18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڌاٻيجي: ايمبولينس وقت سر نه پهچڻ سبب معصوم نينگر تڙپي تڙپي فوت

Dhabeji: Embulance Flames Capture Due to Emotional Abuse of Time*ڌاٻيجي ۾سنڌ پيپلز ايمبولينس وقت سر نه پهچڻ سبب 8ورهين جو معصوم نينگر تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو وارثن پاران نوٽيس وٺي  ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

شيخ عبدالمجيد سنڌي ڪالوني جي  رهواسي شاهد ڏيٿي جو 8ورهين جي  معصوم نينگر حبدار ڏيٿو کي ساھ ۾ تڪليف سبب وارث  نجي اسپتال کڻائي آيا جتي  کين  ڊاڪٽرن پاران ڪراچي جي جناح اسپتال جو ليٽر ڏنو ويو.

سنڌ پيپلز ايمبولينس کي فون ڪرڻ باوجود ايمبولينس  نه پهچڻ سبب معصوم نينگر ماءُ ۽ پي جي سامهون تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو.

ان موقعي تي  وارثن شاهد ڏيٿو ، رفيق ڏيٿو،  علي نواز ڏيٿو ۽ ٻين  عوامي آواز سان ڳالهيندي چيو ته گذريل رات  معصوم نينگر کي ساھ جي تڪليف سبب نجي اسپتال کڻائي پهتا  جتي خانگي  ڊاڪٽر پاران ڪراچي جي جناح اسپتال لاءِ  ليٽر ڏنو ويو.

هنن چيو تھ   هو  ٻن ڪلاڪن تائين سنڌ حڪومت پاران ڏنل ٺٽي ضلعي لاءِ   پيپلز امن ايمبولينس کي فون ڪندا رهيا پر ڪوبھ جواب نھ مليو.

متاثڙن  سنڌ جي وڏي وزير سيد  مراد علي شاه ۽ ٻين وس وارن کان گهر ڪندي چيو ته لاپراهي ڪندڙن  خلاف ڪاروائي ڪري وڌيڪ معصوم جانيون ضايع ٿيڻ کان بچايون وڃن،…….

هي به ڏسي سگهو ٿا

Adilpur

نيوز | عادلپور: 7 محرم الحرام جي سلسلي ۾ ماتمي جلوس برآمد

عادلپور م  7محرم الحرام  جي سلسلي ۾ ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو . ماتمي جلوس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے