22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

گستاخ خاڪن خلاف آواز اٿارڻ  تي ڳائڻي رابي پيرزادا جو ٽوئيٽر اڪائونٽ بند

The sound account of the Rabi Pir Ghosh account is suspended against the elaborate artifactsڪراچي(شوبز نيوز) گستاخ خاڪن خلاف آواز اٿارڻ تي ٽوئيٽر انتطاميا پاڪستان جي مشهور ڳائڻي رابي پيرزاد جو ٽوئيٽر اڪائونٽ معطل ڪري ڇڏيو. هالينڊ جي پارليامنٽ ميمبر گيرٽ ولدرز طرفان گستاخ خاڪن جي مقابلي جو انعقاد تي جتي پاڪستان سمييت سڄي دنيا جي مسلمانن احتجاج ڪيو اتي ئي شوبز انڊسٽري سان تعلق رکندڙ ناليواري پاڪستاني ڳائڻي رابي پيرزدا پڻ چپ نه ويٺي ۽ توهين رسالت ڪندڙ گيرٽ ورلڊرز کي ٽوئيٽر تي ڦاهي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. ڳائڻي رابي پيزادا جي ٽوئيٽ تي گيرٽ ورلڊرز جي حامين طرفان سخت واويلا ڪئي وئي ۽ کيس تشدد پکيرڻ جو ڏوهي قرار ڏيندي سندس ٽوئيٽر اڪائونٽ بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. رابي پيرزادا خلاف جاري مهم بعد ٽوئيٽر اتنظاميا سندس ڪائونٽ عارضر طور تي معطل ڪري ڇڏيو. رابي پيرزادا پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي پابندي لڳائڻ جي اطلاع ٻين سوشل ميڊيا اڪائونٽن تان ڏيندي چيو ته اها ٽوئيٽ هڪ عاشق رسول جي حيثيت ۾ ڪيم جنهن جي مونکي اها سزا ملي، پر اڪائونٽ معطل ٿيڻ تي ڪو به افسوس ناهي، پر پاڻ تي فخر آهي جو مان ناموس رسالت تي آواز بلند ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The film debates on the film 'thugs of hindostan' at the beginning of the role of Amitabh Bachchan

فلم ٺگز آف هندوستان ۾اميتاڀ بچن جي ڪردار جي پهرين جهلڪ جاري

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي ايندڙ وڏي بجيٽ واري فلم” ٺگز آف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے