24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڏهرڪي: شاگردن پاران اسڪول ۾سهولتون نه ڏيڻ خلاف احتجاج

Dehraki: Students protest against not being school-based in school*ڏهرڪي ڀرسان شاگردن پاران اسڪول ۾سهولتون نه ڏيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺ غلام محمد قاضي جي پرائمري اسڪول جي شاگردن سهولتون نه ملڻ ۽ اسڪول کي مڪمل طور نظر انداز ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو.

شاگردن جي والدين موجب اسڪول جي نئين عمارت ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي، جنهن سبب سندن ٻاڙن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي.

هنن چيو ته 58 سال گذرڻ باوجود سڪول کي نئين عمارت ۽ بنيادي سهولتون نه ملي سگهيون آهن،

شاگردن ۽ سندن والدين سنڌ جي نئين تعليم واري وزير سيد سردار شاهه کان گهر ڪئي ته اسڪول جي نئين سر عمارت اڏائي ۽ سهولتون مهيا ڪري تعليم بچائين………

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | حيدرآباد: چيني واپاري پاران شهر ۾ سڌي ريت واپار ڪرڻ جو اعلان

حيدرآباد ۾ چيمبر آف ڪامرس جي صدر محمد شاهد ۽ چائنا جي صنعتڪار جانگ يانگ  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے