26 اربع , سيپٽمبر 2018

وزيراعظم 18 رڪني اقتصادي ايڊوائيزري ڪائونسل جوڙي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان 18 رڪني اقتصادي ايڊوائيزري ڪائونسل جوڙي ڇڏي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. وزيراعظم طرفان جوڙيل ايڊوائيزري ڪائونسل ۾ 7 سرڪاري ۽ 11 خانگي کاتن جا ماهر شامل آهن. ڪائونسل ۾ ناڻي وارو وزير، رٿابندي وارو وزير، اسٽيٽ بئنڪ گورنر، تعليمي ادارن ۽ بئنڪن جا ماهر به شامل ڪيا ويا آهن. ايڊوائيزري ڪائونسل ۾ خانگي شعبي جا پاڪستان، برطانيا ۽ آمريڪا سان واسطو رکندڙ ماهر شامل ڪيا ويا آهن. خانگي شعبي ۾ شامل ڪيل ميمبرن ۾ آءِ بي اي جو ڊاڪٽر فرخ اقبال، ڊاڪٽر اشفاق حسن، ڊاڪٽر اعجاز نبي، ڊاڪٽر عابد سلهيري، ڊاڪٽر اسد زمان، ڊاڪٽر نويد حامد، سليم رضا، ثاقب شيراني، ڊاڪٽر عاطف ميان، ڊاڪٽر عاصم اعجاز خواجا ۽ ڊاڪٽر عمران رسول شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے