23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڪوٽڙي/سن: روڊ حادثي ۾ قلندر جي مزار تان موٽندڙ 7 ڄڻا فوت، 3 زخمي

Kotri / Sann: Road accident returning from the shrine of Qalandar 7 people died, 3 injuredڄامشوري ڀرسان ٽرڪ ۽ ويگن حادثي ۾ ڪراچي واسي 7 فوت ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پيٽارو ٽول پلازه ڀرسان سيوهڻ زيارت ڪري موٽندڙ پانڌيئڙن جي ويگن ۽ تيز رفتار ٽرڪ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي جي ميمڻ ڳوٺ واسي 7 زيارتي فوت ٿي ويا، ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

فوتين ۾ عبدالغني ، عبدالحميد، دانيال ۽ محمد زبير ميمڻ سميت 7 ڄڻا شامل آهن، جڏهن ته شهباز ۽ اظهر سوڌو ٽي ڄڻا زخمي آهن.

حادثي بعد فوتين ۽ زخمين کي لمس اسپتال ڄامشورو آندو ويو.

حادثي جي زخمين جو چوڻ هو ته مراد پوري ٿيڻ تي سيوهڻ تي حاضري ڀري واپس ڪراچي وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

NorthWaziristan7Martyred, , Thar, IGSindh, Badin, Khoski

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-22

*اتر وزيرستان:فورسز جو آپريشن،9 دهشتگرد مارجي ويا، آفيسر سميت 7 اهلڪارشهيد *ٿر ۾ ڏڪاري حالتن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے