25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڀٽ شاھه : ڀٽ شاھه جي شيخ پاڙي جي رهواسڻ جو بااثر جي زيادتين خلاف احتجاج

Bhit Shah: Women protests against influential*ڀٽ شاھه  جي شيخ پاڙي جي رهواسڻ  بااثر جي زيادتين خلاف پريس ڪلب پهتي.

ڊاڪٽر سيما سهتو پنهنجي ننڍڙين نياڻين سان گڏ شاھ لطيف پريس ڪلب ۾ علائقي جي بااثر ماڻھڻ جي زيادتين خلاف روئيندي ٻڌايو ته هنجو مڙس  6 سال اڳ فوت ٿي چڪو آهي.

 هن چيو تھ  پينشن جي رقم مان گهر وٺي پنهنجي ٻارن سان گڏ زندگي گذاري رهي آھيان.

ڊاڪٽر سيما الزام هڻڻدي چيو تھ   غلام نبي لاکو،  عمران هوت،  حبيب هوت  ۽ سندن ساٿي  هن جي  گهر تي زبردستي قبضو ڪرڻ ۽ کيس قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن.

 هن چيو ته ڪجھ وقت اڳ مٿي ڄاڻايل ماڻهن سندس گهر ۾ زبردستي داخل ٿي کيس تشدد جو نشانو بڻائي سندس پٽ  ضامن علي کي آغواڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.

ڊاڪٽر سيما دانهيو تھ  بااثرن خلاف  ڀٽ شاھ پوليس ۽ ايس ايس پي مٽياري کي درخواست ڏيڻ باوجود ڪا به قانوني ڪاروائي نه ڪئي وئي آھي .

هن روئندي چيو ته سندس  عزت ۽ زندگي کي خطرو  آھي واهر ڪئي وڃي.

ڊاڪٽڙ سيما اختيارين کان مطالبو  ڪيو تھ  ڄاڻايل ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري کيس انصاف ۽  تحفظ فراهم ڪيو وڃي…….

هي به ڏسي سگهو ٿا

NaoDero

نيوز | نئون ديرو: اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا ڦري ويا

نئين ديري ۾ اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا روڪ رقم ڦري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے