ڏس پتو ڏيو اسان کي به اهڙين فيشني“ بوتلن ۾ ماکي ۽ زيتون جو تيل کپي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پوءِ سوال ته ٿيندو…!

شفيق الرحمان شاڪر اڄ کان اٽڪل 22 سال پهرين عمران خان هڪ سياسي پارٽي قائم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے