20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز |خانپورمھر: زرعي ڊيلر ايسوسيئيشن پاران ضلع جي ايگريڪلچر آفيسر خلاف احتجاج

KhanpurMahar,  AgriCaltureخانپورمھر ۾  زرعي ڊيلر ايسوسيئيشن پاران ضلع جي ايگريڪلچر آفيسر خلاف احتجاجي مظاھرو  ڪيو ويو.

پيسٽي سائيڊ ايسوسيئشن جي ڊيلرن پناھ مھر، وجي ڪمار، ھريش ڪمار، اميت ڪمار، درشن لعل  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  گھوٽڪي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر شاھنواز شيخ خلاف پنج گلي چؤڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو.

ان موقعي تي مظاهرين  الزام هڻندي  چيو تھ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر  شاھنواز شيخ  دڪاندارن سان  زيادتيون ڪري پيو.

هنن چيو تھ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر بنا جواز  دڪانن تي چڙھايون ڪري کيس حراسان ڪري پيو .

مظاهرين الزام مڙهيو تھ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر زرعي دوائن جا سيمپل کڻي بليڪ ميل ڪندو رھي ٿو  جڏهن تھ  عيدن تي بھ  ھو ھر دڪان تان خرچي وصول ڪري ٿو.

دڪاندارن ٻڌايو تھ  شاھنواز شيخ دڪانن جي لائسنس لاءِ بھ  5 کان 10 ھزار رشوت گھری ٿو نھ  ڏيڻ تي هو  لائسنس وارا سرٽيفيڪيٽ ڏيڻ ۾  مھينن جا مھينا دير ڪندو آهي.

مظاهرين  سنڌ سرڪار ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ راشي  آفيسر کي فوري طور هٽائي  دڪاندارن سان انصاف ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Bhiryacity: Roof of house fall down, Family members are safe

نيوز: ڀرياسٽي: گهر جي ڇت ڪري پئي، گهر ڀاتي معجزاڻي طور بچي ويا

*ڀرياسٽي جي شھري عاشق ميمڻ جي گھر جي ڇت ڌماڪي سان اوچتو ڪري پئي سندس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے