25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڪنڊيارو: ٿاڻي تي سول جج جو ڇاپو، پرڻو ڪندڙ جوڙي سوڌو 12باندي آزاد

Kandiaro: Auction of a civil judge at Thani, Predatory Beat 12 free*ڪنڊياري جي ٿاڻي تي سول جج ڇاپو هڻي پسند پرڻو ڪندڙ جوڙي سوڌو ناحق باندي بڻايل 12ڄڻن کي آزاد ڪرائي ايس ايڇ او کي طلب ڪري ورتو آهي.

سيڪنڊسول جج ڪنڊيارو سيد امتياز علي شاه راشدي ڪنڊيارو ٿاڻي تي ڇاپو هڻي ،پسند پرڻو ڪندڙ جوڙي سميت 12 ڄڻن کي آزاد ڪرائي ايس ايڇ کي 3 سيپٽمبر تي سيشن ڪورٽ طلب ڪيو آهي.

ڳوٺ ڍورو ڍوڍا جي رهواسڻ اميرزادي جي درخواست تي سول جج ٿاڻي تي ڇاپو هنيو، جنهن دوران پسند پرڻي لاءِ ويندڙ نواب ۽ فوزيا سيال سميت علي مراد، اعظم مڱريي ۽ معروف گهانگهري سميت 12 ڄڻن کي آزاد ڪرايو.

ڇاپي دوران هڪ آئل ٽينڪر، ڪنٽينر ۽ ھڪ رڪشا پڻ ھٿ ڪيو ويو، جنهن بعد سول جج ٿاڻي جي ايس ايڇ کي طلب ڪرڻ جو حڪم ڏنو…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

LiaqatAli, Khairpur

نيوز | خيرپور: ضلعي ۾ اسڪولن ۾ ٻارن جي حاضري وڌائڻ لاءِ مهم هلايون پيا: لياقت علي

 خيرپور ضلعي پرائمري بابت ايجوڪيشن آفيسر  لياقت علي خاصخيلي چيو ته  هو خيرپور ۾ ٻارن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے