26 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: ٽنڊو ڄام: ڦاٽڪ کي گيٽ نه هجڻ سبب ٽرين  جي ٽڪر ۾پورهيت فوت

Tandojam: Train accident with poor worker due to deprivation of signs*ٽنڊي ڄام ڀرسان ڦاٽڪ کي گيٽ نه هجڻ سبب تيز رفتار ٽرين  جي ٽڪر ۾ گڏهه گاڏي تي سوار پورهيت فوت ٿي ويو.

ڳوٺ مريد سپيو ۾ ريلوي ڦاٽڪ تي پنجاب کان حيدرآباد ويندڙ تيز رفتار بزنس ٽرين جو ڳوٺ مريد سپيو ڦاٽڪ وٽ ريلوي ڦاٽڪ کي گيٽ نه هجڻ سبب گڏه گاڏي کي ٽڪر هنيو.

 ٽرين جي ٽڪر ۾   15 ورهين جو   نينگر  زاهد سولنگي موقعي تي ئي فوت ٿي ويو جڏهن تھ گڏهه گاڏو مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو.

حادثي بعد  ٻن ڪلاڪن تائين لاش ريلوي ٽريڪ جي پاسي سان پيل رهيو پر انتظاميه پوليس يا اسپتال عملو پهچي نه سگهيو.

 ان موقعي تي ڳوٺ جي رهواسين آفتاب سپيو، رفيق سپيو، غفار سپيو ۽ ٻين چيو ته گذريل ٻن سالن دوران ڪيترائي  حادثا ٿي چڪا آهن جن ۾ 30 کان وڌيڪ قيمتي جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن.

هنن اختيارين کان گهر ڪندي چيو ته ڳوٺ مريد سپيو جي ريلوي ڦاٽڪ جا دروازا لڳرائي هڪ سرڪاري عملدار مقرر ڪيو وڃي ته جيئن قيمتي جانين جي نقصان کي روڪي سگهجي ………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Jhol

نيوز | جهول: سوئي سدرن گئس ٽيم پاران مختلف علائقن ۾ ڇاپا، غير قانوني گئس ڪنيڪشن ڪاٽا

جهول ۾ سوئي سدرن گئس ٽيم پاران شهر جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي غير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے