21 جمعو , سيپٽمبر 2018

صدارتي چونڊن لاءِ تياريون آخري مرحلي ۾ داخل، بيلٽ پيپرز جي ڇپائي مڪمل

Continuous schedule for the seats of the provincial assembly of FATAاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) صدارتي چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن جون تياريون آخري مرحلن ۾ داخل ٿي ويون آهن ۽ ان سلسلي ۾ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي جو عمل به مڪمل ڪيو ويو آهي. 4 سيپٽمبر تي رٿيل صدارتي چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن جون تياريون آخري مرحلن ۾ داخل ٿي ويون آهن. اليڪشن ڪميشن صدارتي چونڊن لاءِ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي مڪمل ڪري ورتي آهي. صدارتي چونڊن لاءِ مجموعي طور تي 1500 بيلٽ پيپرز ڇاپيا ويا آهن، اڇي رنگ جا بيلٽ پيپرز واٽر مارڪڊ آهن جن تي ٽن اميدوارن جي نالن سامهون خالي خانو ڇا پيو ويو آهي. ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن پنجن پرزائيڊنگ آفيسرن جي نمائندن کي سڀاڻي طلب ڪيو آهي. صدارتي چونڊن ۾ عارف علوي، مولانا فضل الرحمان ۽ چوڌري اعتزاز احسن ۾ مقابلو ٿيندو، جڏهن ته قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ صوبائي اسيمبلين جا اجلاس هڪ ئي وقت ٿيندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے