21 جمعو , سيپٽمبر 2018

عرفان کي بيماريءَ جو خبر ٻڌي وڏو صدمو پهتو: دپيڪا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ڪامياب ترين اداڪارا دپيڪا پڊڪون چيو آهي ته مون کي عرفان خان جي ڪينسر ۾ مبتلا هجڻ واري خبر ٻڌي وڏو ڌڪ لڳو هو، سندس صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيان. تازو ڀارتي ويب سائيٽ نيو انڊين ايڪسپريس کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ دپيڪا پڊڪون جو چوڻ هو ته عرفان خان هڪ عام انسان کان وڌيڪ آهي، مان ان سان ڏاڍي محبت ڪيان ٿي، اهو ڪنهن سان به ٿي سگهي ٿو پر عرفان خان جي ڪينسر ۾ مبتلا هجڻ جو ٻڌي مان دنگ رهجي وئي هيس. هن چيو ته مان پنهنجي ماضي جي تجربن جي روشني جي حوالي سان چئي رهي آهيان ته زندگي جيئڻ ايترو آسان ڪم ناهي، ڪنهن سان به ڪنهن به وقت ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. دپيڪا پڊڪون، عرفان خان جي صحتيابي لاءِ دعا ڪندي چيو مان چاهيان ٿو ته هو جلد کان جلد تندرست ٿي وڃي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

The film debates on the film 'thugs of hindostan' at the beginning of the role of Amitabh Bachchan

فلم ٺگز آف هندوستان ۾اميتاڀ بچن جي ڪردار جي پهرين جهلڪ جاري

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي ايندڙ وڏي بجيٽ واري فلم” ٺگز آف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے