21 جمعو , سيپٽمبر 2018

اڳوڻي ايم اين اي علي رضا عابدي ايم ڪيو ايم پاڪستان کان رستا ڌار ڪري ڇڏيا

Former MNA Ali Raza left the route from MQM to Pakistanڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ايم اين اي علي رضا عابدي قومي اسمبلي جي تڪ اين اي 243 جي ننڍي چونڊ کان اڳ ئي متحداقومي موومنٽ پاڪستان ( ايم ڪيو ايم) جي پارٽي ميمبر شپ تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي. علي رضا عابدي گذريل ڏينهن  پنهنجي استعفيٰ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي  ڪنوينئر خالد مقبول صديقي کي موڪلي ڇڏي ۽ سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئيٽر تي پڻ ان کي جاري ڪيو. هن هڪ ٽوئيٽ ۾ استعفيٰ جي تصوير شيئر ڪئي ۽ لکيو ته پارٽي ڇڏڻ جو سبب ذاتي آهي.ذريعن موجب علي رضا عابدي اين اي 243 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ لاءِ نظرانداز ڪرڻ تي دلشڪستو ٿي استعفيٰ ڏني. ذريعن موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان جي قيادت طرفان اين اي 243 تي علي رضا عابدي جي جاءِ فيصل سبزواري جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا آهن. ياد رهي ته 25 جولائي تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ ڪراچي جي تڪ اين اي 243 جي سيٽ تي موجودا  وزيراعظم عمران خان ڪامياب ٿيو هو ۽ هاڻ ان تڪ تي 14 آڪٽوبر تي ننڍي چونڊ ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے