25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز: قاضي احمد: جمال شاھ درگاھ مان  4 سال اڳ گم ٿيل نوجوان جو پتو نھ پيو، امڙ بيحال

Qazi Ahmed: Mother collapsed on not getting any clue regarding her kidnapped son*قاضي احمد ويجهو  جمال شاھ درگاھ مان  4 سال اڳ مبينا طور گم ٿيل نوجوان جو پتو پئجي نھ سگهيو.

درگاهه جمال شاهه  ويل  ڳوٺ کائيڙو جو نوجوان غلام شبير ڪوري     4 سال اڳ  پراسرار گم ٿي ويو هو جنهن جو هن وقت تائين ڪوبھ پتو پئجي نھ سگهيو آهي.

گم ٿي ويل غلام شبير ڪوري جي  پيرسن امڙ مسمات حنيفا  روئندي ميڊيا کي ٻڌايو  تھ سندس پٽ چار سال اڳ درگاهه جمال شاهه ويو هو جيڪو اتان گم ٿي ويو هو جنهن جو هن وقت تائين ڪوبھ ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو.

هن چيو تھ  پٽ جي ڳولا لاءِ ٿاڻن ۽ وڏيرن جي  جا چڪرا ڪاٽي ٿڪلجي پئي آهيان پر ڪير بھ مدد ڪرن لاءِ تيار ناهي.

پيرسن عورت چيو تھ  ڪجهه برادري جي ماڻهن تي پٽ جي اغوا جو شڪ هيو تن جا پوليس کي نالا ڏنا آهن پر هن وقت تائين ڪوبھ کڙ تيل ناهي نڪتو.

هن چيو تھ پوليس ۽ وڏيرن پاران کيس ڪيس تان هٿ کڻن لاءِ ڌمڪايو پيو وڃي.

پيرسن عورت آءِ جي سنڌ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ معاملي جو نوٽيس وٺي سندس   کي آزاد ڪرايو وڃي…………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

NaoDero

نيوز | نئون ديرو: اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا ڦري ويا

نئين ديري ۾ اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا روڪ رقم ڦري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے