24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيوز: وڳڻ: هاءِ وي تي قلندر جي زيارتين جي وين ڪلٽي، ڊرائيور فوت، 12 ڄڻا زخمي

Waggan: Van inverse at Qalandar, 12 people injured*وڳڻ  ويجهو  انڊس هاءِ تي  قلندر جي زائرين جي ويگن گڏهه گاڏي کي بچائيندي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڊرائيور فوت ۽ عورتن ، ٻارڙن ۽ مردن سميت 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

ڳوٺ پکو وٽ انڊس  هاءِ وي تي  سامھون ايندڙ گڏھ گاڏي کي بچائيندي قلندر جي زائرين جي ويگن ڪلٽي ٿي پئي  جنھن سبب ويگن ڊرائيور صدورو  ٿڏي تي فوت ٿي ويو  جڏھن ته رابعا، زھرا، راحيلا، نورالھدا، خوشبو، امام زادي ۽ سردار خاتون سميت 3 مرد صدام، عارف ۽ 2 ٻارڙا زخمي ٿي پيا.

 اطلاع تي  پوليس فوتي ۽ زخمين کي کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال پهچايو جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي، زخمين مان ٽن ڄڻن جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

 رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او پکو مختيار احمد ميمڻ ٻڌايو ته ويگن  ۾ سوار جيڪب آباد ضلعي جا رھواسي آھن جيڪي سيوھڻ کان واپس وڃي رھيا ھيا ته پکو ڀرسان انڊس ھاءِ وي  تي سامھون ايندڙ گڏھ گاڏي کي بچائيندي گاڏي ڪلٽي ٿي پئي……..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | حيدرآباد: چيني واپاري پاران شهر ۾ سڌي ريت واپار ڪرڻ جو اعلان

حيدرآباد ۾ چيمبر آف ڪامرس جي صدر محمد شاهد ۽ چائنا جي صنعتڪار جانگ يانگ  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے