23 آچر , سيپٽمبر 2018

زندگي جي قافلي ۾ وقت ڪنهن لاءِ بيهي نٿو

آغا نور محمد پٺاڻ

تاريخ گواهه آهي ته اهو انسان خساري ۾ آهي جيڪو چڱا عمل نٿو ڪري. ڇاڪاڻ ته ڪيترو به وڏو ماڻهو هجي آخر ۾ ان کي لاچار ٿي زمين جي مٽي ۾ وڃڻو پوي ٿو. ماڻهو اقتدار جي بدمستيءَ ۾ جبر ۽ جلال جو مظاهرو ڪن ٿا ۽ آخر ۾ انهن کي مٽيءَ ۾ وڃي ملال ڏسڻو پئي ٿو.

چون ٿا ته دانشمند جي خاموشي ۽ جاهل جي شعلا بياني سان معاشرو تباهه ٿيندو آهي. سياڻن جو چوڻ آهي ته وقت ڪنهن لاءِ بيهي نٿو. گھڻا ئي بادشاهه، امير، دولتمند، سلطان وقت جي لهرن تي سوار ٿي آيا ۽ وري زمين جي اندر دفن ٿي لڙهي ويا. تاريخ جي ڪتابن ۾ اهڙا واقعا ڀريا پيا آهن.

اسانجي ملڪ پاڪستان ۾ به محمد نواز شريف فوجي جرنيلن جي گھوڙن تي سوار ٿي آيو ۽ اڄ هڪ مهيني کان اڍيالا جيل ۾ بند آهي. چون ٿا ته ”جاتي امرا“ جي محل ۾ هن جي باٿ روم جو ڪموڊ به اڍائي ڪروڙن جو ٺهيل آهي، جنهن جي شڪل صوفا سيٽ جي هڪ ڪرسي وانگر آهي ۽ هاڻي وارو وزير اعظم عمران خان وزير اعظم هائوس خان بني گالا جي گھر تائين 8 ڪلو ميٽر به هوائي هيلي ڪاپٽر ۾ چڙهي وڃي ٿو جيڪو فاصلو ان جا پاڙيسري موٽر سائيڪلن ۽ ٽويوٽا ويگنن تي چڙهي طئي ڪندا آهن. جيل ۾ غريب هجي يا امير، ٻنهي جي ڪيفيت هڪجهڙي هوندي آهي. ڇو ته هو پاڻ کي قيدي سمجهي ٿو ۽ اقتداري جي ڪرسي تي به ذهني ڪيفيت بدلجي وڃي ٿي، جيئن تحرڪ انصاف جي ٻن اطلاعت ۽ نشريات جي وزيرن جي بدلي آهي جيڪي وات مان گٿا لفظ ڳالهائن ٿا. اهو ڪرسي جو ڪمال آهي.

خاص طور تي جن ماڻهن کي دولت سان گڏ بندوق ۽ ميڊيا جي سگھه به حاصل آهي، انهن جي ذهني ڪيفيت جرمني جي هٽلر، يونان جي سڪندر ۽ منگوليا جي چنگيز خان واري رهي ٿي. پاڪستان جي تاريخ ۾ به اسان وٽ ان قسم جي ڪيفيت جا ماڻهو آيا ۽ وري لڙهي ويا، ايوب خان، غلام محمد، سڪندر مرزا، يحييٰ خان جو به وڏو روب تاب هيو پر وقت ڪنهن لاءِ بيهي نٿو. ڀٽو صاحب به وڏي طُمطراق سان آيو پر ان جي جنازي جي اچڻ وقت گڙهي خدا بخش ۾ خاموشي هئي.

شهيد محترمه بينظير ڀٽو به وڏي شان و شوڪت سان آئي پر آخر ۾ بنا آواز جي هلي وئي. خبر ناهي ته هن وسيعت نامو ڪڏهن ۽ ڪيئن لکيو!. محمد خان جوڻيجو وزير اعظم جي حيثيت سان چين ولايت کان دورو ڪري واپس آيو ته ايئرپورٽ تي هن لاءِ وزير اعظم وارو پروٽوڪول موجود نه هيو ۽ هن کي ٻڌايو ويو ته سائين توهان هاڻي وزير اعظم ناهيو. اهڙي ئي طريقي سان جنرل ضياءُالحق جو جهاز جڏهن ڪريو ته هن کان رڙ به نه نڪري سگھي ۽ پنهنجي 35 جرنيلن سان گڏ زمين تي ڪريو.

پرويز مشرف کي جڏهن جهاز ۾ اها خبر پئي ته هو هاڻي فوج جو سربراهه ناهي ۽ ان جي جهاز کي ڪراچي ۾ لهڻ نه پئي ڏنو ويو پر اها خبر نواز شريف کي به نه پئي ته هو هاڻي وزير اعظم نه هوندو ۽ لانڍي جيل ۾ هوندو. ساڳيو حال وري جنرل پرويز مشرف جو ٿيو جڏهن هو پنهنجا ڏورا ڦڙڪائي ايم ڪيو ايم جو مثال ڏئي چوندو هيو ته منهنجي ڪرسي جي قوت کي ڏسو ۽ جسٽس افتخار کي هن ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪرڻ نه ڏنو پر زماني ٻڌايو ته وقت تبديل ٿئي ٿو جيڪو ڪنهن لاءِ نٿو بيهي. عمران خان جي اچڻ تي ڪي ماڻهو چون پيا ته ان جي هٿ ۾ اقتدار جي لڪير ڪونهي پر هو آيو ۽ وزير اعظم جي ڪرسي تي رونق افروز ٿي ويٺو ۽ ڪالهه اسان ڏٺو ته فوجي جرنيل ان کي سلامي ڏئي رهيا هيا.

اها وقت جي ڳالهه آهي جيڪو ڪنهن لاءِ بيهي نٿو. انهن ڳالهين تي اسان سوچي رهيا هياسون ته سنڌ جي نامياري شاعر ۽ ڪهاڻيڪار محمد علي پٺاڻ جو ڪتاب ”وقت بيهي نٿو“ جيڪو زندگي جي مختلف موضوعن تي 146 صفحن جو هڪ طويل نظم آهي، جيڪو ٽپال جي ذريعي لاڙڪاڻي کان اڏامندو اسلام آباد اسان جي انڊس ڪاٽيج جي لائبرري ۾ اچي پهتو. مون جڏهن  ڪتاب کي ڏٺو ۽ ڪتاب جي ٽائيٽل تي باهه جي شعلن ۾ هڪ گھڙيال جي تصوير آهي جنهن ۾ وقت جي سئي ڪلاڪ ۽ منٽ تيزي سان طئي ڪندي نظر اچي ٿي ۽ هڪ انساني تصوير غور ۽ فڪر سان ان کي ڏسي ٿي، شايد اها تصوير ان نظم جي خالق جي آهي. ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي آفتاب سرهيو جو نوٽ لڳل آهي. جنهن ۾ هو لکي ٿو ته آئن اسٽائين چيو آهي ته وقت ” لامحدود ازل کان لامحدود ابديت طرف لهر وانگر مستقل وهڻ جو نالو آهي جنهن ۾ ماضي، حال ۽ مستقبل جو نالو ناهي، بس هڪ گھرو سمنڊ آهي جيڪو ازل کان ابد تائين وهندو رهندو.

هي هڪ اهڙو ڪتاب آهي جيڪو هڪ ويهڪ ۾ پڙهي پورو ڪري سگھجي ٿو. هن کان اڳ محمد علي پٺاڻ جو  منظوم ناول ”مسافتون ياد جون“ منفرد ۽ انوکو تجربو هيو جنهن جو اردو ترجمو به ملتان مان اسانجي دوست حفيظ خان پنهنجي اداري انسٽيٽيوٽ آف پاليسي ۽ پلاننگ پاران شايع ڪرايو آهي. اهڙي طريقي سان هي طويل نظم ”وقت بيهي نٿو“ انساني مشاهدن، روين، محبتن ۽ پيڙائن جي هڪ منظر نگاري هن طويل نظم ۾ موجود آهي. انور ابڙي صاحب سچ لکيو آهي ته محمد علي پٺاڻ ۾ اها صلاحيت آهي ته هو جڏهن چاهي ته ڪهڙي به صنف ۾ ڪا به طويل شي لکي سگھي ٿو. ڇاڪاڻ ته هو زندگي کي هڪ سفر سمجهي ٿو.

ان قسم جو هڪ ٻيو طويل نظم اردو زبان جي هڪ معروف شاعر عقيل احمد فضا اعظمي ”مئل ضمير جو مرثيو“ اردو ۾ لکيو آهي جنهن جو اسان اڪيڊمي ادبيات پاڪستان جي زماني ۾ سنڌي ۾ ترجمو ڪري شايع ڪرايو هيو. هن به هڪ قسم جو انساني ضمير جي مرثيي تي هڪ وڏو طويل نظم لکيو آهي ۽ محمد علي پٺاڻ جو هي 143 صفحن جو طويل نظم به وقت جو هڪ نوحو آهي جنهن جو عنوان ”وقت بيهي نٿو“ هن تجويز ڪيو آهي. جنهن ۾ هو لکي ٿو ته؛

”نارَ وانگر ڦري، کُوههَ مان ٿو ڪڍي، لوٽڙيون آبَ جون، ڀوُنءِ سيرابُ ٿئي،

زندگيءَ جو روان، جيئن رهي قافلو، وقت بيهي نٿو، وقت بيهي نٿو“

هو لکي ٿو ته ڪو وقت هيو لاڙڪاڻو ايئن نه هيو جيئن هاڻي آهي پر اسان چوندا سون ته سنڌ به ايئن نه هئي جيئن هاڻي آهي. جيئن لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور ۾ چوڌاري انبن، کجين ۽ زيتونن جا باغ هيا، ماڻهن ۾ خوشحالي هئي، مهمانن لاءِ محبت ۽ عزت هئي، لاڙڪاڻو ۽ شڪارپور ته ڇا پر سموري سنڌ ۾ هاڻي ايئن نه آهي. هو لکي ٿو ته ماڻهن جا چهرا بظاهر ته مرغي خان جي ڪڪڙن وانگر سهڻا ۽ متارا آهن پر انهن جي اندر اها باطني سونهن ڪانهي جيڪا اڳي هئي. ڇاڪاڻ ته وات رت سان ڀريل آهن ۽ اندر ۾ نفرتن ۽ تڪبر جي باهه جا اُلا ٿا ٻرن ۽ دلين منجهان دلبري کسجي وئي آهي. اڳي ماڻهو علم، ادب ۽ محبتن جون وايون ڪندا هيا ۽ ماڻهن جي هٿن ۾ ڪتاب هوندو هيو. اوطاقون آباد هيون ۽ اسڪولن ۾ استاد مربي هوندا هيا پر هاڻي مال جمع ڪرڻ ۽ جمع ٿيل مال کي کسڻ جو سلسلو هلي ٿو.

هن طويل نظم ۾ محمد علي پٺاڻ لاڙڪاڻي جي پنهنجي دوستن کي به ياد ڪيو آهي جن جي اوطاقن ۾ ادبي ڪچهريون ٿينديون هيون ۽ زيتونن جي خوشبو ۾ ناري ۽ دادو ڪئنال جي ڪنارن تي ملڪ آگاڻي، شوڪت ڪيهر، رزاق مهر جا وڏا ٽهڪ ۽ واجد جون وايون ۽ ملڪ آگاڻي جون دعوتن هونديون هيون جن جو ذڪر آهي. ڪا به شئي هميشه هڪجهڙي نٿي رهي ۽ آخر ۾ فنا ٿئي ٿي پر انساني قدر ۽ انهن جي عملن جا عڪس هن دنيا ۾ هميشه زندهه رهن ٿا.

اسانجي شڪارپور ۾ مريضن لاءِ خوبصورت اسپتال ٺهرائڻ واري ديوان تارا چند پنهنجو نالو اسپتال جي مين گيٽ جي ڏاڪن تي لکرايو هيو، هاڻي ديوان تارا چند جا اهي نشان اڄ به دل ۽ دماغ ۾ جرڪن ٿا. ڪائنات هميشه وڌندي رهي ٿي. ايئن انسان جي عملن ۾ به نوان رُخ اچن ٿا. زندگي جدوجهد جو نالو آهي ۽ انهيءَ تي هاڪارا نيڪ عمل ئي ان وقت کي بيهاري ڇڏين ٿا جيڪو ڪنهن لاءِ بيهي نٿو. محمد علي پٺاڻ جو هي طويل نظم هڪ آئيني وانگر آهي جنهن ۾ اسانجي سنڌ جا عڪس ۽ نڪش نظر اچن ٿا. بقول ڀٽائي؛

جان جيئين تان جَلُ، ڪانهي جاءِ جلڻ ريءَ،

تتيءَ ٿڌيءَ هل، ڪانهي ويل ويهڻ جي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گھڻ براعظمي ايشيائي دنيا خلاف يورپي-آمريڪي براعظمي سرمائيداري جارحيت

پريم مٿراڻي ٻي مهاڀاري لڙائي کانپوءِ، خاص طرح ايشيا ڇو عالمي سماجي سياسي ۽ معاشي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے