19 اربع , سيپٽمبر 2018

شرجيل ميمڻ جي ڪمري مان ملندڙ شراب جي بوتلن جي جاچ لاءِ ٽيم قائم

 ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ جي اسپتال جي ڪمري مان ملندڙ مبينا شراب جي بوتلن جي معاملي جي جاچ لاءِ جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي. ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي امير شيخ ڊي آءِ جي ڏکڻ جاويد عالم اوڍو جي سربراهيءَ ۾ جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي جڏهن ته نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي جاچ ڏکڻ عبدالله جان ۽ ايس ايس پي جاچ شبير ميمڻ به جاچ ٽيم جو حصو آهي جڏهن ته جاچ ٽيم ڪراچي پوليس جي ڪنهن به آفيسر يا ميمبر کان مدد حاصل ڪري سگهي ٿي. ٻئي طرف پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته شرجيل ميمڻ جي ڪمري مان ملندڙ بوتلن جي ڪيميڪل ايگزا مينر مان ماکي، زيتون جي تيل جو تجزيو ڪرايو ويندو جڏهن ته شرميل ميمڻ جي رت جانمونا به خانگي اسپتال ٽيسٽ لاءِ موڪليا ويا آهن. خانگي اسپتال مان شرجيل ميمڻ جون رپورٽون سومر ڏهاڙي ملنديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے