20 خميس , سيپٽمبر 2018

”قومي جدوجهد ۽ سماجي تبديلي“ جو ڳانڍاپو ۽ انقلاب جا اڻ -ڳڻيا مارڳ

پريم مٿراڻي

موضوعي تعارف: قومن جي مقامي سماجيات Local Societal System)، گھڻ قومي-براعظمي سماجيات (Inter-National Continental Sociology) سان جڙيل رهي ٿي_ يعني هڪ طرف قومون پنهنجي انفرادي تشخص (Particular-Identity) ۾، مقامي تفاوتن (Local-Difference) جو اجتماعي روپ (General Form) هجن ٿيون_ ته ٻي پاسي قومن جو گھڻ قومي-تهذيبي ميلاپ (Inter-National Civilizational Union)، انهن جو براعظمي مهااڏاوتي ڍانچو (Continental Superstructure) تشڪيل ڪري ٿو_ مثال سنڌي قوم جي مقامي سماجيات اتر، لاڙ، ڍاٽ، ڪوهستان، وچولو وغيره تي مشتمل آهي جنهن کي سنڌي قوم جي سماجي سرشتي جي، هيٺين مقامي سطح (Local Lower Level) چئي سگھجي ٿو_ مقامي تفريق جو قومي تشخص (National Identity)؛ مقامي ارضيات (Local Geology)، مقامي آبهوا (Local Climate)، مقامي معيشيت (Local Economy)، مقامي سياست (Local Politics)، مقامي ثقافت (Local Culture)، مقامي ٻولين (Local Languages)، نسل، ونهنوار، ريتن ۽ رسمن وغيره سميت سمورين انفراديتن (Local Particularities) جو قومي امتزاج (National Generalities) هوندو آهي_

ساڳي ريت قومي وحدتن (National Unities) جو تهذيبي ڳانڍاپو (Civilizational Relations)، گھڻ قومي براعظمي دنيا () جي تشڪيل ڪري ٿو_ ان ڳالهه کي ايئن سمجھي سگھجي ٿو ته ڪا به قوم، پنهنجي خالص قومي تاريخي وجود (National Historic Existence) جي دعويدار نٿي ٿي سگھي_ قومن جي وجود جي ارتقائي-انقلابي تاريخ (Evolution-Revolution)، قومي-مقامي (National-Local) هجڻ سان گڏ گھڻ قومي-براعظمي تاريخ (Inter-National Continental) پڻ آهي_ مثال سنڌو ماٿري جون تهذيبون (Indus Civilization)، انساني تاريخ جون قديم ترين تهذيبون آهن_ پنهنجو منفرد ۽ عظيم تاريخي سياسي، اقتصادي ءِ ثقافتي پسمنظر رکندڙ ۽ سنڌو-هماليه (Indus-Himalia) جي هنج ۾ پلجندڙ انيڪ قومون، اڳيئي پنهنجي براعظمي سڃاڻپ (Continental Identity) جي حوالي سان، ننڍي کنڊ (Sub-Continent) جي نالي سان ڄاتيون وڃن ٿيون_ ساڳي ريت  دجله ۽ فرات (Tigris-Euphrates) جي ڪپن تي ارتقاپذير ٿيندڙ عظيم تهذيبن، ڪيترين ئي قومن کي جنم ڏنو آهي_ اهي قومون پنهنجو الڳ براعظمي تشخص حاصل ڪرڻ لاءِ سوڀاريون ٿي چڪيون آهن_ تنهنجيڪري قومي انفرادي اڏاوت (National Identities) جي هيٺين سطح (Lower Levels)، مقامي تفاوتون (Local Differences) آهن ته مٿين سطح (Upper Level) تي، اهي پنهنجين همعصر ڀينر قومن (Sister Nations) سان اجتماعي براعظمي ڳانڍاپو (General Continental Relation) قائم ڪن ٿيون_  اهڙي ريت قومن جو وجود خالص قومي (Pure National) نه پر، ”مقامي-قومي“ ۽ ”گھڻ قومي-براعظمي“ آهي_

قومي انقلابي جدوجهد

سماجي اڏاوت جي مقامي-قومي-براعظمي پسمنظر ۾، قومي جدوجهد کي پڻ، جدوجهد جي مقامي ۽ براعظمي پاسي کان ڌار نٿو ڪري سگھجي_ قومي جدوجهد جي ”مقامي-براعظمي“ (Local-Continental) تصور کي وڌيڪ سمجھڻ جي ضرورت آهي_ جيئن ته اسان اڳي ڪيترن ئي مضمونن ۾ سمجھي چڪا آهيون ته سياست، قومي سماجي اڏاوت جي مهااڏاوتي سطح (Superstructure) آهي ۽ ”معيشيت ۽ ثقافت“ ان جو بنياد (Base) آهن_ ان جي معني اها ٿي ته ”قومي جدوجهد“ جو بنياد پڻ ”معيشيت ۽ ثقافت“ آهن ۽ سياست، انجي غيربنيادي-مهااڏاوتي سطح کي پيش ڪري ٿي_ سياست جو مقصد ماڻهن جي ”معاشي ۽ ثقافتي“، ”حقن ۽ مفادن“ جو بندوبست ڪرڻ ۽ تحفظ ڪرڻ آهي_ جيڪڏهن سياست ماڻهن جي ”معاشي ۽ ثقافتي“ حقن ۽ مفادن جو بندوبست ڪرڻ ۽ تحفظ ڪرڻ جي قابل نه آهي ان کي تبديل ٿيڻ جي ضرورت هوندي آهي_ قومي جدوجهد جيئن ته ”مقامي“ به هجي ٿي ۽ ”براعظمي“ به هجي ٿي_ مقامي ماڻهن  جو معاشي ۽ ثقافتي تحفظ قومي جدوجهد جو ”بنياد“ آهي ۽ ”مقامي سياست“، ”قومي سياسي ڍانچي“ کي جوڙڻ ۾ غيربنيادي مهااڏاوتي ڪردار ادا ڪري ٿي_ ان ڳالهه کي ايئن به سمجھي سگھجي ٿو ته گھڻ قومي واپار ۽ ڪاروبار، برآمدات ۽ درآمدات (Imports-Exports) قومن جو براعظمي معاشي بنياد قائم ڪن ٿا جيڪو انهن جي مقامي معاشي پيداواري وسيلن ۽ پيداواري عمل سان لاڳاپيل رهي ٿو_ مقامي وسيلن جو بهتر قومي-براعظمي استعمال، قومي جدوجهد جو بنياد هجي ٿو_ مثال:

1_پيداواري وسيلن جي مقامي ترقي لاءِ ٿيندڙ معاشي جدوجهد، سياسي سطح تي وسيلن جي ورڇ لاءِ موجود قانونن ۾ بدلاءءُ واري جدوجهد ۾ منتقل ٿي وڃي ٿي_ ان جدوجهد جا بنياد جيتوڻيڪ معاشي آهن پر اها قومي معاشي جدوجهد، سياسي جدوجهد ۾ منتقل ٿيڻ کانپوءِ، ٻيهر موٽ ۾ معاشي تبديلي جو ڪارڻ بڻجي ٿي_

2_ جيئن سرمائيداري سرشتي خلاف جدوجهد جو هڪڙو طريقيڪار اهو آهي ته سياسي سطح تي ملڪ جو اقتدار حاصل ڪرڻ کانپوءِ، قانون ۾ بدلاءَ ذريعي سرمائيداري سرشتي کي ختم ڪجي_ سرمائيداري سرشتي کي ختم ڪرڻ لاءِ اها جدوجهد سياسي جدوجهد آهي جيڪا موٽ ۾ معاشي انقلاب آڻي سگھي ٿي_ان جو وڏو مثال سوويت سوشلسٽ انقلاب آهي_

3_ اهڙيون معاشي جدوجهدون، جيڪي قومي سياسي جدوجهد تي اثرانداز ضرور ٿين ٿيون پر اهي سياسي جدوجهد ۾ جزوي طور منتقل ٿين ٿين_ اهي قومي معاشي جمهوري جدوجهدون (Economic Democratic Struggle) سڏجن ٿيون_  قومي معاشي جمهوري جدوجهد ۾ ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ، سياسي اقتدار حاصل ڪرڻ، يا اقتدار تي پرولتاري قبضو (Proletariat Dictatorship) ڪرڻ يا ملڪيت کي قوميائڻ (Nationalization) کانسواءِ ئي معاشي تبديلي جي، پاڻ شروعات ڪري ڇڏين ٿا_ اهو ايئن ممڪن آهي ته ننڍا وڏا سيڙپڪار (Investors) غيرسرمائيداري طريقيڪار تي ڪم ڪندڙ ڪاروباري ادارن (Business Enterprises) قائم ڪن، جن ۾ پيداواري عمل دوران پورهيتن جي استحصال مان پيدا ٿيندڙ واڌو قدر (Surplus Value)، سرمائيدار جو منافعو بڻجي، ٻيهر سرمايي ۾ منتقل ٿيڻ بدران، ٻيهر پورهيتن جي خوشحالي ۽ وڌيڪ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ استعمال ٿئي_ اقتصادي جمهوريت جي اصولن هيٺ ڪم ڪندڙ ڪاروباري ادارن کي، سياسي سطح تي سماجوادي انقلاب جي اچڻ جي ضرورت نه هوندي آهي_ پر اها سماجي تبديلي سڌو سماجي معاشي بنيادن ۾ نروار ٿي، سماجي سرشتي جي معاشي بنيادن کي ئي تبديل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندي آهي_

سرمائيداري سرشتي ۾ بالادست قومن جا استحصالي ڪاروباري ادارا مظلوم قومن جي مقامي پيداواري وسيلن جو بي رحمي سان معاشي استحصال ڪن ٿا_ اهڙي ريت ان خلاف برپا ٿيندڙ قومي جدوجهد رڳو مقامي نه پر گھڻ قومي براعظمي جدوجهد پڻ هجي ٿي_  ساڳي وقت، قومن ۽ رياستن جا خارجي تعلقات (Foreign Affairs)، گھڻ قومي براعظمي سياسي مهااڏاوت (Continental Political Superstructure) جي تشڪيل ڪن ٿا_ تنهنجيڪري  قومي جدوجهد، بنيادي-غيربنيادي مهااڏاوتي (Base-Adbase/Superstructural) سطحن تي، قومي-مقامي (National-Local) ۽ گھڻ قومي-براعظمي (International-Continental) ”سياسي ۽ معاشي“ مفادن کي حاصل ڪرڻ ۽ انهن جو تحفظ ڪرڻ وارو عوامي طريقيڪار (Peoples Process) هجي ٿو_

انقلاب جا مارڳ

قومي عوامي انقلاب جي اچڻ جا ڪيترا ئي ”مارڳ“ آهن_ ”مارڳ“ جي معني سماجي تبديلي جي اچڻ جا اهي سمورا امڪان آهن، جيڪي سماجي اڏاوت جي سمورن متضاد ”سطحن ۽ پاسن“ () تي ارتقائي ۽ انقلابي تبديلي جي اچڻ جا سبب بڻجي سگھن ٿا_ جيئن:

1_ رياست جي (State Superstructure) سطح تي، بهتر حڪمراني (Good Governance) وارو وفاقي-صوبائي رياستي جزوي-انقلاب (Federal-Provincial State Revolution)، جنهن ۾ قومي وسيلن جا اختيار ۽ انهن جي ورڇ، دفاعي ۽ اعلى انتظامي ۽ عملداري وارن ادارن ۾ شراڪتداري ۽ توازن وغيره بنيادي اهميت رکن ٿا_ سٺي حڪمراني جي حوالي سان، ان جو سمورو بار، ڳرا ٽيڪسن (Super Tax) لاڳو ڪري عوام مٿان ئي وڌو ويندو آهي_ سرمائيداري سرشتي ۾ سٺي حڪمراني جي معني بهتر انفرااسٽرڪچر (Infrastructure)، بهتر ٽريفڪ جو نظام، بهتر صفائي ۽ متحرڪ ميونسپال نظام ۽ هيٺين سطح تي بهتر انتظامي-عملداري وارو طريقيقڪار وغيره هوندو آهي_ پر سرمائيداري سرشتي واري بهتر حڪمراني (Good Governance)، ماڻهن کي امير ۽ غريب جي فرق کانسواءِ، غيرطبقاتي-خوشحال، من پسند پرامن زندگي ڏيڻ ۾ بري طرح ناڪام ويندي آهي_ ساڳي وقت سٺي حڪمراني جي سکڻي دعوى ڪندڙ ترقيافته سرمائيداري ملڪ پٺتي پيل ملڪن کيِ بدامني، بدعنواني، بدحالي ۽ جهالت جي اوڙاهه ۾ ڌڪڻ ۾ ڪا به ڪسر ڪو نه ڇڏيندا آهن_ ٻي پاسي پٺتي پيل ملڪن ۾ سٺي حڪمراني واري تصور کي، ”سماجي انقلاب“ سمجھيو ويندو آهي_ ڇاڪاڻ ته خراب حڪمراني (Bad Governance) معاشري کي بدانتظامي، چوربازاري، بيماني، گندگي، رشوت خوري ۽ جنونيت وغيره جو شڪار بڻائي ڇڏيندي آهي_ اهڙي معاشرتي جمود مان جند ڇڏائڻ لاءِ سٺي حڪمراني جو هجڻ ضروي بڻجي ويندو آهي؛ جيڪو انقلاب نه پر سماجي انقلاب ڏي مثبت تبديلي وارو عمل هوندو آهي_

2_ سماجي سرشتي جي قطبي ابتڙ سطحن (Polar Opposite Levels) تي؛  ”سياسي -معاشي“ جمهوري-غيرجمهوري انقلاب (Political-Economical Democratic-Nondemocratic Revolution )،

3_ سماجي سرشتي جي ابتڙ پاسن (Opposite Sides) تي؛ ”زميني-ثقافتي“ علاقائي انقلاب (Regional Cultural-Territorial Revolution)،

4_ عوامي سطح تي؛  ”قومي-مقامي“ عوامي انقلاب (National-Local Peoples Revolution)،

5_ عالمي سطح تي؛ ”قومي-براعظمي“ عالمي انقلاب (National-Continental International Revolution)_ (ان موضوع تي ڳالهه ٻولهه جو سلسو جاري رهندو)

هي به ڏسي سگهو ٿا

پوءِ سوال ته ٿيندو…!

شفيق الرحمان شاڪر اڄ کان اٽڪل 22 سال پهرين عمران خان هڪ سياسي پارٽي قائم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے