20 خميس , سيپٽمبر 2018

لاهور ۾ نوجوان ماڊل جو ڦاهو لڳل لاش هٿ

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي علائقي ڊفينس جي هڪ بنگلي مان ماڊل گرل جو ڦاهو لڳل لاش هٿ آيو. پوليس موجب ڊفينس بي ٿاڻي جي حد ۾ 26 ورهين جي ڇوڪريءَ جو ڦاهو لڳل لاش هٿ آيو، جنهن جي سڃاڻپ ماڊل گرل انعم تنولي جي نالي سان ٿي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ماڊل گرل جي موت جي حوالي سان جاچ ڪئي پئي وڃي، معاملي جي هر رُخ کان جاچ ڪئي ويندي، انعم جي ماءُ جو بيان به رڪارڊ ڪيو ويو آهي. پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته ماڊل گرل جو فيشن ڊزائيننگ ۾ ڪورس ٿيل هو ۽ هوءَ ٻه مهينا اڳ اٽليءَ کان واپس پاڪستان آئي هئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جي آزادي کي پ پ چيئرمين رليف قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، مريم نواز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے