22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: ٺٽو: عوامي تحريڪ پاران سنڌ دشمن منصوبن خلاف پيادل مارچ

Thatta: Public Movement marches against anti-terror planٺٽي ۾عوامي تحريڪ پاران سنڌ دشمن منصوبن خلاف پيادل مارچ ڪيو ويو.

عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ نور احمد ڪاتيار، مٺا خان ۽ بلاول لاشاري سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪن ڪالاباغ ڊيم، پي ٽي آءِ-ايم ڪيو ايم ٺاهه خلاف مڪلي کان ٺٽي تائين ننڍو پيادل مارچ ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته وفاق ۽ پنجاب ڪالاباغ ڊيم سميت ٻيا منصوبا ٺاهڻ جي سازش ڪري رهيا آهن، جن کي سنڌ جو عوام ڪڏهن به نه قبوليندو.

هنن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي لڳاتار هٿرادو کوٽ پيدا ڪري زراعت کي مڪمل طور تباهه ڪيو ويو آهي جنهن سبب هاري توڙي آبادگار بک بدحالي ۽ بيروزگاري جو شڪار بڻجي ويا آهن.

سندن چوڻ هو ته سنڌ ۾ ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي به ميسر ناهي، پر وفاق سنڌ دشمن منصوبا جوڙي سازش ڪري رهيو آهي.

اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سنڌ دشمن منصوبا روڪي سنڌ خلاف سازشون بند ڪرائين………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے