22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڏهرڪي: ڪاري ڪامڻ  ۾ ورتل   مسڪين هاري جو ڳوٺ جي بااثر جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو

Daharki: Influential made poor worker's life hell*ڏهرڪي ويجھو ڪاري ڪامڻ  جي بيماري سبب  بستري ڀيڙو ٿيل  مسڪين هاري جو ڳوٺ جي بااثر جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو.

بيماري جي بستري تي پيل رحيم داد فقير ميڊيا آڏو دانهيو تھ   هو ڪاري ڪامڻ جو مريض آهي،   هو گهمڻ ڦرڻ کان لار آهي جڏهن تھ غربت سبب علاج بھ نھ ٿو ڪرائي سگهي.

هن الزام هڻندي چيو تھ  ڳوٺ جي  بااثرن  اڪبر علي خان سهرياڻي ۽ ٻين هنجي ڏيڍ ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو آهي، هر روز روينيو کاتي جا نوٽيس ڏياريا وڃن ٿا.

 سندس چوڻ هو تھ   بااثرن سندس جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي ڪير بھ دانهن ڪوڪ ٻڌڻ وارو ناهي.

متاثر چيو تھ روزانو  کيس  روينيو کاتي جا نوٽيس  اچن ٿا    حاضريون ڪاٽي ٿڪجي پيو آهيان.

هن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ معاملي جو نوٽيس وٺي بااثر خلاف قانين قدم کڻي کيس انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي…….

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے