19 اربع , سيپٽمبر 2018

سي پي ايل: بارباڊوس کي  وڌيڪ هڪ شڪست، گيانا ڪامياب

CPL: Barbados is a more successful, Guiana successبرج ٽائون(اسپورٽس نيوز) ڪيريبيئن پريميئر ليگ ۾ بارباڊوس ٽرائيڊينٽس جي ستل قسمت جاڳي نه سگهي کين ڪنگسٽن اوول ۾ لاڳيتو چوٿين ميچ ۾ شڪست ملي. گيانيا ايمازون واريئررز 8 وڪيٽن تان ڪاميابي پنهنجي نالي ڪري پوائنٽ ٽيبل تي ٽاپ پوزيشن تي قبضو ڪري ورتو، بارباڊوس جي ٽيم لاڳيتو آخري نمبر تي آهي ۽ هن ٽيم جا لاڳيتو ٽئين ڀيرو پلي آف کيڏڻ کان محروم رهڻ جو خدشا وڌي چڪا آهن. گذريل ڏينهن کيڏيل ميچ ۾ ناڪام ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي 165 رنسون ٺاهيون، پورران 46 ۽ اسٽيون سمٿ 40 رنسون سان نمايان رهيو. سهيل تنوير، عمران طاهر ۽ پريمس 2، 2 وڪيٽون ورتيون. جواب ۾ گيانا ايمازون واريئرر 2 وڪيٽن جي نقصان تي 17 هين اور ۾ ئي ٽارگيٽ حاصل ڪري ورتو. ليوڪ رونڪي 40 بالن تي ناٽ آئوٽ 67 رنسون ٺاهيون، شيڊول والٽن 43 رنسن سان نمايان رهيو، وهاب رياض هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي جڏهن ته محمد عرفان 29 رنسون ڏيڻ باوجود وڪيٽ حاصل ڪرڻ کان محروم رهيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Asia Cup: The India-PakistanTournament, the tourists consulting the team

ايشيا ڪپ: پاڪ-ڀارت مقابلي کان اڳ اڳوڻن ڪرڪيٽرن طرفان ٽيم کي مشورا

دبئي( اسپورٽس نيوز ) ايشيا ڪپ ٽورنامنٽ جي سڀ کان وڏي مقابلي پاڪ-ڀارت کان اڳ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے