25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز: غوثپور: بجلي جو آزار وڌي ويو، روزانو 18 کان 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ، رهواسي پريشان

Ghouspur: Load shedding exceeds for 18 to 20 hours, residents in worry*غوثپور شهر ۾ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ جو آزار وڌي ويو شهري عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

شهر ۽ ڀرپاسي ۾  ارڙهن کان ويهن ڪلاڪن تائين بجلي بند رهڻ سبب شهري سخت پريشانيءَ ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.

ٻڌايو پيو وڃي تھ بجليءَ جي هٿرادو لوڊشيڊنگ سبب ڪاروبار سميت روزمره جي زندگي به سخت متاثر ٿيڻ لڳي آهي.

 بجليءَ جو مسلسل بند رهڻ عوام جي لاءِ وڏو آزار بڻجي ويو آهي  جڏهن تھ بجليءَ جي هٿرادو لوڊشيڊنگ عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي.

هوڏاهن بجلي جي هٿرادو کوٽ سبب گهرن،مسجدن توڙي امام بارگاهن ۾ پاڻي جي کوٽ ٿي پيدا ٿي وئي آهي.

شهرين  عوامي آواز ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي چيو تھ هٿرادو لوڊشيڊنگ سبب عوام سخت مايوسيءَ جو شڪار آهي.

هنن چيو تھ  ته بجلي چوويهن ڪلاڪن مان فقط پنج ڇهه ڪلاڪ به مس ٿي هلي جنهن ڪري ڪاروبار متاثر ٿيڻ سان گڏ ڪيترين ئي پريشانين کي پُڻ منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

شهرين  حيسڪو  ۽ ايس ڊي او واپڊا کان مطالبو ڪيو آهي ته   اعلانيل لوڊشيڊنگ جو نوٽيس وٺي لوڊشيڊنگ جي آزار مان جان آجي ڪرائي وڃي……

.

هي به ڏسي سگهو ٿا

NaoDero

نيوز | نئون ديرو: اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا ڦري ويا

نئين ديري ۾ اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا روڪ رقم ڦري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے