26 اربع , سيپٽمبر 2018

اي ايس ايف عورت اهلڪار کي گيت تي رقص ڪرڻ ڳچيءَ ۾ پئجي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس جي عورت اهلڪار کي گيت تي رقص ڪرڻ واري ويڊيو انٽرنيٽ تي اپ لوڊ ڪرڻ مهانگو پئجي ويو آهي ۽ اي ايس ايف اختيارين نوٽيس وٺندي سندس خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس جي هڪ عورت اهلڪار جي ويڊيو انٽرنيٽ تي وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ هوءَ سيالڪوٽ ايئرپورٽ تي گيت تي رقص ڪرڻ دوران پنهنجي ويڊيو به ٺاهي رهي آهي. ويڊيو انٽرنيٽ تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ اي ايس ايف ان جو نوٽيس ورتو آهي ۽ عورت اهلڪار خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته اهڙي ويڊيو منظر تي اچڻ کانپوءِ اي ايس ايف ملازمن جي سوشل ميڊيا استعمال تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے