22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

حج ادا ڪري موٽندڙ پيرسن عورت اُڏام دوران فوت

ملتان (ويب ڊيسڪ) حج ادا ڪرڻ کانپوءِ سعودي عرب کان نجي ايئر لائين ذريعي ملتان موٽندڙ پيرسن عورت اڏام دوران لاڏاڻو ڪري وئي. سول ايوي ايشن اختيارين موجب راجن پور سان واسطو رکندڙ 80 ورهين جي راشدا بيگم نجي ايئر لائين جي اڏام دوران لاڏاڻو ڪري وئي. ان سان گڏ سفر ڪندڙ سندس پٽ محبوب رشيد جو چوڻ هو ته ماءُ جي طبعيت جهاز ۾ ويهڻ کان اڳ ئي خراب هئي، سفر دوران ماءُ کي ننڊ اچي وئي، ملتان پهچڻ تي جڏهن کيس اٿاريو ويو ته هن اکيون نه کوليون، سول ايوي ايشن جي ميڊيڪل عملي طرفان طبي معائني کانپوءِ موت جي تصديق ٿي. ايئرپورٽ عملي ضروري ڪارروائي کانپوءِ عورت جو مڙهه وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے